اڱارو, 10 ڊسمبر 2019 - Tue 12 10 2019

منو

نهج البلاغه خطبو 68: ضربت واري رات اميرالمومنين عليه السلام جا ڪلمات

امير المومنين عليه السلام هي ڪلمات ضربت واري رات جي سحر وقت فرمايا ته:

آءُ ويٺو هوس، ته منهنجي اک لڳي ويئي، ايتري ۾ رسول الله صلى الله عليه و آله و سلم جن منهنجي سامهون تشريف فرما ٿيا، مون چيو ته يا رسول الله! مونکي توهان جي امت جي مٿان طرح طرح جي ابتي چالن وارن ۽ دشمنين سان واسطو پيو آهي، تڏهن رسول الله جن فرمايو ته: تون انهن لاءِ بد دعا گهر، جنهن بعد مون (فقط ايترو) چيو ته: بار الها مون کي انهن جي عيوض ۾ انهن کان نيڪ ماڻهو عطا ڪر، ۽ انهن کي منهنجي بدران ڪو برو (حاڪم) ڏي.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found