آچر, 20 آڪٽوبر 2019 - Sun 10 20 2019

منو

نهج البلاغه خطبو 67: پنهنجي اصحابن جي شڪايت

پنهنجي اصحابن جي شڪايت ڪندي فرمايائين ته:

ڪيستائين آءُ توهان سان اهڙي نرمي ۽ رعايت ڪندو رهندس جهڙي انهن اٺن سان ڪئي ويندي آهي، جن جا ٿوها اندران کوکلا ٿي ويا هجن، يا انهن پراڻن ڦاٽل ڪپڙن وانگر جن کي هڪ پاسي کان ٽوپو ڏجي. ته ٻئي پاسي کان ڦاٽي پوندا آهن. جڏهن به شامين جي پهرين فوجي دستن مان ڪو به دستو توهان تي چڙهائي ڪري ٿو ته توهان سمورن جا سمورا (پنهنجن گهرن جا) دروازا بند ڪري ٿا ڇڏيو، ۽ اهڙي طرح اندر لڪي ٿا ويهو، جيئن ڳوھ پنهنجي ٻر ۾ يا چراخ پنهنجي چر۾. جنهن جا توهان جهڙا مددگار هجن تنهن کي ته ذليل ٿيڻو پوندو. ۽ جنهن تي توهان کي (تير وانگر) اڇلبو وڃي،  ته ان تي گويا اهڙو تير اڇلبو ويو جنهن جي چهنب به ڀڳل هجي ۽ ڪمان به ٽٽل هجي. خدا جو قسم ته (گهرن جي) صحنن ۾ ته توهان وڏي تعداد ۾ ڏسڻ ۾ اچو ٿا. پر جهنڊن جي هيٺان ٿورا، آءُ چڱي طرح ۽ سڀ ڪجھ ڄاڻان ٿو ته توهان جي ڪهڙي طرح اصلاح ۽ ڪهڙي طرح ابتي چال دور ٿي سگهي ٿي، ليڪن آءُ پنهنجي نفس کي بگاڙي، توهان جي اصلاح نٿو ڪرڻ چاهيان. الله تعالى توهان جي چهرن کي بي آبرو ڪري ۽ توهان کي بدنصيب ڪري جهڙي توهان باطل سان سڃاڻپ رکوٿا، تهڙي حق سان توهان جي ڄاڻ سڃاڻ نه آهي ۽ جيترو حق کي برباد ٿا ڪريو، اوترو باطل توهان کان نٿو دٻجي سگهي.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found