آچر, 16 جون 2019 - Sun 06 16 2019

منو

نهج البلاغه خطبو 65: سقيفه بني ساعده جي ڪاروائي کانپوءِ جو ارشاد

آنحضرت صلعم جن جي رحلت کانپوءِ جڏهن سقيفه بني ساعده جون خبرون جناب امير عليه السلام کي پهتيون ته پاڻ پڇائين ته انصار ڇا ٿا چون؟ چيائون، ته اهي چون ٿا ته هڪ اسان مان امير ٿئي ۽ هڪ توهان مان جنهن تي حضرت فرمايو ته:

توهان اها ثابتي ڇو نه پيش ڪئي ته رسول الله صلي الله عليه و آله وسلم جن وصيت فرمائي هئي ته انصارن مان جيڪو به چڱو هجي، تنهن سان سٺو برتاءُ ڪريو ۽ جيڪو برو هجي، تنهن کي درگذر ڪيو وڃي ماڻهن عرض ڪيو ته ان ۾ انهن جي خلاف ڪهڙو ثبوت آهي؟ جناب امير فرمايو ته جيڪڏهن حڪومت ۽ امارت انهن جو حق هجي ها، ته پوءِ انهن جي باري ۾ رسول ٻين کي ڇو وصيت ڪري ها، وري حضرت پڇيو ته قريشن ڇاچيو؟ ماڻهن عرض ڪيو ته انهن رسول خدا جي شجري مان هئڻ سبب پنهنجو مستحق ٿيڻ جو دليل پيش ڪيو اهو بڌي حضرت فرمايو ته: انهن شجري جوهڪ هجڻ جو ته دليل پيش ڪيو. پر ان جي ميون کي ضايع ۽ برباد ڪيائون.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found