خميس, 20 جون 2019 - Thu 06 20 2019

منو

نهج البلاغه خطبو 64: صفين ۾ مجاهدن کي اصول جنگ جي تعليم

اي مسلمانؤ ! الله جي خوف کي پنهنجي عادت بڻايو، دلجاءِ ۽ عزت واري چادر ڍڪيو ۽ پنهنجن ڏندن کي ڀيڙيو، ائين ڪرڻ سان تلوارون سرن سان چنبڙي وڄن ٿيون. زره جي پوئواري ڪريو (يعني ان سان ”خود“ مٿي تي فولادي ٽوپي به پايو) ۽ تلوارن کي ٻاهرڪڍڻ کان پهرين مياڻن کي اندران چڱي طرح لوڏي ڏسو، ۽ دشمن کي گهوري ڪاوڙ واري نظر سان ڏسندا رهو، ۽ سڄي کٻي (ٻڻهي پاسي) نيزن سان وار ڪريو۽ دشمن کي تلوارن جي نوڪن تي رکو ۽ تلوارن سان گڏ پنهنجن قدمن کي به اڳتي وڌائيندا هلو، ۽ يقين ڪريو ته توهين الله جي روبرو ۽ رسول جن جي سوٽ سان گڏ آهيو، بار بار حملو ڪريو، ۽ ڀڃڻ کان شرم ڪريو. ان ڪري جو ائين ڪرڻ سان، پيڙهي به پيڙهي شرمندگي ۽ ڦڪائي جو سبب آهي، ۽ محشر ۾ جهنمي باھ جو سبب آهي، خوشيءَ سان پنهنجون جانيون الله جي حوالي ڪري ڇڏيو ۽ اطمينان واري رفتار سان موت ڏي پيش قدمي ڪريو ۽ (شامين جي) هن وڏي جماعت ۽ طنابن سان ڇڪيل خيمن کي پنهنجي پيش نظر رکو، ۽ انهن جي وچ تي حملو ڪريو ڇو ته شيطان انهن جي ڪنهن ڪنڊ ڪڙڇ ۾ لڪو ويٺو آهي جنهن هڪ طرف ته حملي ڪرڻ لاءِ هٿ وڌايو آهي ۽ ٻئي طرف وري ڀڄڻ لاءِ پٺتي قدم هٽائي ڇڏيو آهي. توهان مضبوطي سان پنهنجي ارادي تي مستحڪم رهو تانجو حق (صبح جي) روشني وانگر ظاهر ٿي پوي، (نتيجي ۾) توهين غالب آهيو ۽ الله توهان سان گڏ آهي، اهو توهان جي اعمالن کي ضايع ۽ برباد نه ڪندو.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found