Logo

نهج البلاغه خطبو 63: صفات باري تعاليٰ

هر طرح جي حمد ان الله تعالى جي لاءِ آهي جنهن جي هڪ صفت کان ٻي صفت کي ترجيح نه آهي، جو هو آخر ٿيڻ کان اول ۽ ظاهر ٿيڻ کان پهرين باطن ٿيو هجي. الله تعالى کانسواءِ جنهن کي به  هڪ چيو ويندو سو تنگي ۽ ڪمي ۾ ٿيندو. هن کانسواءِ هر عزت وارو ذليل آهي. ۽ هر طاقتور ڪمزور ۽ عاجز آهي، ۽ هر مالڪ مملوڪ آهي، ۽ هر ڄاڻڻ وارو سکڻ واري جي منزل ۾ آهي. هن کانسواءِ هر قدرت ۽ حڪومت ڪرڻ وارو ڪڏهن قادر ٿئي ٿو، ته ڪڏهن عاجز هن کانسواءِ هر ٻڌڻ وارو هيڻن ۽ جهيڻن آوازن جي ٻڌڻ سان لاچار ٿئي ٿو. بلند آواز (پنهنجون رڙيون) ان کي ٻوڙو ڪن ٿيون، ۽ پوءِ پري جا آواز ان تائين نٿا پهچن ۽ هن کان سواءِ هر ڪو ڏسڻ وارو مخفي رنگن ۽ لطيف جسمن کي ڏسڻ سان نابينو ٿئي ٿو هن کانسواءِ ڪو به ظاهر باطن نٿو ٿي سگهي ۽ ڪوبه باطن ظاهر نٿو ٿي سگهي.

ان پنهنجي ڪنهن به مخلوق کي ان ڪري پيدا نه ڪيو ته هو پنهنجي اقتدار جي بنيادن کي پختو ڪري يا وري زماني جي ڪمن جي نتيجن ۽ انجامن کان ان کي ڪو خطرو هو، يا ڪنهن هڪ جهڙي جي حملي ڪرڻ جو يا اڪثريت حاصل ڪندڙ شريڪ يا بلندي ۾ ٽڪر کائڻ واري مد مقابل جي خلاف کيس مدد حاصل ڪرڻي هئي.

پر هي سموري مخلوق سندس قبضي ۾ آهي، ۽ سڀئي هن جا عاجز ۽ ڪمزور بندا آهن. هو ٻين شين ۾ ائين سمايل نه آهي، جو چئي سگهجي ته هو انهن ۾ اندر آهي، ۽ نه انهن شين کان پري آهي، جو چيو وڃي ته هو انهن کان جدا آهي، مخلوق جي بنائڻ ۽ عالم جي سوچ ويچار کيس ماندو يا بيوس نه ڪيو آهي ۽ نه وري (مرضي موجب) شين کي پيدا ڪرڻ سان کيس ڪمزوري ۽ هيڻائي ورتو هجي ۽ نه ان کي پنهنجي فيصلن ۽ اندازن ڪرڻ ۾ ڪو شڪ ٿيو آهي، بلڪ سندس فيصلا مضبوط ۽ احڪام بلڪل ضروري ۽ آخري آهن. مصيبت جي وقت به ان ۾ اميد ۽ آسرو رهندو آهي، ۽ نعمت جي وقت به ان جو خوف لڳندو رهي ٿو.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found
Powered by Komento
2011 © هن سائيٽ جا سڀ حق ۽ واسطا محفوظ آهن.