اڱارو, 10 ڊسمبر 2019 - Tue 12 10 2019

منو

نهج البلاغه خطبو 62: دنيا کان بيزاري

الله جا بندؤ! الله کان ڊڄو ۽ موت کان پهرين پنهنجي نيڪ اعمالن جو ذخيرو گڏ ڪريو ۽ دنيا فاني جون شيون ڏئي، بقا واريون شيون خريد ڪريو. هلڻ جي تياري ڪريو ڇو جو توهان کي تيزيءَ سان نيو وڃي ٿو، ۽ موت لاءِ آماده ٿي وڃو، جو هو توهان جي سرن جي مٿان لامارا پيو هڻي. توهان کي اهڙن ماڻهن وانگر ٿيڻ گهرجي، جو انهن کي سڏيو ويو ته اهي اٿي کڙا ٿيا، ۽ اهو سمجهي ڇڏيائون ته دنيا انهن جو گهر نه آهي، جنهن کي (آخرت سان) بدلايو ويو هجي. ازانسواءِ الله تعالى توهان کي بيڪار پيدا نه ڪيو آهي.۽ نه وري ان توهان کي ڇڙواڳ ڪري ڇڏيو آهي. موت توهان جي راھ ۾ اٽڪاءُ ڪيو بيٺو آهي، جنهن جي اچڻ سان ئي توهان کي جنت ملندي يا دوزخ ملندو. اهو حياتيءِ جو عرصو جنهن کي هر گذرڻ وارو لحظو گهٽ ڪري رهيو هجي. ۽ هر ڪا ساعت ان جي عمارت کي ڊاهي رهي هجي، سا گهٽ ئي سمجهڻ جي لائق آهي ۽ اهو مسافر، جنهن کي هر ڪو نئون ڏينهن ۽ هر ڪا نئين رات (لڳا تار) ڇڪيندي وٺي پئي وڃي، تنهن جو منزل تائين پهچڻ جلد ئي سمجهڻ گهرجي، ۽ اهو سفر جي ارادي ڪرڻ وارو، جنهن جي سامهون هميشه جي فتح يا ناڪاميءَ جو سوال آهي، تنهن کي بهتر کان بهتر پنهنجي لاءِ ثمر مهيا ڪرڻ جي ضرورت آهي.

بهر نوع هن دنيا ۾ رهندي ان مان ايترو ته آخرت لاءِ ثمر حاصل ڪري وٺو، جنهن جي ذريعي سڀاڻي ( محشر ۾) پنهنجي نفسن کي بچائي سگهو. جنهن جي صورت فقط اها آهي ته بندو پنهنجي الله کان ڊڄي، پنهنجي نفس سان خير خواهي ڪري (مرڻ کان پهرين) توبه تائب ٿئي. پنهنجي خواهشن کي قابو ۾ رکي جيئن ته موت ان جي نظر کان غائب (لڪل) آهي۽ اميدون ڌوڪي ڏيڻ واريون آهن ۽ شيطان ان تي سوار ٿيو بيٺو آهي جيڪو گناهن کي ٺاهي ڪري ان جي سامهون آڻي ٿو، ته هو ان ۾ مبتلا ٿئي ۽ توبه جي دلاسي ۽ ڏڍ ۾ رهي، ان جي غفلت سان ٽال مٽول ڪري ٿو، تانجو بي خبري ۽ غفلت واري حالت ۾ مٿس اوچتو موت اچي ڪڙڪي ٿو.

افسوس! جو ان غافل ۽ بيخبر جي حياتيءَ وارو عرصو ان جي خلاف هڪ ثابتي ۽ دليل بڻجي وڃي ٿو، ۽ پوءِ ان جي زندگيءَ جو انجام بدبختيءَ جي صورت ۾ ٿئي ٿو.

اسين الله سبحانه کي عرض ڪريون ٿا، ته هواسان کي ۽ توهان کي اهڙو ڪري جو (دنيا جون) نعمتون سرڪش ۽ نافرمان نه ڪري سگهن، ۽ ڪنهن به منزل تي پروردگار جي اطاعت کان مصيبت زده ۽ عاجز نه ٿيون، ۽ مرڻ کان پوءِ نه شرمساري کڻڻي پوي نه رنج و غم سهڻو پوي.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found