آچر, 20 آڪٽوبر 2019 - Sun 10 20 2019

منو

نهج البلاغه خطبو 61: اعمال صالح جي طرف ترغيب

توهان کي معلوم هئڻ گهرجي ته دنيا هڪ گهر آهي، جو ان جي (انجامن اختتامن) کان بچڻ جو ساز سامان انهي ۾ ئي رهي ڪري ٺاهي سگهجي ٿو، ۽ ڪنهن (به) اهڙي ڪم کان، جيڪو فقط هن دنيا جي لاءِ ڪيو وڃي، تنهن کان ڇوٽڪارو نٿو ملي سگهي. ماڻهو هن دنيا ۾ آزمائش ۾ وڌا ويا آهن. ماڻهن هن دنيا ۾ جيڪي ڪجھ به هن دنيا لاءِ گڏ ڪيو هوندو، تنهن کان کين جدا ڪيو ويندو ۽ ان حاصلات جو کانئن حساب ورتو ويندو، پر جيڪي ڪجھ هن دنيا مان آخرت جي لاءِ ڪمايو هوندائون. اهو اڳتي هلي کين ملندو، ۽ انهيءَ ۾ ئي رهندا گذاريندا، هيءُ دنيا ڏانهن ( عقلمندن) جي اڳيان هڪ وڌندڙ پاڇو آهي، جنهن کي اڃا هاڻي وڌيل ۽ ڦهليل ڏسي رهيا هئا، سو ڏسندي ڏسندي گھٽجي ۽ ويڙهجي ويو.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found