آچر, 18 آگسٽ 2019 - Sun 08 18 2019

منو

نهج البلاغه خطبو 58: خارجين کي خطاب

خارجين کي مخاطب ڪندي فرمايائين ته:

توهان تي (ڌوڙ وارا) طوفان اچن ۽ توهان ۾ ڪو به سڌارڻ يا درست ڪرڻ وارو باقي نه رهي. ڇا! آئون الله تي ايمان آڻڻ ۽ رسول الله جن سان گڏجي جهاد ڪرڻ کان پوءِ پاڻ تي ڪفر جي شاهدي ڏئي سگهان ٿو؟ پوءِ ته آءُ گمراه ٿي ويس. ۽ هدايت حاصل ڪرڻ وارن ماڻهن مان نه رهيس. توهين پنهنجن (پراڻن) بڇڙن (گهرن) هنڌن ڏانهن موٽي وڃو، ۽ پنهنجن کڙين جي نشانن تي واپس هليا وڃو. ياد رکو! توهان کي مون کان پوءِ ڇانئجي ويندڙ ذلت ۽ وڍڻ واري تلوار سان واسطو پوڻو آهي، ۽ ظالمن جي ان روش سان به واسطو پوڻو آهي، جو اهي  توهان کي محروم ڪري، هر شيءِ کي پنهنجي لاءِ مخصوص ڪندا.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found