سومر, 14 آڪٽوبر 2019 - Mon 10 14 2019

منو

نهج البلاغه خطبو 57: امير المومنين (عليه السلام) تي سب و شتم

پنهنجي اصحابن کي فرمايائين ته:

ياد رکو! مونکان پوءِ جلد ئي توهان تي اهڙو شخص غالب ٿيندو، جنهن جو حلق ڪشادو ۽ پيٽ وڏو هوندو، جيڪي ملندس سو ڳهي ويندو، ۽ جيڪي نه ملندس تنهن جي تلاش لڳي رهندس (چڱو ته ائين آهي جو) توهان هن کي قتل ڪري ڇڏيو، ليڪن مونکي اها خبر آهي، ته توهان هن کي ڪڏهن به قتل نه ڪندؤ. هو توهان کي حڪم ڪندو، ته مونکي برو ڀلو چئو، ۽ مون کان بيزاريءَ جو اظهار ڪريو. جيستائين بري چوڻ جو تعلق آهي، مون کي ڀلي ڳالهائجو. ان ڪري جو اها منهنجي لاءِ پاڪيزگيءَ جو سبب ۽ توهان جي لاءِ (دشمنن کان) نجات حاصل ڪرڻ جو سبب آهي. ليڪن (دل سان ڪڏهن به) بيزاري اختيار نه ڪجو. ان ڪري جو آءُ فطرت (جي دين) تي پيداٿيو آهيان. پڻ ايمان ۽ هجرت ۾ اڳ ۾ ۽ پهريون آهيان.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found