جمع, 26 اپريل 2019 - Fri 04 26 2019

منو

نهج البلاغه خطبو 56: پيغمبر صلعم جن جي اصحابن جي شجاعت ۽ استقلال جو ذڪر

اسين(مسلمان) رسول الله صلي الله عليه و آله وسلم  جن سان گڏ ٿي پنهنجن، پيئن، پٽن، ڀائرن ۽ چاچن کي قتل ڪندا هئا سين، جنهن کان اسان جو ايمان وڌندو هو . تابعداري ۽ حق جي راھ جي پيروي ڪرڻ ۾ واڌارو ٿيندو هو. پڻ ڏکن، دردن جي تڪليفن تي صبر ڪرڻ ۾ اضافو ٿيندو هو. ۽ دشمنن سان جهاد ڪرڻ جون ڪوششون وڌي وينديون هيون، جهاد (جي صورت اها هئي ته) اسان مان هڪ شخص ۽ دشمن جي فوج جو ڪو به سپاهي، ٻئي پهلوانن وانگر پاڻ ۾ ڳنڍجي مقابلو ڪندا هئا ۽ مارڻ لاءِ پيا لامارا ۽ جھٽ هڻندا هئا. ته ڪير ٿو پنهنجي حريف کي موت جو پيالو پيئاري، پوءِ ڪڏهن اسان جي فتح ٿيندي هئي ته ڪڏهن اسان جي دشمن جي، اهڙي طرح جڏهن الله تعالى اسان جي (نيتن جي) سچائي ڏٺي.تڏهن اسان جي دشمنن کي ذليل ۽ خوار ڪيائين، اسان جي تائيد ۽ مدد ڪيائين. ايتري قدر، جو اسلام جو سينو تاڻي پنهنجي جاءِ تي ڄمي ويو، ۽ پنهنجي منزل تي برقرار ٿي ويو، خدا جو قسم! ته جيڪڏهن اسين به توهان وانگر ڪيون ها ته نه اسلام جو ٿنبو(مضبوطي سان) کُپي ها، ۽ نه ايمان جو وڻ ميوو جھلي ها.

خدا جوقسم! ته توهان پنهنجي ڪئي جي عيوض ۾ (کير جي بجاءِ) سراسر خون ڏهندو ۽ آخر ۾ توهان کي پشيماني ۽ شرمندگي کڻڻي پوندي.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found