اڱارو, 20 آگسٽ 2019 - Tue 08 20 2019

منو

نهج البلاغه خطبو 55: صفين ۾ جهاد جي اجازت ملڻ ۾ دير ٿيڻ وقت

صفين ۾ حضرت جي اصحابن ، جڏهن جهاد ڪرڻ جي اجازت ملڻ ۾ دير ڪرڻ جي باري ۾ بيقراري ڏيکاري، تڏهن پاڻ ارشاد ڪيائين ته:

توهان ماڻهن جو هيئن چوڻ، ته ائين دل من هڻڻ انهيءَ ڪري آهي، ته آءُ موت کان بيزار آهيان، ۽ ان کان ڀڄان ٿو، سو خدا جو قسم!  ته مونکي ذري برابر به پرواھ ناهي ته آءُ موت جي طرف وڌان يا موت منهنجي طرف وڌي، پڻ اهڙي طرح توهان جو ائين به چوڻ آهي ته مون کي شام وارن سان جهاد ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ ۾ شڪ آهي، ته پوءِ خدا جو قسم، ته مون ڪڏهن به جنگ کي هڪ ڏينهن جي لاءِ به ملتوي نه ڪيو آهي، مگر ان خيال سان ته شايد، انهن مان ڪو گروھ اچي مون سان ملي، ۽ منهنجي ڪري هدايت حاصل ڪري، ۽ پنهنجن چچين اکين سان منهنجي روشنيءَ کي به ڏسي وٺي، ۽ مون کي اها ڳالھ، هن کي گمراهي جي حالت ۾ قتل ڪرڻ کان وڌيڪ پسند آهي، جيتوڻيڪ پنهنجي گناهن جا ذميوار هي خود ٿيندا.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found