اڱارو, 10 ڊسمبر 2019 - Tue 12 10 2019

منو

نهج البلاغه خطبو 54: صفين ۾ جنگ کان روڪڻ

صفين ۾ جنگ کان روڪڻ تي ماڻهن جو هجوم ۽ بيقراري

اهي اهڙي طرح بي ڌڙڪ ڊوڙي اچي مونکي چنبڙيا، جهڙي طرح پاڻي پيئڻ جي ڏينهن اهي اٺ هڪٻئي تي ٽٽندا آهن، جن جي پيرن جا ٻنڌڻ، جت ڇوڙي کليو ڇڏي ڏيندو آهي، تانجو مونکي اهو گمان ٿيڻ لڳو ته، يا ته مون کي ماري ڇڏيندا  يا منهنجي سامهون انهن مان ڪو ڪنهن کي خون ڪري ڇڏيندو، مون ان معاملي کي اندران توڙي ٻاهران اٿلائي پٿلائي ڏٺو، ته مونکي جنگ کان سواءِ ٻي ڪا صورت نظر نه آئي ، يا ائين ته حضرت محمد صلي الله عليه و آله وسلم جن جي آندل حڪمن کان انڪار ڪريان،  ليڪن آخرت جي سختين سهڻ کان مون کي جنگ جون سختيون سهڻ آسان نظر آيون، ۽ آخرت جي تباهين کان دنيا جون تباهيون منهنجي لاءِ آسان نظر آيون.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found