Logo

نهج البلاغه خطبو 52: دنيا کان بيزاري جي تلقين

(آگاھ ٿيو ته) دنيا پنهنجو دامن ويڙهي رهي آهي، ۽ ان پنهنجي رخصت ٿيڻ جو پڻ اعلان ڪري ڇڏيو آهي. سندس ڄاتل سڃاتل شيون اڻ واقف ٿي ويون آهن  هو تيزي سان پوئتي هٽي رهي آهي، ۽ پنهنجن رهندڙن کي فنا جي طرف ڌڪي رهي آهي، ۽ پنهنجي پاڙي ۾ رهندڙن کي موت جي طرف اڇلائي رهي آهي، ان جا مٺاڻ (وارا مزا) ڪڙا ۽ صاف شفاف گھڙيون ۽ ساعتون ميريون ٿي چڪيون آهن، دنيا منجھان بس ايترو رهجي ويو آهي، جيترو ڪنهن ٿانءَ ۾ بچيل پاڻي يا ماپيل پاڻي جو ڍڪ، جنهن کي اڃايل جيڪڏهن پئي، ته ان جي اڃ به نه لهي.

الله جا ٻانهو! هن دار دنيا مان، جنهن ۾ رهندڙن لاءِ زوال لازمي امر آهي، نڪرڻ جي تياري ڪريو. پوءِ ائين نه ٿئي، جو اميدون توهان تي غالب ٿي وڃن، ۽ (هن چند ڏينهن جي زندگي) جي موت کي طويل سمجھي ويهو، خدا جو قسم! جيڪڏهن توهان انهن ڏاچين وانگر فرياد ڪريو، جيڪي پنهجن گورن کي وڃائي چڪيون آهن، ۽ انهن ڪبوترن وانگر روڄ راڙو ڪيو (جيڪي  پنهنجي ساٿين) کان جدا ٿيا هجن. ۽ انهن گوشه نشين راهبن وانگر چيخ و پڪار ڪريو، جيڪي گھر ٻار ڇڏي چڪا هجن ۽ مال ۽ اولاد تان به پنهنجا هٿ کڻي ڇڏيو انهي مقصد سان، ته الله جي بارگاھ ۾ توهان کي ويجھڙائي نصيب ٿئي،  يعني ان وٽان بلند درجي جي حاصل ٿيڻ سان، يا وري انهن گناهن جي معاف ٿيڻ سان، جيڪي صحيفه اعمال ۾ لکيل آهن ۽ ڪراما ڪاتبين کي ياد آهن ته پوءِ اهي سموريون آه و زاريون ۽ بيتابيون، ان ثواب جي  لحاظ کان، جنهن جو آءُ توهان لاءِ اميدوار آهيان ۽ ان عتاب (عذاب) جي اعتبار کان، جنهن جو مون کي توهان لاءِ انديشو آهي، سو تمام گھٽ ٿيندو.

خدا جو قسم!  ته جيڪڏهن توهان جون دليون ڳري رجي وڃن، ۽ توهان جون اکيون اميد ۽ ڊپ ڪري رت روئن ۽ پوءِ رهندي دنيا تائين (انهي حالت ۾) جيئرا به رهو، ته پوءِ توهان جا اعمال جيتوڻيڪ توهان انهن جي ڪرڻ ۾ ڪا ڪثر نه ڇڏي هجي، ته انهن عظيم نعمتن جي بخششن، عنايتن، ۽ ايمان جي طرف رهنمائي جو بدلو لاهي نٿا سگھو.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found
Powered by Komento
2011 © هن سائيٽ جا سڀ حق ۽ واسطا محفوظ آهن.