آچر, 18 آگسٽ 2019 - Sun 08 18 2019

منو

نهج البلاغه خطبو 51: فرات جي ڪناري تي معاويه جو قبضو

جڏهن صفين واري جنگ ۾ معاويه جي ماڻهن، جناب امير عليه السلام جي اصحابن تي غلبو ڪري، فرات جي ڪناري تي قبضو ڄمايو ۽ پاڻي بند ڪيائون، تڏهن پاڻ فرمائين ته:

هو توهان کان جنگ جا لقما طلب ڪن ٿا،  ته پوءِ هاڻي يا ته توهين ذلت ۽ پنهنجي حيثيت جي پستي ۽ حقارت تي سر تسليم خم ڪريو، يا تلوارن جي پياس خون سان لاهي، پنهنجي پياس پاڻي سان اجھايو. توهان جو انهن کان ڊڄي ۽ دٻجي وڃڻ، گويا جيئري موت آهي. ۽ (دشمن تي) غالب اچي مرڻ به جيئڻ جي برابر آهي، معاويه گمراهن جو ۽ سر ڦريلن جو هڪ ننڍو جٿو ساڻ ڪري وتي ڦرندو. ۽ انهن کي اصل حقيقتن کان اونداهي ۾ رکي ڇڏيو اٿس، ايتري قدر، جو هنن پنهنجن سينن کي، موت (جي تيرن) جو نشانو بڻايو آهي.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found