Logo

نهج البلاغه خطبو 50: فتني فساد جو سبب

فتنن جي ظاهر ٿيڻ جو آغاز اهي نفساني خواهشون ٿين ٿيون، جن جي پيروي ڪئي ويندي آهي، ۽ اهي نوان ايجاد ڪيل حڪم به آهن، جن ۾ قرآن جي مخالفت ڪئي وڃي ٿي. جن کي رونق ڏيڻ لاءِ  ڪجھ ماڻهو دين الاهي جي خلاف گڏ ٿي، هڪ ٻئي جا مددگار ٿين ٿا، ۽ چون ٿا، ته جيڪڏهن باطل حق جي آميزش کان خالي هجي ها، ته اهو ڳولڻ وارن کان پوشيده نه هجي ها ۽ جيڪڏهن حق باطل جي  شڪ کان پاڪ صاف ٿي سامهون اچي ها، ته بغض رکڻ واريون، زبانون به بند ٿي وڃن ها، ليڪن ائين ٿو ٿئي، ته ڪجھ هتان ٿو ورتو وڃي ۽ ڪجھ هتان، ۽ پوءِ ٻنهي کي پاڻ ۾ گڏ ڪيو وڃي ٿو انهيءَ موقعي تي شيطان پنهنجي دوستن تي ميڙو ڪري ٿو، ۽ فقط اهي ئي ماڻهو بچندا رهن ٿا، جن لاءِ خدائي قوتون ۽ عنايتون اڳي ئي موجود هيون ۽ رڳو اهي شخص بچي وڃن ٿا، جن جي لاءِ خدا ئي توفيق ۽ الاهي عنايتون اڳ ۾ ئي موجود هجن.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found
Powered by Komento
2011 © هن سائيٽ جا سڀ حق ۽ واسطا محفوظ آهن.