Logo

نهج البلاغه خطبو 49: صفات باري تعاليٰ

سڀ تعريفون ان الله جي لاءِ آهن، جيڪو ڳجھين شين جي گھراين تائين پهتل آهي، ان جي ظاهر ۽ پڌري ٿيڻ جون نشانيون سندس وجود ذي جود جون ثابتيون ڏين ٿيون. جيتوڻيڪ هو ڏسڻ واري اک سان نظر نٿو اچي، مگر پوءِ به نه ڏسڻ واري اک ان جو انڪار نٿي ڪري سگھي، جنهن ان (جي هجڻ) جو اقرار ڪيو، تنهن جي دل به ان جي اصليت يا حقيقت کي حاصل نٿي ڪري سگھي.

هو ايترو بلند ۽ بالا آهي، جو ڪا به شي، ان کان وڌيڪ بلند تر ٿي نٿي سگھي، ۽ ايترو ته ويجھي کان ويجھو آهي، جو ڪا به شي ان کان وڌيڪ قريب تر نه آهي، ۽ نه سندس بلندي کيس مخلوقات کان پري ڪري ڇڏيو آهي، ۽ نه سندس ويجھڙائي کيس ٻين جي سطح تي آڻي، انهن جي برابر ڪيو آهي. هن عقلن کي پنهنجي صفتن جي حدن ۽ آخر (تمام) کان آگاھ نه ڪيو آهي، ۽ نه وري ضروري انداز (مقدار ۾) معرفت حاصل ڪرڻ لاءِ انهن اڳيان پردا حائل ڪيا اٿس، هو اهڙي ذات آهي، جو جنهن جي وجود جا نشان، اهڙي ريت شاهدي ڏين ٿا، جو (زبان سان) انڪار ڪرڻ واري جي دل اقرار ڪرڻ کان سواءِ رهي نٿي سگھي. الله تعالي انهن ماڻهن جي ڳالهين کان نهايت بلند ۽ برتر آهي، جيڪي مخلوقات سان سندس تشبيھ ڏين ٿا، ۽ سندس وجود جو انڪار ڪن ٿا.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found
Powered by Komento
2011 © هن سائيٽ جا سڀ حق ۽ واسطا محفوظ آهن.