جمع, 26 اپريل 2019 - Fri 04 26 2019

منو

نهج البلاغه خطبو 48: شام جي سفر واري راھ ۾

الله تعاليٰ جي لاءِ ئي حمد و ثنا آهي، جڏهن به رات ٿئي ۽ اونداهي ٿي وڃي، ته الله تعالى جي اها به تعريف ۽ توصيف آهي. جڏهن به ستارو نڪري ۽ وري گم ٿئي، سا به الله تعالى جي تعريف ۽ ساراھ آهي، جنهن جا انعام ڪڏهن به ختم نٿا ٿين، ۽ جنهن جي احسانن جو عيوض نٿو لاهي سگھجي.

(توهان کي خبر هجي ته) مون فوج جي دستي جي اڳيان، هلڻ واري گهوڙي سوار کي موڪلي ڇڏيو آهي، ۽ ان کي حڪم ڪيو اٿم، ته منهنجي فرمان پهچڻ تائين، هو دريا جي ڪناري تي منزل ڪري، ۽ منهنجو ارادو آهي ته دريا پار ٿي، ان ننڍي گروھ وٽ پهچي وڃان، جيڪو ”دجلي“  جي طرف (مدائن) ۾ آباد آهي. ۽ انهن کي به توهان سان گڏ دشمنن جي مقابلي ۾ کڙو ڪيان، ۽ انهن کي به توهان جي فوجي امداد لاءِ ذخيرو ڪريان.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found