جمع, 26 اپريل 2019 - Fri 04 26 2019

منو

نهج البلاغه خطبو 47: ڪوفي جي متعلق غيب جي خبر

اي ڪوفه! اهو ئي منظر گويا پنهنجي اکين سان ڏسي رهيو آهيان، ته توکي اهڙي طرح ڇڪيو پيو وڃي، جيئن عڪاظ واري بازار جو رڱيل چمڙو، ۽ ڏکن ڏوجھرن، غمن واري تباهي۽ برباد ڪرڻ سان توکي چپي چٿي چلهي پامال ڪيو پيو وڃي، ۽ تون سختين ۽ حادثن جي سواري بنيل آهين، مون کي خبر آهي، ته جيڪو ظالم ۽ سرڪش توسان بڇڙائي جو ارادو ڪندو ، تنهن کي الله تعالى ڪنهن مصيبت ۾ مبتلا ڪندو، ۽ ان کي ڪنهن قاتل جي ور چاڙهيندو.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found