خميس, 20 جون 2019 - Thu 06 20 2019

منو

نهج البلاغه خطبو 45: حمد باري تعاليٰ ۽ دنيا جي ناپائداري

سڀڪا تعريف ان الله تعالى جي لاءِ آهي، جنهن جي رحمت کان نا اميدي نه آهي. ۽ جنهن جي نعمتن کان ڪنهن جي به جھولي خالي نه آهي، نه سندس مغفرت کان ڪو مايوس آهي، ۽ نه ان جي عبادت کان ڪنهن کي ڪو عار ٿي سگھي ٿو، ۽ نه وري سندس رحمتن جو ڪو سلسلو ٽٽي ٿو. ۽ نه ان جي نعمتن جا وڏا فائدا ڪڏهن کٽن ٿا، دنيا هڪ اهڙو گھر آهي، جنهن جي لاءِ فنا طئي ٿيل امر آهي، ۽ ان ۾ رهڻ وارن کي هتان نڪرڻ هر صورت ۾ لازمي آهي، هيءَ دنيا مٺي، سرسبز ۽ شاداب آهي. پنهنجي چاهڻ وارن ڏي تيزيءَ سان وڌي ٿي، ۽ ڏسڻ واري جي دل ۾ اثر ڪري ٿي، توهان وٽ جيڪو به بهتر کان بهتر توشو ٿي سگھي ٿو، سو کڻي دنيا مان نڪرڻ لاءِ تيار ٿي وڃو. هن دنيا ۾ پنهنجي ضرورت کان وڌيڪ ڪجھ به نه چاهيو ۽ جيتري قدر زندگي بسر ٿي سگھي، تنهن کان وڌيڪ خواهش نه ڪريو.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found