Logo

نهج البلاغه خطبو 44: مصلقه جي فرار کان پوءِ

جيئن ته هن جناب امير (عليه السلام) جي هڪ عامل (حاڪم) کان بني ناجيه جا ڪجھ قيدي خريد ڪيا هئا. جڏهن حضرت ان کان انهن جي قيمت جي گھر ڪئي، تڏهن هو بد ديانتي ڪندي شام ڏي هليو ويو. اها خبر ٻڌي فرمايائين ته:

خدا مصلقه کي بڇڙو ڪري، هن ڪم ته شريفن جهڙو ڪيو ليڪن غلامن وانگر ڀڄي ويو. هن مدح ڪرڻ واري جو وات، تعريف ڪرڻ کان اڳ ۾ ئي بند ڪري ڇڏيو، ۽ وصف بيان ڪرڻ واري جي قول مطابق پنهنجي عمل ڏيکارڻ کان اڳ ۾ ئي کيس خاموش ڪري ڇڏيائين. جيڪڏهن هو ترسي ها، ته اسين هن کان ايترو حاصل ڪيون ها جيترو هن لاءِ ممڪن هجي ها، ۽ بقايا لاءِ سندس مال جي زياده ٿيڻ جو پڻ انتظار ڪريون ها.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found
Powered by Komento
2011 © هن سائيٽ جا سڀ حق ۽ واسطا محفوظ آهن.