اڱارو, 10 ڊسمبر 2019 - Tue 12 10 2019

منو

نهج البلاغه خطبو 43: قاصد جو انتظار

جناب امير عليه السلام جڏهن جرير بن عبد الله بجلي کي معاويه ڏي (بيعت وٺڻ لا) موڪليو، ته اصحابن کيس جنگ جي تياري جي صلاح ڏني، جنهن بعد پاڻ فرمايائين ته:

منهنجو جنگ لاءِ تيار ٿيڻ جڏهن ته جرير اڃا اتي آهي، (ڄڻ ته) شام جو دروازو بند ڪرڻو آهي. اتي جا ماڻهو کڻي بيعت جو ارادو به ڪن، ته پوءِ انهن کي ان نيڪ ڪم کان روڪڻ جي برابر آهي. بيشڪ مون جرير جي لاءِ هڪ وقت مقرر ڪري ڇڏيو آهي، پوءِ جيڪڏهن هو اتي رهندو، ته پوءِ يا ته هو هن (معاويه) جي فريب ۾ مبتلا ٿي رهندو يا عمدا نافرماني ڪندو، صحيح راءِ جي تقاضا آهي: صبر ۽ ترسڻ، تنهن ڪري اڃا صبر ڪريو. ها! آءُ ان ڳالھ کي به خراب نٿو سمجھان ته (اندروني طرح) جنگ جو سامان به تيار ڪندا رهو.

مون ان ڳالھ کي چڱيءَ ريت پرکي ڇڏيو آهي  ۽ اندر ٻاهر کان ڏسي ڇڏيو آهي. مون کي ته سواءِ جنگ جي ٻيو ڪو چارو نظر نٿو اچي، يا وري هيئن ته رسول جي ٻڌايل ڳالهين ۽ خبرن کان انڪار ڪريان. حقيقت هيءَ آهي، ته (مون کان اڳ) هن امت تي هڪ اهڙو حڪمران هو جنهن دين ۾ بدعتون پکيڙيون ۽ ماڻهن کي طعنن هڻڻ جا موقعا ڏنا. شروع ۾ ته ماڻهن هينئن زباني پئي چيو۽ ٻڌو، پر پوءِ مٿس بگڙيا ۽ نيٺ سارو خاڪو بدلائي ڇڏيائون.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found