آچر, 18 آگسٽ 2019 - Sun 08 18 2019

منو

نهج البلاغه خطبو 42: وڏين اميدن کان منع ڪرڻ

اي انسانو! مونکي توهان جي باري ۾ سڀ کان وڌيڪ ٻن ڳالهين جو انديشو آهي: هڪ خواهش جي پيروي ۽ ٻي اميدن جي ڪثرت، خواهشن جي پيروي اها آهي، جيڪا حق کان روڪي ٿي، ۽ گھڻيون اميدون آخرت کي وساري ڇڏين ٿيون، توهان کي معلوم هئڻ گھرجي  ته دنيا تيزيءَ سان هلي رهي آهي، ۽ ان مان ڪجھ نه باقي رهيو آهي، پر فقط ايترو رهيو آهي جو جنهن ٿانءُ کي اونڌي ڪرڻ کان پوءِ منجھس آلاڻ رهندي آهي، ۽ آخرت هيڏانهن رخ ڪري اچي رهي آهي، ۽ ان ۾ دنيا و آخرت جا مخصوص ماڻهو هوندا آهن، ته پوءِ توهان آخرت جا فرزند بڻجو ۽ نه دنيا جا اولاد ٿيو، ان ڪري جو قيامت ۾ هر هڪ پٽ پنهنجي ماءُ سان وابسته ٿيندو، اڄ عمل جو ڏينهن آهي ۽ حساب نه آهي، ۽ سڀاڻي حساب جو ڏينهن ٿيندو ۽ عمل نه ٿي سگھندو.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found