جمع, 26 اپريل 2019 - Fri 04 26 2019

منو

نهج البلاغه خطبو 41: وفاداري

وعدي جي وفائي ۽ سچائيءَ جو پاڻ ۾ هميشه جو ساٿ آهي، ۽ منهنجي علم ۾ انهن کان وڌيڪ حفاظت لاءِ ٻي ڪا ڍال نه آهي. جيڪو ماڻهو پنهنجي بازگشت واري حقيقت ڄاڻي ٿو، سو ڪڏهن به غداري نٿو ڪري، مگر اسان جو زمانو اهڙوآهي، جنهن ۾اڪثر ماڻهن عذر ۽ فريب کي عقل ۽ سمجھ ڄاتو آهي، ۽ جاهلن انهن جي (چالن) کي تدبير جي حسن سان منسوب ڪيو آهي. الله انهن کي غارت ڪري، انهن کي ڇا ٿيو آهي؟ اهو شخص، جيڪو زماني جا لاها چاڙها ڏسي چڪو آهي، ۽ ان جي هيري ڦيري کان واقف آهي، سو جڏهن به ڪا تدبير پنهنجي لاءِ ڏسندو آهي، ته وري الله تعالى جا (حڪم) اوامر ۽ نواهي سندس رستو روڪي بيهن ٿا، ته جيئن هو ان حيلي ۽ تدبير کي پنهنجي اکين سان ڏسڻ ۽ انهن تي قابو پائڻ جي باوجود ڇڏي ڏيندو آهي، ۽ جنهن به ديني احساس واري کي ڪا روڪ يا جھل (ثمر) ناهي، سو ن موقعي مان فائدو وٺي ڇڏي ٿو.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found