سومر, 20 مئي 2019 - Mon 05 20 2019

منو

نهج البلاغه خطبو 40: خارجين کي جواب

جڏهن امير المومنين خارجين جو قول ”لا حڪم الا لله“ (يعني حڪم الله جي لاءِ ئي خاص آهي) سو ٻڌي فرمايائين:  ته اهو جملو ته صحيح آهي، مگر  جيڪو مطلب هو وٺن ٿا ، سو غلط آهي. هائو بيشڪ، حڪم ته الله تعالي جي لاءِ ئي خاص آهي ، پر اهي ماڻهو ته ائين به ٿا چوڻ گھرن، ته حڪومت به الله کان سواءِ ڪنهن ٻئي جي ٿي نٿي سگھي، حالانڪه ماڻهن لاءِ هڪ حاڪم جو هجڻ ضروري آهي، پوءِ اهو نيڪ هجي يا نقصانڪار، (جيڪڏهن سٺو هوندو ته) مومن ان جي حڪومت ۾ نيڪ عمل ڪري سگھندا. پر جي (بڇڙو هوندو ته) ڪافر ان جي عهد ۾ لذتن کان مزا ماڻيندا، ۽ الله تعالي ان حڪومت جي نظام ۾ هر ڳالھ کي ان جي آخري حدن تائين پهچائيندو. ان ئي حاڪم جي هوندي، مال (خراج ۽ غنيمت) گڏ ٿو ٿئي. دشمن سان وڙهي سگھي ٿو، رستا راهون پر امن ٿين ٿا، ۽ طاقت واري کان ڪمزور کي حق ڏياري سگھي ٿو، تانجو نيڪ حاڪم (مري يا معزول ٿي) راحت حاصل ڪندو، ۽ بڇڙي حاڪم جي مرڻ يا معزول ٿيڻ سان ٻين کي راحت ٿي پهچي.

هڪ ٻي روايت ۾ هن طرح (مرقوم) آهي، ته جڏهن حضرت تحڪيم جي سلسلي ۾ (انهن جو قول) ٻڌو، تڏهن فرمايائين: ته آءُ توهان جي باري ۾ الله تعالى جي حڪم جو منتظر آهيان.

ان کان پوءِ وري فرمايائين ته جيڪڏهن نيڪ حڪومت هوندي، ته ان ۾ متقي ۽ پرهيزگار نيڪ عمل ڪن ٿا، ۽ جي خراب حڪومت هوندي، ته ان ۾ بد بخت ماڻهو، جيءُ ڀري لطف اندوز ٿي مزا ماڻين ٿا، تانجو انهن جو عهد ختم ٿي وڃي ۽ موت سان واسطو پوين.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found