Logo

نهج البلاغه خطبو 37: اصحاب رسول جي ڪيفيت

(دين جي حمايت لاءِ) مون ان وقت پنهنجا فرائض بجا آندا، جڏهن ٻيا سڀئي ان راه ۾ قدم وڌائڻ جي همت نه ڪري رهيا هئا، ۽ انهي وقت آءُ آزادانه، اعلانيه سامهون آيس، جڏهن ٻيا (ماڻهو) ڪنڊن ۾ لڪا پيا هئا.  ۽ مون ان وقت زبان کولي، جڏهن ٻيا گنگا ٿي ڏسڻ ۾ آيا ۽ ان وقت خدائي نور جي (روشني) ۾ اڳتي وڌيس جڏهن ٻيا زمين تي به چري نٿي سگھيا. جيتوڻيڪ منهنجو آواز سڀني کان جھيڻو هو، مگر اڳتي پيشقدمي ۾ آءُ ئي سڀني کان اڳ ۾ هوس، منهنجي هن تحريڪ جي واڳ جھلڻ سان اها روڪجي وئي، پر فقط مون ئي ان ميدان ۾ گوءِ کنئي. معلوم پئي ٿيو، ته جيئن پهاڙ، جنهن کي نه تيز هوائون لوڏي سگھن ثيون ۽ نه (مٽي سان واءُ) تيز جھڪ ان کي پنهنجي جاءِ تان لوڏي سگھي، تنهن وانگر ڪنهن کي به مون مان عيب ڪڍڻ جو موقعو ۽ نڪته چيني ڪرڻ جي ڪا گنجائش ئي نه هئي. (يادرکو) مظلوم ۽ دٻايل ئي منهنجي نظرن ۾ طاقتور آهي، جيسين آءُ کين سندن حق نه ڏياريان!  ته طاقت وارو  منهنجي اڳيان ڪمزور آهي، ايستائين جو آءُ ان کان ٻين کي پنهنجو حق نه ڏياريان. اسين قضاءِ الاهي تي راضي ٿي چڪا آهيون، ۽ ان جي حوالي ئي پنهنجا سمورا معاملا ڪري ڇڏيا اٿئون، ڇا، توهان! اهو گمان ڪريو ٿا ته آءُ رسول الله تي ڪوڙ مڙهيان ٿو؟ خدا جو قسم! ته آءُ اهو آهيان، جنهن سڀني کان پهرين حضور صلعم جن جي تصديق ڪئي، ته پوءِ هاڻي آءُ حصور جن تي ڪوڙ مڙهڻ ۾ ڪيئن اڳرائي ڪري سگھان ٿو. مون پنهنجي حالات تي نظر ڪئي، ڏٺم ته ، منهنجي لاءِ هر قسم جي بيعت کان پهرين، حضور جن جي تابعداري مقدم هئي ، ۽ انهن سان ڪيل انجام اقرار جو شرط منهنجي گردن ۾ هو.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found
Powered by Komento
2012 © هن سائيٽ جا سڀ حق ۽ واسطا محفوظ آهن.