آچر, 19 مئي 2019 - Sun 05 19 2019

منو

نهج البلاغه خطبو 35: تحڪيم تي اظهار راءِ

(هر حالت ۾) الله تعالي جي لاءِ حمد و ثنا آهي. توڙي جو زمانو (اسان جي لاءِ) سخت مصيبتون ۽ صبر آزما حادثا کڻي آيو آهي، آءُ شاهدي ٿو ڏيان ، ته ان کان سواءِ ڪو به  ٻيو معبود نه آهي، اهو اڪليو لا شريڪ آهي، ان سان گڏ ڪو ٻيو خدا نه آهي ۽ محمد صلي الله عليه و آله وسلم جن سندس عبد ۽ رسول آهن.

(توهان کي معلوم هئڻ گھرجي ته) مهربان، باخبر ۽ تجربيڪار، نصيحت ڪندڙ جي مخالفت جو نتيجو ارمان ۽ پڇتائڻ ٿئي ٿو. مون هن ”تحڪيم“ (يعني  ڪنهن کي پنهنجي ارادي کان باز رکڻ)  جي باري ۾ پنهنجو فرمان ٻڌائي ڇڏيو هو، ۽ پنهنجي قيمتي راءِ جو  نچوڙ توهان جي اڳيان رکي ڇڏيو، ڪاش جو ” قيصر“ جو حڪم مڃيو وڃي ها.

پر توهان ته تندخو، مخالف ۽ عهد شڪن، نافرمانن وانگر انڪار تي تُريا بيٺا آهيو. ايتري قدر جو خود نصيحت ڪندڙ، پنهنجي نصيحت متعلق سوچ ۾ پئجي ويو، ۽ طبيعت ان چقمق وانگر وسامي ويئي، جنهن  شعلا ڀڙڪائڻ بند ڪيا هجن. منهنجي ۽ توهان جي حالت ”بني هوازن“ جي شاعر جي هن قول مطابق آهي:

مون ٿلهي (دڙي) جي موڙ تي، توهان کي پنهنجي حڪم کان آگاهه ڪيو (پوءِ ان وقت توهان منهنجي نصيحت تي کڻي عمل نه  ڪيو) ليڪن ٻئي ڏينهن منجھند جو منهنجي نصيحت جي صداقت کي توهان ڏسي ڇڏيو“

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found