آچر, 19 مئي 2019 - Sun 05 19 2019

منو

نهج البلاغه خطبو 33: بصري ڏانهن روانگي

جناب امير عليه السلام جڏهن بصري ڏانهن جنگ لاءِ نڪتو، تڏهن عبد الله بن عباس ٿو چوي ته آءُ مقام ”ذي قار“ ۾ حضرت جي خدمت ۾ حاضر ٿيس، ڏٺم ته پاڻ پنهنجي جتي کي ٽاڪا پيو هڻي. مون کي ڏسي فرمايائين ته : اي ابن عباس هن جتي جي قيمت گھڻي هوندي؟ مون عرض ڪيو هاڻي ته هن جي قيمت ڪجھ به نه هوندي. تڏهن فرمايائين: ته جيڪڏهن منهنجي نزديڪ حق کي قائم ڪرڻ ۽ باطل کي مٽائڻ ضروري نه هجي ها، ته توهان جي ماڻهن تي حڪومت ڪرڻ کان، هيءَ جتي مونکي گھڻو پسند آهي. پوءِ پاڻ ٻاهر تشريف فرما ٿي چيائين ته:

الله تعالي محمد صلي الله عليه و آله وسلم جن کي ان وقت موڪليو، جڏهن عربن ۾ ڪوبه (آسماني) ڪتاب پڙهڻ واور نه هو، ۽ نه ڪو نبوت جو دعويدار هو پاڻ انهن کي سندن(صحيح) جاءِ تي آڻي ۽ کين نجات جي منزل تي پهچايو. ايتري قدر، جو انهن جي سموري ٽيڙهائپ ۽ رفتار واري ڪجي منجھائن هلي وئي حالتون مضبوط ۽ پڪيون پختيون ٿي ويون.

خدا جو قسم!  ته آءُ به انهن ماڻهن ۾ هوس، جيڪي اهڙين حالتن ۾ انقلاب پيدا ڪري رهيا هئا، تانجو انقلاب مڪمل ٿي ويو،  مون (ان ڪم ۾) نه ڪمزوري ڏيکاري ۽ نه بزدلي کان ڪم ورتو، ۽ هاڻي به منهنجا قدم ساڳئي مقصد لاءِ آهن، ته آءُ باطل کي چيري، حق کي ان جي پاسي مان ڪڍي وٺان، مون کي قريش سان وڙهڻ جو ٻيو ڪهڙو سبب آهي! خدا جوقسم!، ته مون انهن سان ان وقت به جنگ ڪئي، جڏهن اهي ڪافر هئا  ۽ هاڻي به جنگ ڪندس، جڏهن ته هو باطل جي ورغلائڻ ۾ اچي چڪا آهن، ۽ جنهن شان سان آءُ اڳ ۾ انهن جو مد مقابل رهي چڪو آهيان تهڙو ئي اڄ به پاڻ کي ثابت ڪندس.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found