سومر, 22 جولاءِ 2019 - Mon 07 22 2019

منو

نهج البلاغه خطبو 30: حضرت عثمان جي قتل بابت حقيقت جو انڪشاف

حضرت عثمان جي قتل بابت حقيقت جو انڪشاف ڪندي فرمايائين ته:

جيڪڏهن آءٌ هن جي قتل جو حڪم ڪريان ها، ته البته هن جي قاتلن مان ٿيان ها، ۽ جيڪڏهن هن جي قتل کان ( ٻين کي) روڪيان ها، ته هن جو مددگار ٿيان ها. (آءٌ بلڪل غير جانبدار رهيس) ليڪن حالات اهڙا نازڪ هئا، جو جنهن هن جي مدد ڪئي، سو ائين نٿو چئي سگهي، ته جنهن مدد نه ڪئي آءٌ تنهن کان بهتر آهيان ۽ جنهن هنجي مدد نه ڪئي سو به ائين نه ٿو چئي سگهي ته جنهن هن جي مدد ڪئي سو مون کان بهتر آهي.

آئون اصل حقيقت توهان جي اڳيان بيان ٿو ڪريان، جيڪا اها آهي، ته هن (پنهنجي عزيزن جي) طرفداري ڪئي، ( سا به طرفداري سختي سان ڪيائين) جنهن تي توهان وائڙا ٿي خوفزده ٿيئو، سو به سختي واري برتاؤ سان خوفزده ۽ وائڙا ٿيئو، هاڻي (انهن ٻنهي ٽولن) بيجا طرفداري ڪرڻ وارن ۽ وائڙا ٿي خوفزده ٿيڻ وارن جي وچ ۾ اصل فيصلي ڪرڻ وارو الله آهي.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found