Logo

نهج البلاغه خطبو 28: دين ۽ دنيا

الله تعاليٰ جي حمد کانپوءِ واضح هجي ته:

دنيا پٺ ورائي پنهنجي موڪلائڻ جو اعلان ڪيو آهي ۽ عقبيٰ جي منزل (بقا واري جهان) سامهون اچي پنهنجي آمد کان آگاھ ڪيو آهي. اڄوڪو ڏينهن تياريءَ جو آهي ۽ سڀاڻڪو ڊوڙڻ لاءِ ٿيندو. جيڏانهن وڌڻو آهي، سا جنت آهي ۽ جتي ماڻهو (بي اختيار) پهچي ويندا، سو دوزخ آهي.

ڇا! موت کان پهرين پنهنجي گناهن کان توبھ ڪرڻ وارو ڪوبه ناهي؟ ۽ ڇا! قيامت جي اچڻ کان پهرين نيڪ عملن ڪرڻ وارو هڪ به نه آهي؟ توهان اُميدن جي دؤر ۾ آهيو، جنهن جي پٺيان موت جي هلچل آهي. سو جيڪو شخص موت کان اڳ اُنهن اميدن جي زماني ۾ نيڪ عمل ڪري ٿو، ته پوءِ اهي عمل ان لاءِ سودمند ثابت ٿين ٿا ۽ موت اُن جو ڪجھ به نٿو بگاڙي سگهي، ۽ جيڪو ماڻهو موت کان اڳ اميدن واري زماني ۾ ڪوتاهيون ڪري ٿو، ته اهو شخص عمل جي اعتبار کان نقصان ۾ ٿئي ٿو ۽ موت ان لاءِ ضرر وارو پيغام آڻي ٿو، تنهن ڪري جهڙي طرح ناپسند حالتن جي انديشي ۾ نيڪ اعمال ڪريو ٿا، تهڙي طرح خوشي ۽ راحت ۾ به نيڪ اعمال ڪريو. مون کي جنت ئي اهڙي شيءَ نظر اچي ٿي، جنهن جو طلبگار ستو پيو هجي ۽ دوزخ به اهڙي ڏيکائي پيو ڏي، جنهن کان پري ڀڄڻ وارو غفلت ۾ محو هجي، جيڪو حق مان فائدو حاصل نٿو ڪري تنهن کي باطل جو نقصان ۽ ضرر سِر تي کڻڻو پوندو. جنهن کي هدايت ثابت قدم نٿي رکي، تنهن کي گمراهي تباهي جي طرف ڇڪي وٺندي. توهان کي (دنيا مان) ڪوچ ڪرڻ جو حڪم ملي چڪو آهي. سفر جي خرچ جي به خبر پئجي چڪي آهي. مون کي توهان جي متعلق فقط ٻن ڳالهين جو ئي انديشو آهي: هڪ خواهشن جي پيروي، ٻيو اميدن جو وڌڻ. هن دنيا ۾ رهي ڪري، هن مان ايترو ته سفر جو خرچ حاصل ڪريو، جنهن جي وسيلي سڀاڻي پنهنجي نفسن کي بچائي سگهو.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found
Powered by Komento
2011 © هن سائيٽ جا سڀ حق ۽ واسطا محفوظ آهن.