Logo

نهج البلاغه خُطبو 19: منافق کي خطاب

عنوان بندي: ساجد علي سبحاني

جناب امير عليه السلام جڏهن پاڻ ڪوفي جي مسجد ۾ منبر تي ارشاد فرمائي رهيو هو تڏهن اشعث بن قيس چيو، ته يا امير المومنين! اها ڳالھ ته توهان جي حق ۾ نه آهي بلڪ توهان جي خلاف آهي، تڏهن پاڻ ان کي غضبناڪ نظر سان ڏسي فرمايو:

اشعث بن قيس جو برو ڪردار

” توکي ڪهڙي خبر ته ڪهڙي ڳالھ منهنجي حق ۾ آهي ۽ ڪهڙي ڳالھ منهنجي خلاف ٿئي ٿي. تو تي الله جي لعنت ۽ ڦٽڪار هُجي، تون ڪوريءَ جو پُٽ، ڪوري ۽ ڪافر جي هنج ۾ پليل منافق آهين. تون هڪ دفعو ڪافرن وٽ ۽ ٻيو دفعو مسلمانن وٽ قيد ٿئين، ليڪن توکي تنهجو مال ۽ حسب اُن ڦڪائي کان بچائي نه سگهيو، ۽ جيڪو شخص پنهنجي قوم تي تلوار هلائي ۽ اُنهن جي طرف موت کي دعوت ڏي، تباهي ۽ بربادي کي سڏي، سو انهي جي لائق آهي ته، ويجها اُن کان نفرت ڪن ۽ پري وارا به اُن تي ڀروسو نه ڪن.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found
Powered by Komento
2011 © هن سائيٽ جا سڀ حق ۽ واسطا محفوظ آهن.