سومر, 22 جولاءِ 2019 - Mon 07 22 2019

منو

نهج البلاغه خطبو 17: عدالت ۽ انصاف جي مسند تي نااهل ماڻهن جي ويهڻ بابت

عنوان بندي: ساجد علي سبحاني

1. بدترين ماڻهن جي سڃاڻپ

اُنهن ماڻهن جي باري ۾، جيڪي اُمت جي فيصلن ڪرڻ لاءِ عدالت ۽ انصاف جي مسند تي ته ويهن ٿا، جيتوڻيڪ اُهي اُن جا اهل ۽ لائق نه آهن:

مخلوقات مان سڀني کان وڌيڪ خدا جي بارگاھ ۾ غضب جا لائق ٻه شخص آهن: هڪ اُهو، جنهن کي الله تعاليٰ سندس نفس جي حوالي ڪري ڇڏيو هجي، ( يعني! سندس بڇڙاين ۽ بد اعمالن سببان الله تعاليٰ هن کان پنهنجي غيبي توفيق کسي ڇڏي هجي)، جنهن کان پوءِ هُو سڌي رستي تان هٽيل، بدعت جي ڳالهين تي فريفته ۽ گمراهي جي تبليغ تي محڪم هجي. هُو پنهنجي خير خواهن لاءِ فتنو ۽ اڳئين زماني وارن ماڻهن جي هدايت کان ڦِريل آهي. هُو انهن سڀني ماڻهن لاءِ، جيڪي سندس جيئري يا مرڻ کانپوءِ سندس پيروي ڪن، هو گمراھ ڪرڻ وارو، ٻين جي گناهن جا بار کڻڻ وارو، سو پاڻ خود پنهنجن خطائن ۾ جڪڙيل آهي.

ٻيو اُهو شخص آهي، جنهن جهالت جون ڳالهيون ( هِتان هُتان جون) ميڙي گڏ ڪيون آهن، سو اُمت جي جاهل ماڻهن ۾ ڊوڙي ڊڪي ٿو، ۽ فتنن وارين اونداهين ۾ غافل ۽ بيهوش پيو هوندو آهي. صلح ۽ حفاظت جي فائدن کان اکيون بند ڪري ڇڏي ٿو.

چند انساني شڪلين ۽ صورتن سان ملندڙ جُلندڙ شخصن، هن کي عالم جو لقب ڏئي ڇڏيو آهي. حالانڪ هُو عالم نه آهي، بلڪ هو اهڙين اجاين ڳالهين کي گڏ ڪرڻ لاءِ ( صبح جو) نهايت سويل نڪري ٿو، جن جو نه هئڻ، هجڻ کان بهتر آهي، تانجو جڏهن هو اُنهي گندي پاڻي کي پي ڍؤ ڪري بي معنيٰ ڳالهين کي گڏ ڪري ٿو.

2.  قضاوت جي ڪوڙي دعويدارن جي روانشناسي

 ته جيئن ماڻهن ۾ قاضي بڻجي ويهي ۽ ٻين ماڻهن تي شڪ ۾ رهڻ وارن مسئلن جي حل ڪرڻ جو ذمو کڻي ٿو.

جيڪڏهن ڪو مُنجهيل مسئلو اُن جي سامهون اچي ٿو، ته پوءِ هو پنهنجي راءِ سان اُن لاءِ پراڻا گندا ۽ خراب دليل مهيا ڪري وٺي ٿو ۽ پوءِ وري اُن تي يقين به ڪري ڇڏي ٿو. اهڙيءَ طرح هو شڪ شبهن وارن جهڳڙن ۾ ڦاٿل آهي، جيئن ڪوريئڙو پنهنجي ڄار جي اندر هوندو آهي. هو پاڻ ته نٿو سمجهي، ته هن صحيح حڪم ڪيو آهي يا غلط جيڪڏهن صحيح ڳالھ به چئي اٿس، تڏهن به کيس انديشو ٿئي ٿو، ته ڪٿي متان اها غلط هجي ۽ جيڪڏهن غلط جواب هجي، ته پوءِ هن کي اهو ڀروسو ٿئي ٿو، ته شايد اهو صحيح هجي. هو جهالتن ۾ گمراھ جاهل هو، پنهنجي ڌنڌ وارين نظرن سان اونداهين ۾ ٿاٻن کائڻ وارين سوارين تي سوار آهي. نه هن علم جي حقيقت کي پرکيو، نه ان جي تھ تائين پهتو. هُو روايتن کي اهڙي طرح هيٺ مٿي ڪري ٿو، جهڙي طرح هوا سُڪل پنن کي. خدا جو قسم! هُو انهن مسئلن جي حل ڪرڻ جو اَهل نه آهي، جيڪي اُن کان پڇا وڃن ٿا، ۽ نه اُن منصب جي لائق آهي، جيڪو هن جي سپرد ڪيو ويو آهي. جنهن ڳالھ کي هُو نٿو ڄاڻي، تنهن ڳالھ کي غور ڪرڻ جهڙو؛ علم جي لائق ئي نٿو سمجهي، ۽ جيستائين هُو پهچي سگهي ٿو، تنهن کان اڳتي هن جي نظر ۾ ڪوبه پهچي نٿو سگهي، ۽ جيڪا ڳالھ سندس سمجھ ۾ نٿي اچي، تنهن کي کائي ٿو ڇڏي؛ ڇو جو هو پنهنجي جهالت کي خود پاڻ ڄاڻي ٿو. ( ناحق وهايل خون) مقتول هن جي ناروا فيصلن سببان فرياد ڪري رهيا آهن ۽ جيڪي مستحق نه آهن، تن کي مليل ميراثون، دانهون ڪري رهيون آهن. الله تعاليٰ کان به اُنهن کي شڪايت آهي، جيڪي جهالت ۾ زندگي بسر ڪن ٿا ۽ گمراهي ۾ مرن ٿا. جڏهن قرآن کي پنهنجي شايان شان اُنهن جي اڳيان پيش ڪجي ٿو، جهڙو پيش ڪرڻ جو حق آهي، ته پوءِ اُنهن وٽ ان وقت قرآن جي نهايت ڪا قدر و قيمت نه آهي، پر جڏهن قرآن جي آيتن جو بي موقع استعمال ڪجي ٿو، ته پوءِ اُن وقت قرآن کان زياده مقبول ۽ قيمتي شيءِ اُنهن لاءِ ڪا ٻي نه آهي. هنن وٽ نيڪي کان زياده ڪا بڇڙائي ۽ بڇڙائي کان زياده ڪا نيڪي نه آهي.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found