Logo

نهج البلاغه خطبو 7: منافقن ( شيطان جي پيروي ڪندڙن) جي حالت جو منظر

عنوان بندي: ساجد علي سبحاني

شيطان جي پيروي ڪندڙن جي سڃاڻپ

انهن پنهنجي سمورن ڪمن جو عام مختارـ شيطان کي بڻائي رکيو آهي ۽ شيطان وري کين پنهنجي ڪم ڪرڻ جو ذريعو بڻايو آهي.

شيطان انهن جي سينن ۾ آنا لاهي ڦوڙيا، جن مان ٻچا نڪري انهن جي ئي هنجن ۾ اهي ٻچا پيٽ ڀر رڙهي ڪڏي ٺينگ ٽپا پيا ڏين. هو انهن جي ئي اکين سان ڏسي ٿو ۽ انهن جي ئي زبانن سان ڳالهائي ٿو. هو کين گناهن جي راهن تي هلائي پيو ۽ بڇڙيون ڳالهيون ٺاهي جوڙي سينگاري، انهن جي سامهون رکيون اٿس؛ ڄڻ ته هن کين پنهنجي قبضي ۾ شريڪ بڻائي ڇڏيو هجي ۽ انهن جي ئي زبانن سان پنهنجو ڪوڙو ڪلام پيو بڪي.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found
Powered by Komento
2011 © هن سائيٽ جا سڀ حق ۽ واسطا محفوظ آهن.