آچر, 16 جون 2019 - Sun 06 16 2019

منو

نهج البلاغه خطبو 1: تخليق ڪائنات، تخليق آدم، حج بيت الله بابت

عنوان بندي: ساجد علي سبحاني

هن خطبي ۾ زمين ۽ آسمان جي شروعات ۽ حضرت آدم عليه السلام جي پيدائش جو بيان فرمايل آهي.

1. انسان جو پالڻهار جي ذات کي سڃاڻڻ کان عاجز هجڻ

سڀڪا تعريف، ساراه ۽ حمد ان الله جي لاءِ آهي، جنهن جي مدح تائين، بيان ڪرڻ وارن جي رسائي نٿي ٿئي، جنهن جي نعمتن کي ڳڻڻ وارا ڳڻي نٿا سگهن ۽ نه ڪوشش ڪرڻ وارا سندس (نعمتن جي ڳڻڻ جو) حق ادا ڪري سگهن ٿا. نه (وري) بلند پرواز همتون کيس حاصل ڪري سگهين ٿيون، نه عقل ۽ فهم جون گهرايون ان جي تهن تائين پهچي سگهن ٿيون. سندس ذات جي ڪمال جي ڪا حد مقرر نه آهي، نه ان جي وصف بيان ڪرڻ لاءِ لفظ آهن، نه سندس (ابتدا) لاءِ ڪو وقت آهي، جنهن کي شمار ۾ آڻي سگهجي، نه ان جي ڪا مدت آهي، جيڪا ڪٿي وڃي ختم ٿئي. هن مخلوقات کي پنهنجي قدرت سان پيدا ڪيو، پنهنجي رحمت سان هوائن کي هلايو ۽ ڏڪندڙ زمين تي جبلن جا ڪِلَ ٺوڪيا.

2. دين ۽ الله سائين جي معرفت

دين جي ابتدا سندس معرفت آهي، معرفت جو ڪمال ان جي تصديق آهي، تصديق جو ڪمال توحيد آهي، توحيد جو ڪمال اخلاص ۽ پاڪيزگي آهي ۽ اخلاص و پاڪيزگي جو ڪمال اهو آهي ته ان جي صفتن کان نفي ڪئي وڃي، ڇو ته هر صفت شاهد آهي ته اها پنهنجي موصوف کان الڳ آهي ۽ هر موصوف به شاهد آهي ته اهو پڻ صفت کان ڪا جدا شيءِ آهي، تنهنڪري جنهن، خدا جي ذات کان سواءِ (منجهس الڳ) صفتون مڃيون، تنهن سندس ذات جو ڪو ٻيو ساٿي (مددگار) مڃيو ۽ جنهن ان جي ذات جو ڪو ٻيو ساٿي مڃيو، تنهن (ان جي ذات سان) دوئي پيدا ڪئي، جنهن سندس ذات ۾ دوئي پيدا ڪئي، تنهن خدا جي لاءِ ٻيو جزو بڻايو ۽ جيڪو به شخص ان جي جزن جو قائل ٿيو، سو کانئس بي خبر رهيو ۽ جيڪو هن کان بيخبر رهيو، تنهن هن کي اشاري جي لائق ڄاتو ۽ جنهن هن کي اشاري جي لائق ڄاتو، تنهن سندس حدبندي ڪئي ۽ جنهن کيس محدود ڄاتو، تنهن ان کي ٻين حقيقتن (مخلوقات) جي قطار ۾ آندو. جنهن هيئن چيو ته: اهو ڪهڙي شيءِ ۾ آهي؟ تنهن کيس ڪنهن شيءِ ۾ فرض ڪيو ۽ جنهن ائين چيو ته اهو ڪنهن شيءِ تي آهي، تنهن ان کان ٻيا هنڌ خالي سمجها.  ”هو“ آهي، ٿيو نه آهي. موجود آهي، ليڪن عدم يعني نه هجڻ کان پوءِ وجود ۾ نه آيو. هو هر شيءِ سان گڏ آهي، پر ائين نه، جيئن جسم گڏ هوندو آهي. هو هر شيءِ کان جدا آهي، پر جسم جي جدائي وانگر نه، هو فاعل آهي پر چرڻ پرڻ ۽ اوزارن جو محتاج نه آهي. هو ان وقت به ڏسڻ وارو هو، جڏهن اڃا مخلوقات ۾ ڪا به شيءِ ڏسڻ جهڙي هئي ڪانه! هو اهڙو اڪيلو آهي، جنهن جو ڪو ساٿي نه آهي، جنهن سان کيس انس (يا محبت) ٿئي يا ان کي وڃائي پريشان ٿئي.

3. خدا شناسي جون راهون

1. دنيا جي خلقت

هن شروع شروع ۾ خلق کي ايجاد ڪيو، سواءِ ڪنهن سوچ ويچار جي ۽ سواءِ ڪنهن آزمودي جي، جنهن مان کيس فائدي ٿيڻ جي ضرورت ٿي هجي ۽ سواءِ ڪنهن چرپر جي، جنهن کي هن پيدا ڪيو هجي ءِ سواءِ ڪنهن ولولي ۽ جوش جي، جنهن کان هو بيتاب ٿيو هجي. هر شيءِ کي سندس وقت جي حوالي ڪيائين.

بي جوڙ شين ۾ توازن ۽ هڪجهڙائي پيدا ڪيائين، هر شيءِ کي جدا جدا طبيعتن ۽ مزاجن جو حامل بنايائين. پڻ انهن طبيعتن لاءِ مناسب شڪليون (۽ ضروري صورتون) مقرر ڪيائين. هو انهن شين کي سندن وجود ۾ آڻڻ کان اڳ ۾ ئي ڄاڻيندو هو. سندن حدون بلڪل احاطي اندر مقرر ڪيل هيون، جن جي نفسن ۽ عضون کي (به) ڄاڻيندو هو، پوءِ هن ڪشادي فضا،  نهايت وسيع طرف ۽ ڪنارا ۽ خلا جون موڪرايون خلقيون ۽ انهن ۾ ايترو ته پاڻي وهايائين، جنهن جون دريائي موجن جون طوفاني لهرون ۽ اٿاھ سمنڊ جي موجن جا (هڪ ٻي مٿان) تهن تي تھ هئا. ان پاڻيءَ کي تند ۽ تيز هوائن جي پٺي تي سوار ڪيائين، پوءِ ان (هوا کي) پاڻي جي اٿلائڻ (پٿلائڻ) جو حڪم ڪري، پاڻي کي هوائن جي قبضي ۾ ڏنائين، ۽ ان کي پاڻي جي سرحد سان ملائي ڇڏيائين، جنهن جي هيٺان هوا پري پري تائين وڇايل هئي ۽ مٿس پاڻي زبردست ڇوليون (۽ لهرون) هڻي رهيو هو. پوءِ خدا تعالي ان پاڻي ۾ هڪ اهڙي هوا پيدا ڪئي، جنهن جو هلڻ (يا لڳڻ) بي ثمر (سنڍ) هو ۽ ان کي سندس مرڪز تي برقرار رکيائين. ان هوا جون تيز لهرون ڪيائين ۽ ان جي لڳڻ جي حد پري پري تائين وڌايائين. پوءِ ان هوا کي مقرر ڪيائين، ته اها پاڻي جي (اڻ کٽ) ذخيري کي ڇولين جا ڌڪ هڻي ۽ ان اٿاھ سمنڊ جي موجن کي مٿي اڇلائي. ان هوا پاڻي کي اهڙيءَ طرح ولوڙيو، جيئن چاڏيءَ ۾ ڌونئري کي ولوڙبو آهي ۽ ان پاڻي کي ڌڪيندي، تيزي سان لڳي، جيئن خالي فضا ۾ لڳندي آهي ۽ پاڻي جي ابتدائي حصي کي آخري حصي تي ۽ بيٺل پاڻي کي، وهندڙ پاڻي تي اٿلائڻ لڳي، تانجو ان ڇوليون هڻندڙ پاڻيءَ جي سطح، بلند ٿي وئي. اهو پاڻي تهن تي تھ ٿي، گجي ڏيڻ لڳو. الله تعالي اها گجي (پنهنجي قدرت سان) کليل هوا ۽ ڪشادي فضا ڏي کنئي، جنهن مان ستئي آسمان پيدا ڪيائين. (هن طرح جي) هيٺين آسمان کي بيٺل موج وانگر بنايائين ۽ مٿئين آسمان کي محفوظ ڇت ۽ بلند عمارت جي صورت ۾ اهڙي طرح قائم ڪيائين، جنهن کي نه ٿنڀن جي ٽيڪ جي ڪا ضرورت ٿي ۽ نه وري ان کي طنابن (يا رسين) سان ٻڌي، جوڙڻ جي ڪا ضرورت ٿي.  پوءِ ان کي ستارن جي زيب و زينت ۽ روشن تارن کي چمڪ دمڪ سان سينگاريائين ۽ ان ۾ روشني ڏيندڙ چراغ (سج) ۽ چمڪندڙ چنڊ کي هلايائين، جيڪو هلندڙ آسمان، ڦرندڙ گهرندڙ ڇت ۽ جنبش کائڻ واري لوح ۾ آهي.

2. ملائڪن جي حيرت انگيز خلقت

پوءِ خداوند عالم انهن بلند آسمانن جي وچ ۾ شگاف پيدا ڪيا ۽ انهن جي گنجائشن کي طرح طرح جي فرشتن سان ڀريائين، جن مان ڪي سجدي ۾ آهن، جيڪي رڪوع نٿا ڪن، ڪي وري رڪوع ۾ آهن، سي قيام نٿا ڪن، جيڪي صفون ٻڌيو بيٺا آهن، سي پنهنجي جاءِ نه ٿا ڇڏين، ڪي تسبيح حمد پڙهي رهيا آهن، اهي ٿڪجن ئي نٿا، نه انهن کي اکين ۾ ننڊ اچي ٿي، نه انهن جي عقلن ۾ ڪا ڀل چڪ پيدا ٿئي ٿي، نه انهن جي بدنن ۾ ڪا سستي يا ڪاهلي اچي ٿي ۽ نه انهن تي ويساري جي غفلت طاري ٿئي ٿي.

انهن مان ڪي ته الله جي وحي جا امين، پيغام پهچائڻ لاءِ حق سچ جي زبان ۽ ان جي رسول ڏانهن سندس قطعي فيصلن ۽ فرمانن کي کڻي اچڻ وڃڻ وارا آهن. ڪي ان جي بندن جا نگهبان ۽ جنت جي دروازن جا محافظ آهن. ڪي اهڙا آهن، جن جا قدم ته زمين جي تھ تائين ڄميل آهن ۽ سندن پاسا سموري دنيا کان به اڳتي وڌيل آهن. انهن جا ڪلها عرش جي پاين سان پيا لڳن، جن جون اکيون عرش اڳيان جهڪيل رهن ٿيون ۽ ان جي هيٺان پنهنجن پرن ۾ ويڙهيل آهن ۽ انهن ۾ ۽ ٻي مخلوقات جي وچ ۾ عزت جا پردا ۽ قدرت جون ديواريون پيل آهن. اهي پنهنجي پالڻهار لاءِ ڪنهن به شڪل يا صورت جو تصور پڻ نٿا ڪن، ۽ نه الله تي مخلوق واريون صفتون جائز ڄاڻن ٿا، نه ان کي ڪنهن محل يا مڪان ۾ وڪوڙيل ٿا سمجهن ۽ نه تشبيهن ۽ مثالن سان هن ڏي اشارا ڪن ٿا.

3. حضرت آدم عليه السلام جي حيرت انگيز خلقت ۽ انسان ڪامل جون خصلتون

الله تعالي سخت ۽ نرم مٽي ۽ ڪلراٺي زمين مان مٽي گڏ ڪري، ان کي پاڻيءَ سان ايترو ته پسايو، جو اها صاف ٿي آٺرجي پئي ۽ آلاڻ سان ايترو ڳوٺئين، جو ان ۾ لعاب پيدا ٿيو، پوءِ ان مان اهڙي صورت جوڙيائين، جنهن ۾ ور وڪڙ ۽ سنڌن وارا عضوا آهن، بلڪ جدا جدا حصا. نيٺ ان کي ايترو ته سڪايائين، جو اها (مٽي) پاڻ بيهي سگهي ۽ (وري ان کي) ايترو ته سخت ڪيائين، جو اها کڙڪڻ (آواز ڪرڻ) لڳي. پوءِ ان کي ساڳي حالت ۾ مقرر ڪيل وقت ۽ معلوم مدت تائين ائين ئي رهڻ ڏنائين. پوءِ ان ۾ روح ڦوڪيائين، جنهن بعد اهو اهڙي انسان جي شڪل ۾ اٿي کڙو ٿيو، عضون ۽ رڳن کان ڪم وٺڻ وارو ۽ هٿن پيرن کي هلائڻ وارو آهي، بلڪ اهڙي سڃاڻپ جو صاحب آهي، جنهن کان حق ۽ باطل ۾ تميز ڪري ٿو ۽ جدا جدا لذتن، ذائقن، خوشبوئن، رنگن ۽ جنسن ۾ پڻ فرق ڪري ٿو. سندس خمير، رنگا رنگي مٽين، پاڻ ۾ مليل جليل موافقت رکندڙ شين، بر خلاف، بر عڪس ۽ مختلف خلطن مان ٺهيل آهي، يعني سردي، گرمي، پوسل ۽ خشڪي جو پتلو آهي.

پوءِ الله تعالي فرشتن کان چاهيو، ته هو سندس سونپيل امانت جو حق ادا ڪن ۽ سندن ورتل وعدي ۽ وصيت کي پورو ڪن، يعني اهو واعدو، جيڪو آدم کي سجدي ڪرڻ واري حڪم کي مڃڻ ۽ ان جي بزرگي اڳيان جهڪڻ ۽ سر تسليم خم ڪرڻ لا۽ ڪيل هو.

بهرنوع، خدا فرمايو ته : ”آدم کي سجدو ڪريو. پوءِ ابليس کان سواءِ ٻين سڀني سجدو ڪيو، جو کيس تعصب ۽ ساڙ ٿيو، بد بختي مٿس غالب ٿي. باھ مان پيدا ٿيڻ سبب پاڻ کي بزرگ ۽ برتر سمجهائين ۽ کڙڪندڙ مٽي مان ٺهيل مخلوق کي ذليل سمجهائين. الله تعالي کيس مهلت ڏني، ته جيئن هو پوري طرح غضب جو مستحق ٿئي ۽ (بني آدم جي) آزمائش به تڪميل تي پهچي ۽ ڪيل واعدو به پورو ٿي وڃي. نيٺ، خدا کيس فرمايو ته : تو کي مقرر ڪيل وقت جي ڏينهن تائين مهلت آهي“.

4. حضرت آدم عليه السلام ۽ بهشت جو قصو

پوءِ خدا، آدم کي اهڙي گهر ۾ رهايو، جتي هن جي زندگيءَ کي خوشگوار رکيو ويو. هن کي ابليس ۽ ان جي عداوت کان به هوشيار ڪيو ويو، پر سندس دشمن هن جي جنت ۾ رهڻ ۽ نيڪو ڪارن سان ملي جلي رهڻ تي حسد ڪيو. آخرڪار آدم کي فريب ۾ آندائين (جنهن بعد) آدم پڪ کي شڪ سان ۽ پختي ارادي کي ڪمزوري وارن هٿن سان سودو ڪيو. خوشي کي خوف سان بدلائي ڇڏيائين ۽ ڌوڪي کائڻ سبب شرمندگي حاصل ڪيائين. آخر الله، آدم لا۽ توبھ جي گنجائش رکي، کيس رحمت جا ڪلمات سيکاريائين، جنت ۾ ٻيهر پهچائڻ جو ساڻس وعدو ڪيائين ۽ ان بعد کيس آزمائش واري گهر ۾، يعني نسل وڌائڻ واري محل ۾ لاٿائين.

حق سبحانه سندس اولاد مان نبي چونڊيا ۽ وحي جي وسيلي انهن کان انجام اقرار ورتائين. رسالت جي تبليغ جو انهن کي امين بنايائين، جڏهن ته اڪثر ماڻهن الله جو عهد بدلائي ڇڏيو، ان جي حق ادا ڪرڻ کان بيخبر ٿي ويا. ٻين کي خدا جو شريڪ بنايائون، شيطانن، کين خدا جي معرفت کان ڦيرائي ۽ ان جي عبادت کان الڳ ڪري ڇڏيو.

خدا تعالي انهن ۾ پنهنجا رسول موڪليا، پڻ هڪٻئي پٺيان نبي موڪليائين، ته جيئن انهن کان فطرت جا ورتل انجام اقرار پورا ڪرائين، هن جون وساريل نعمتون ۽ عنايتون ياد ڏيارين، پڻ رباني پيغام پهچائي مٿن حجت پوري ڪن، دفن ٿيل عقلن کي ڪڍي ظاهر ڪن، انهن کي قدرت جون نشانيون ڏيکارين (ته جيئن) مٿن هي بلند ڇت وارو آسمان، ان جي هيٺان وڇايل زمين جو فرش، زندھ رکڻ وارو گذران جو سامان، فنا ڪرڻ وارا موت، پوڙهي ڪرڻ واريون بيماريون ۽ هڪٻئي پٺيان اچڻ وارا حادثا (کين ياد ڏيارين).

الله تعالي پنهنجي مخلوق کي بغير ڪنهن موڪليل پيغمبر يا آسماني ڪتاب يا ڪامل واضح دليل (۽ حجت) يا روشن راه جي ڪڏهن به ائين نه ڇڏيو آهي. اهڙا رسول (آيا) جي ڳاڻاٽي ۾ ته ٿورا هئا، پر کين ڪوڙي ڪرڻ وارن جي گهڻائي، ڪڏهن به عاجز ۽ دل شڪسته نه ڪيو. انهن مان جيڪو به پهرين ٿي آيو، تنهن پاڻ کان پوءِ اچڻ واري جو نالو نشان پئي ٻڌايو. جيڪو پوءِ ٿي آيو، تنهن جي کانئس پهريون (نبي) سڃاڻپ ڪرائي ويو. اهڙي طرح مدتون گذرنديون ويون، زمانا ختم ٿيا، پيءُ ڏاڏي جي جاين تي انهن جو اولاد اچي آباد ٿيو.

5. نبي اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي بعثت جو فلسفو

 تانجو حق سبحانه پنهنجي عهد کي وفا ڪرڻ ۽ نبوت جي سلسلي کي ختم ۽ ڪامل ڪرڻ لاءِ حضرت محمد مصطفي صلي الله عليه و آله وسلم جن کي مبعوث فرمايو؛ جن بابت (سڀني) نبين کان انجام اقرار ورتا ويا هئا، جن جي ظهور (پر نور) جون نشانيون مشهور هيون. پڻ سندن پيدائش واري جاءِ مبارڪ مسعود هئي.

ان وقت زمين تي رهڻ وارن جي رهڻي ڪهڻي جدا جدا، ارادا ۽ عقيدا الڳ الڳ ۽ سندن طور طريقا منتشر هئا؛ ايتري قدر جو ڪي خالق کي مخلوق سان تشبيھ ڏيندا هئا، ڪن سندس نالن کي ٿي بگاڙيو (۽ ڦيرايو)، ڪي الله کي ڇڏي، ٻين جي طرف رجوع ٿيندا هئا، تن کي خداوند عالم آنحضرت صلعم جن جي معرفت انهن کي گمراهي (جي اونڌاهي) مان ڪڍي هدايت جي (نوراني) راھ تي آندو ۽ سندن وجود (مسعود) جي صدقي کين جهالت کان نجات ڏني. نيٺ خدا تعالي، محمد صلي الله عليه و آله و سلم جن کي پنهنجي لقاء ۽ قرب لاءِ منتخب ڪيو. پنهنجا خاص انعام سندن لاءِ پسند ڪيائين ۽ فاني دنيا جي رهڻي ڪهڻي کان کين بلند تر سمجهيو ۽ مصيبتن، زحمتن سان وڪوڙيل هنڌ کان سندن رخ کي موڙي ۽ (فاني) دنيا مان کين عزت (۽ احترام) سان گهرائي ورتو.

6. انبياءَ عليهم السلام کان پوءِ امامت جي ضرورت

آنحضرت صلعم جن توهان ۾ اهڙي طرح شيءَ ڇڏي ويا، جيئن اڳيان نبي پنهنجن امتن ۽ ڇڏي هليا ويا. ان ڪري جو اهي واضح طريقا ۽ محڪم نشان قائم ڪرڻ کان سواءِ کين ڪڏهن به ڇڙواڳ نه ڇڏيندا ويا.

7. قرآن جون خصوصيتون ۽ اسلام جا احڪام

آنحضرت جن توهان جي پالڻهار جو ڪتاب توهان وٽ ڇڏيو آهي، جنهن ۾ حلال ۽ حرام کي، فرضن ۽ فضيلتن کي، منسوخ ٿيل ڳالهين کي، اختيار ڪرڻ جهڙين ڳالهين کي ۽ ڇڏي ڏيڻ جهڙين ڳالهين کي، عام ۽ خاص ڳالهين کي، عبرت جهڙين ۽ مثالي ڳالهين کي، واضح ۽ ڀيٽ ڪرڻ جهڙين ڳالهين کي، چڱي طرح کولي بيان ڪيو اٿن. پڻ مختصر (مجمل) آيتن جو تفسير ڪري ٻڌايائون. ان جي رمزن کي پڻ سمجهايو ويو آهي. ان ۾ ڪي اهي آيتون آهن، جن کان واقف ٿيڻ جي پابندي لازم ڪئي وئي آهي، ۽ ڪي اهي آهن، جو جيڪڏهن سندس بندا انهن کان ناواقف رهن ، ته ڪا وڏي ڳالھ نه آهي. ان ۾ ڪي حڪم اهڙا آهن، جن جو واجب هئڻ ڪتاب مان ته ثابت آهي، پر حديث مان انهن جي منسوخ ٿيڻ جي خبر پوي ٿي. پڻ ڪي حڪم اهڙا به آهن، جن تي عمل ڪرڻ حديث جي لحاظ کان ته واجب آهي، پر ڪتاب ۾ انهن کي ترڪ ڪرڻ جي اجازت آهي. هن ڪتاب ۾ ڪي اهڙا به واجبات آهن، جن جو واجب هئڻ وقت سان وابسته آهي ۽ آئينده زماني ۾ انهن جو واجب هجڻ بر طرف ٿي وڃي ٿو. قرآن ۾ حرام ڪيل ڳالهين ۾ به فرق آهي. ڪي وڏا گناھ اهڙا آهن، جن جي لاءِ دوزخ جي باھ جا دڙڪا ڏنل آهن ۽ ڪي ننڍا گناھ آهن. جن لاءِ معاف ڪرڻ جا موقعا ۽ اميدون پيدا ڪيل آهن. ڪي نيڪ ڪم اهڙا آهن، جن جو ٿورو حصو به مقبول آهي ۽ منجهن گهڻي کان گهڻي وڌائڻ جي به گنجائش رکيل آهي.

8. حج بيت الله جو فلسفو

حج بيت الله جي باري ۾ فرمائي ٿو ته :

مسلمانئو! الله تعالي پنهنجي گهر جو حج توهان تي فرض ڪيو آهي، جنهن کي پنهنجي بندن جو قبلو بنايو اٿس، جتي ماڻهو اهڙي طرح ڇڪجي اچن ٿا، جهڙي طرح پياسا جانور پاڻي ڏانهن ايندا آهن، بلڪ اهڙي چاھ سان اوڏانهن تڪڙا تڪڙا بي خود ٿي اچن ٿا، جهڙي ريت ڪبوتر پنهنجن آکيرن ڏانهن اچن ٿا.

الله سبحانه ڪعبي کي پنهنجي برتري، بزرگي ۽ شان شوڪت جي اڳيان عاجزي، نوڙت ۽ پنهنجي عزت جي اقرار مڃائڻ لاءِ نشان بنايو آهي. هن پنهنجي مخلوق مان ٻڌڻ وارا ماڻهو منتخب ڪيا، جن سندس سڏ تي لبيڪ چيو ۽ سندس ڪلام جي تصديق ڪئي ۽ اهي نبين جي جڳهين تي بيٺا ۽ عرش تي طواف ڪندڙ فرشتن سان مشابهت ڪيائون. اهي پنهنجي عبادت جي تجارت گاھ ۾ فائدن کي ڪٺو ڪن ٿا ۽ سندس معافي جي وعده گاھ ڏي وڌن ٿا. حق سبحانه ان گهر کي اسلام جو نشان ۽ پناھ گهرڻ وارن لاءِ حرم بنايو آهي. ان جو حج فرض ڪيو آهي ۽ حق جي ادا ڪرڻ کي واجب ڪيو آهي، ۽ ان ڏانهن وڃڻ فرض ڪيو اٿس. جيئن قرآن ۾ فرمايل آهي ته : خدا جو واجب الادا حق ماڻهن تي اهو آهي، ته اهي خانهءِ ڪعبه جو حج ڪن، جن کي ان تائين پهچڻ جي طاقت هجي، ۽ جنهن انڪار ڪيو، ته پوءِ ڄاڻو، ته خدا ساري جهان کان بي پرواھ آهي“.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found