آچر, 16 جون 2019 - Sun 06 16 2019

منو

اهل بيت عليهم السلام سنڌي لائبريري

خوشخبري ۽ سهڪار جو سڏ

سڀني سڄڻن کي اها ڳالھ ٻڌائيندي نهايت ئي سرهائي محسوس ڪري رهيا آهيون ته المجتبي فائونڊيشن طلاب سنڌ مقيم قم المقدسه ايران سنڌي ۽ اردو ۾ پنجاھ جي لڳ ڀڳ نهايت ئي ضروري ۽ بنيادي ايپليڪيشنز ٺاهڻ کان پوءِ سنڌي ٻولي ۾ آفلائين موبائيل لائبريري جي شديد ضرورت محسوس ڪندي ۽ مومنن جي شديد اصرار تي اهل بيت سنڌي لائبريري جي ايپليڪيشن ٺاهڻ جي رٿ رٿي آهي جنهن ۾ اهل بيت عليهم السلام جي سڀني چاهڻ وارن خاص طور تي اهل قلم کي سهڪار جو سڏ ڏجي ٿو. اوهان پنهنجا ڇپيل يا اڻ ڇپيل ڪتاب يا مقالا اسان ڏانهن ايميل ڪريو. 

ان شاءَ الله اهل بيت عليهم السلام جي عظيم عيد عيد سعيد غدير تي ان پروجيڪٽ کي مڪمل ڪري ايپليڪيشن کي گوگل پلي اسٽور تي اپلوڊ ڪيو ويندو.

نوٽ:

ان ايپليڪيشن جو مقصد صرف ۽ صرف اهل بيت عليھم السلام جي پيغام کي عام ڪرڻ آهي. ڪتابن جا حق ۽ واسطا مولفن ۽ ناشرن وٽ محفوظ رهندا ۽ انهن کي ڪنهن به قسم جي ڪاروباري فائدي ۾ استعمال نه ڪيو ويندو.
ٻيو عرض ته ڪتابن جي ڪمپوزنگ، پراڻن ڪتابن جي معرفي، ڪتابن جون تصويرون ڪڍي موڪلڻ، پي ڊي ايف فائيل موڪلڻ ۽ نقدي رقم جي صورت ۾ به هن عظيم ڪم ۾ سهڪار ڪري سگهجي ٿو.

مقالا ۽ ڪتاب هيٺئين ايميل تي موڪليندا.

This email address is being protected from spambots. You need JavaScript enabled to view it.
رابطي لاءِ واٽس ايپ نمبر:

+989194524198

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found