اربع, 20 نومبر 2019 - Wed 11 20 2019

منو

عيد جي فضيلت ۽ آداب

 

تحرير: غلام قاسم تسنيمي

مهاڳ: اسان جي پياري ۽ پاڪ دين اسلام ۾ به ڪجھ ڏينهن کي “عيد” ڪوٺيو ويو آهي. انهن ڏينهن جا خاص آداب آهن جيڪي ديني اڳواڻن رسول اڪرم (ص) ۽ سندس برحق معصوم امامن بيان ڪيا آهن. اچو ته ڏسون، اسانجي امامن ان ڏينهن بابت اسان کي ڪهڙي هدايت ڪئي آهي. سندن آسماني پيغام ڪهڙو آهي؟ هتي روايات ۽ احاديث جي روشني ۾ ان پيغام کي مختصر وضاحت سان پيش ڪيو وڃي ٿو:

1. خدائي تحفو

جيتوڻيڪ روزو پهرين امتن تي به فرض هئو، پر روزن کان پوءِ انهن وٽ عيد جو ڪو انتظام نه هئو، اها الله سائين طرفان امت محمديه کي سعادت نصيب ٿئي جو انهن لاءِ روزن کان پوءِ عيد قرار ڏني. رسول اڪرم (ص) ارشاد فرمائن ٿا: “عيد فطر الله سائين طرفان منهنجي امت لاءِ هديو ۽ تحفو آهي جيڪو اڳين امتن کي نصيب نه ٿيو”. ها هجرت جي ٻي سال الله سائين طرفان اهو عظيم تحفو عطا ٿيو. ان بابت رسول اڪرم جو فرمان آهي: جڏهن مان مديني آيس ته هتان جا رهواسي ٻن ڏينهن کي وڏي اهميت ڏيندا هئا، جن ۾ راند روند، تماشو ۽ کل ڀوڳ ڪندا هئا. الله سائين انهن ڏينهن جي بدلي مونکي عيد فطر ۽ عيد قربان جا ڏينهن عطا ڪيا.)1(

هاڻي ڏسڻو اسان کي آهي ته اسان ان خدائي تحفي جو ڪيترو قدر ڪريون ٿا! ان ڏينهن تي الله سائين جو ڪيترو شڪر ڪريون ٿا! جڏهن ته الله سائين جڏهن حضرت عيسى جي دعا قبول ڪندي کين آسماني دسترخوان عطا ڪيو ته فرمايو جيڪو به ان جي بي حرمتي ڪندو تنهن کي سخت سزا ملندي. جئين ته قرآن مجيد ۾ ذڪر ٿئي ٿو:

قَالَ اللّهُ إِنِّي مُنَزِّلُهَا عَلَيْكُمْ فَمَن يَكْفُرْ بَعْدُ مِنكُمْ فَإِنِّي أُعَذِّبُهُ عَذَابًا لاَّ أُعَذِّبُهُ أَحَدًا مِّنَ الْعَالَمِينَ،

الله چيو ته آءٌ اوھان تي (خونچو) لاھيندس، پوءِ اوھان مان جيڪو ھن کان پوءِ بي فرماني ڪندو تنھن کي آءٌ اھڙو سخت عذاب ڪندس جو جھانن (جي رھندڙن) مان ڪنھن ھڪ کي عذاب نه ڪندس.)2(
2. عيد جي زينت

هر شيءَ جي پنهنجي زينت ۽ سينگار هوندو آهي. عيد جي ڏينهن جي به پنهنجي زينت آهي. رسول اڪرم (ص) جو ارشاد آهي: پنهنجي عيد کي ”الله اڪبر“ جي ورد سان زينت ڏيو.

“ زَيِّنوا أعيادَكُم ‏بِالتَّكبير”[3]

ٻي جڳھ تي فرمائين ٿا: پنهنجي عيد کي

“لا اله الا الله والله اکبر والحمد لله والله اکبر

”سان زينت ڏيو“

زَيِّنوا العيدَينِ بِالتَّهليلِ والتَّكبيرِ والتَّحميدِ والتَّقديسِ”)4(

امام رضا عليه السلام عيد جي ڏينهن ڪثرت سان الله اڪبر جو سبب ڄاڻائيندي فرمائن ٿا: تڪبير هڻڻ حقيقت ۾ الله جي تعظيم ۽ وڏائي بياڻ ڪرڻآهي ۽ ڪائنات جي پالڻهار جي طرفان سندس ڏنل نعمتن جو شڪرانو آهي.)5(

3. عيد فطر ۽ قيامت جي ياد

عيد مومن انسان لاءِ انعام وصول ڪرڻ جو ڏينهن آهي، يعني مومن کي پنهنجي عمل جي جزا ملندي جڏهن ته گنهگارن کي پنهنجي گناھ جو بدلو. ان بنياد تي عيد فطر قيامت سان هڪجهڙائي رکي ٿي. امام علي عليه السلام عيد جو خطبو ڏيندي فرمايائون: 

خطب امير المؤمنين على بن ابى طالب(ع) يوم الفطر فقال: «ايها الناس! ان يومكم هذا يوم يثاب فيه المحسنون و يخسر فيه المبطلون و هو يوم اشبه بيوم قيامكم، فاذكروا بخروجكم من منازلكم الى مصلاكم خروجكم من الاجداث الى ربكم و اذكروا بوقوفكم في مصلاكم وقوفكم بين يدى ربكم، و اذكروا برجوعكم الى منازلكم رجوعكم الى منازلكم في الجنة)6(

اي انسانو !اڄ نيڪي ڪرڻ وارن کي جزا ۽ انعام ملڻ جو ڏينهن آهي گنهگارن لاءِ سندن گناهن جي سزا ۽ نقصان ملڻ جو ڏينهن آهي. ۽ هي ڏينهن قيامت سان تمام گهڻي شباهت رکي ٿو تنهنڪري جڏهن گهران نماز لاءِ نڪرو ته ان ڏينهن کي ياد ڪريو جڏهن قبرن مان الله سائين ڏانهن وڃڻ لاءِ نڪرندو، جڏهن نماز لاءِ بيهو ته ان ياد ۾ هجو ته الله سائين جي بارگاه ۾ بيهندو. گهرن ڏانهن موٽڻ وقت، پنهنجي جنتي گهرن ڏانهن موٽڻ کي ياد ڪريو.

4. عيد فطر ۽ گناهن جي معافي

عيد فطر اهو ڏينهن آهي جنهن ڏينهن تي روزي رکڻ وارن کي سندن هڪ مهيني جي روزن جو انعام ڏنو ويندو آهي، کين عيدي يا عيد جي خرچي ملندي آهي. سندن جزا ۽ انعام گناهن جي بخشش آهي، تنهنڪري اسان کي ڌيان رکڻ گهرجي ته هن مبارڪ مهيني جي پڃاڻي تي به نيڪين کي جاري رکون. حضرت علي عليه السلام جو فرمان آهي: روزي رکڻ وارن جو گهٽ ۾ گهٽ اجر اهو آهي ته رمضان جي آخري ڏينهن تي هڪ فرشتو سندن صدا ڏيندي فرمائيندو آهي: الله جا ٻانهو! توهان کي خوشخبري هجي جو الله سائين توهان جا گناھ معاف ڪري ڇڏيا آهن، هاڻ ڌيان رهي ته اڄ کان پوءِ ڇا ٿا ڪريو،

” عباد الله! ان ادنى ما للصائمين و الصائمات ان يناديهم ملك في آخر يوم من شهر رمضان ابشروا عباد الله فقد غفر لكم ما سلف من ذنوبكم فانظروا كيف تكونون فيما تستانفون.»)7(

  1. عيد، اجتماع ۽ گڏجاڻي

عيد جو هڪ اهم پهلو ۽ رخ، اجتماع ۽ گڏجاڻي آهي، الله سائين ان ڏينهن کي ان لاءِ قرار ڏنو آهي ته جئين مسلمان گڏجي ڪري کين ڏنل نعمتن جو شڪر ڪن ۽ هڪٻئي کي مبارڪ ڏين.، هڪٻئي جي مشڪلات ۽ مسائل سان باخبر ٿين، سندن سور ۽ ڏک، پيار ۽ محبت ۾ تبديل ٿين.مسلمانن جو اهو اجتماع ئي آهي جيڪو دشمنن جي سازشن کي ختم ڪري کين نا اميد ڪري سگهي ٿو. انهي ڪري اهو اجتماع مسلمانن جي عزت ۽ سربلندي جو باعٿ ٿيندو.

امام رضا عليه السلام فرمائن ٿا:

انماجعل یوم الفطر العید، لیكون للمسلمین مجتمعا یجتمعون فیه و یبرزون لله عزوجلفیمجدونه على ما من علیهم، فیكون یوم عید و یوم اجتماع و یوم زكات و یوم رغبة و یومتضرع و ... فاحب الله عزوجل ان یكون لهم فى ذلك مجمع یحمدونه فیه و یقدسونه،)8(

الله سائين فطر کي عيد بڻايو آهي ته جئين مسلمان اجتماع ڪن، الله سائين لاءِ نڪرن، سندس ڏنل نعمتن تي شڪر ڪن، تنهنڪري اهو ڏينهن، عيد، اجتماع، گڏجاڻي، فطري ۽ زڪات، دعا ۽ ڌڻي در پاڏائڻ جو ڏينهن آهي. الله سائين چاهي ٿو ته مسلمان اهڙي ڏينهن ۾ گڏ ٿي ڪري سندس بندگي ۽ وڏائي بيان ڪن.

امام زين العابدين عليه السلام عيد جي دعا ۾ ان مطلب جو ذڪر ڪندي فرمائن ٿا:
“اللهم انا نتوب الیك فى یوم فطرنا الذى جعلته للمؤمنین عیدا وسرورا و لاهل ملتك مجمعا ومحتشدا،)9(
اي پالڻهار اسان تنهنجي بارگاھ ڏانهن موٽيون ٿا عيد فطر واري ڏينهن جنهن کي تو اهل ايمان لاءِ عيد ۽ خوشي جو ڏينهن قرار ڏنو آهي ۽ پنهنجي ملت لاءِ اجتماع، گڏجاڻي ۽ تعاون جو ڏينهن بڻايو آهي.

6. اجائي ۽ فضول ڪمن کان پاسو ڪرڻ

عيد جي فضيلت ۽ اهميت کي نظر ۾ رکندي هن عظيم ڏينهن کي بامقصد طور تي ملهائجي ۽ ڪوشش ڪري اهڙا ڪم انجام ڏجن جو ڌڻي جي ذات راضي ٿئي. جئين مومنن جي زيارت لاءِ وڃڻ. هڪٻئي کي مبارڪ چوڻ ۽ تحفه ڏيڻ، مٽن مائٽن جي سار سنڀال لهڻ وغيره. اهو مناسب نه آهي جو انسان ان عظمت واري ڏينهن کي اجائي، فضول ۽ بيهوده ڪمن ۾ ضايع ڪري ڇڏي. 
هڪ ڀيرو امام حسن مجتبى عليه السلام ڪجھ ماڻهن وٽان گذريا جيڪي عيد جي ڏينهن اجائي ۽ فضول ڪمن، راند روند ۽ تماشي ۾ رڌل هئا. امام عليه السلام کين مخاطب ٿيندي فرمايو: 
ان الله جعل شهر رمضان مضمارا لخلقه، فيستبقون فيه بطاعته الى مرضاته، فسبق قوم ففازوا، و قصر آخرون فخابوا، فالعجب كل العجب من ضاحك لاعب في اليوم الذي يثاب فيه المحسنون و يخسر فيه المبطلون و ايم الله لو كشف الغطاء لعلموا ان المحسن مشغول باحسانه و المسى‏ء مشغول باسائته. ثم مضى‏.)10(

الله سائين رمضان جي مبارڪ مهيني کي پنهنجي مخلوق لاءِ مقابلي جو ميدان بڻايو آهي جنهن منجھ اهي الله جي اطاعت ۽ بندگي ڪندي سندس راضپو حاصل ڪرڻ لاءِ هڪٻئي کان اڳڀرو ٿيڻ جو مقابلو ڪن ٿا. ان مقابلي ۾ هڪ قوم اڳيان ٿي جيڪا ڪامياب ٿي، ٻي سستي ڪئي اها ناڪام ٿي، سڀني کان وڌيڪ حيرت ۽ تعجب ان تي آهي جيڪو اهڙي ڏينهن ۾ راند روند ۽ کيل تماشي ۾ رڌل هجي جنهن ۾ نيڪي ڪرڻ وارن کي انعام ملندو، گناهگارن کي خسارو ٿيندو. الله جو قسم ! جيڪڏهن حجاب هٽايا وڃن ته کين خبر پوندي ته نيڪو ڪار پنهنجي نيڪين ۾ ۽ گنهگار پنهنجي گناهن ۾ مصروف آهي. اهو چئي ڪري امام هليا ويا.

امام علي عليه السلام اهو ئي فلسفو انهن لفظن ۾ بيان ڪن ٿا:

انما هو عيد لمن قبل الله صيامه، و شكر قيامه، و كل يوم لا يعصى الله فيه فهو يوم عيد)11(
هي عيد ته صرف انهن جي آهي جن جو روزر ڌڻي در قبول پوي، سندس عبادت مقبول ٿئي، هر اهو ڏينهن عيد آهي جنهن ڏينهن انسان گناه نه ڪري.

امام علي عليه السلام ۽ امام حسن عليه السلام جا اهي جملا قرآني مضمون سان مطابقت رکن ٿا، قرآن مجيد مومنن جي هڪ عمومي وصف اها بيان ڪئي آهي ته اهي اجائي ۽ فضول ڪمن کان پرهيز ڪن ٿا:

“وَالَّذِينَ هُمْ عَنِ اللَّغْوِ مُعْرِضُونَ،[12]

ٻي جڳھ تي الله سائين جو فرمان آهي:

“وَإِذَا سَمِعُوا اللَّغْوَ أَعْرَضُوا عَنْهُ [13]

جڏهن به فضول ڳالهيون ٻڌن ٿا انهن کان پاسو ڪن ٿا.

7. غريبن سان همدردي

اسان جي پاڪ دين اسلام جتي خوشي جي موقعي تي پنهنجي مٽن مائٽن کي خوشين م شريڪ ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي اتي غريبن، مسڪينن، لاوارثن جي سار سنڀال لهڻ جو به حڪم ڏنو آهي. عيد فطر جو هڪ اهم حڪم فطرو ڏيڻ آهي، جنهن جي ايتري ته فضيلت آهي جو امام صادق عليه السلام فرمائن ٿا:

اِنَّ مِنْ تَمامِ الصَّوْمِ اِعْطاءُ الزَّكاةِ ـ يَعْنِى الْفِطْرَةَ ـ كَما اَنَّ الصَّلاةَ عَلَى النَّبِىِّ صلى‏الله‏عليه‏و‏آله تَمامُ الصَّلاةِ، لاَنَّهُ مَنْ صامَ وَ لَمْ يُوَدِّ الزَّكاةَ فَلا صَوْمَ لَهُ اِذا تَرَكَها مُتَعَمِّدا؛(14)

فطرو ڏيڻ انهن ڪمن مجنهان آهي جيڪي روزي کي مڪمل ڪن ٿا. جهڙي نموني رسول اڪرم تي صلوات پڙهڻ سان نماز مڪمل ٿيندي آهي. ڇو جو جيڪڏهن ڪو ماڻهو روزو رکي پر فطرو نه ڏئيڄڻ ته ان روزو ئي نه رکيو۔

قرآن مجيد فطري ڏيڻ کي ڪاميابي ڄاڻائيندي فرمائي ٿو:

“ قَدْ أَفْلَحَ مَن تَزَكَّى”[15]

ڪامياب ٿيو اهو جنهن زڪات ڏني. اسانجي تمام عالم سڳورن ان آيت ۾ “تزڪي” مان مراد زڪات فطرو ورتو آهي.[16] ٻيو نڪتو هي ته ان زڪات کي “زڪات بدن” به چئبو آهي جنهن جي معنى هي آهي ته فطري جي ڏيڻ سان اسان جي تندرستي بحال رهندي. در حقيقت انسان پنهنجي تندرستي جو بيمو ڪرائي ٿو. فطري جا ڪيترائي حڪم آهن جيڪي توضيح المسائل ۾ ملي سگهن ٿا. الله سائين کان دعا آهي ته اسان کي انهن عظيم پيغامن تي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي

حوالا

[1]سنن ابو داود ۽ نسائي_

[2]سورت مائده، آيت115_

[3]ڪنز العمال، 24094_

[4]ڪنز العمال، 24095_

[5]عيون اخبار الرضا، ج1، ص122_

[6]تحف العقول، ص170_

[7]ميزان الحڪمه. ج7، ص131_

[8]وسائل الشيعه، ج7، ص481_

[9]صحيفه سجادي، دعا 45_

[10]من لا يحضره الفقيه، ج1، ص516_

[11]نهج البلاغه، حڪمت 428_

[12]سورت مومنون، آيت3_

[13]سورت قصص، آيت55_

[14]وسائل الشيعه، ج6، ص221_

[15]سورت اعلى، آيت14_

[16]الزڪات في الشريعه الغرا، ج2، ص579 _

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found