آچر, 19 مئي 2019 - Sun 05 19 2019

منو

علوي نظام ۾ مذهبي اقليتن جا حق

 

تحرير: سرفراز مهدي چانڊيو

دنيا ۾ رائج موضوعن منجھان هڪ اهم موضوع اقليتن جا حقوق آهي.  اهو عنوان مذهبي ۽ غير مذهبي ٻنهي اقليتن کي شامل آهي ليڪن هن تحرير ۾ اسان جي نظر مذهبي اقليتن جي حقن تي آهي.

هي هڪ عمومي قاعدو آهي ته اگر غير مذهبي اقليتون اسلام سان ٽڪر ۽ مقابلي ۾ نه اچن ته انهن لاءِ به اهي ساڳيا حق آهن جيڪي مذهبي اقليتن لاءِ آهن.

حڪومت جي ذميوارين منجھان هڪ اهم ذميواري، پنهنجي ماتحت رهندڙ انسانن کي رسمي طور سڃاڻي، انهن جا حق معين ڪري انهن کي جاري ڪرڻ آهي. (1)

اسلامي حڪومت جيڪا رحمت ۽ درگذر ڪندڙ حڪومتن جو نموني عمل آهي (2) ان ابتدا کان وٺي اهڙي روش اختيار ڪئي آهي جنهن ۾ هر انسان جا حق محفوظ هجن، سواءِ هڪ صورت جي ته اهي پاڻ پنهنجي ڪرتوتن سببان پنهنجا اهي حق ختم ڪن. قرآن مجيد به مذهبي اقليتن جي حقن کي رسمي طور بيان ڪندي انهن کي اسلامي حڪومت جو حصو بڻايو آهي.(3)

اسلام ۽ پيغمبرن جي پيغام ۾ انسان کي فردي ۽ اجتماعي زندگي ۾ حاصل ٿيل اهو حق پالڻهار جي رحمت جي ڪري آهي. توڙي جو خلقڻهار جو پسنديده نظام ۽ دين اسلام ئي آهي  (4)  تڏهن به هر فرد ۽ گروھ پنهنجي آزادي ۽ اختيار سان عقيدي جي انتخاب  ۾ آزاد آهي. الله جي رسول اهل ڪتاب سان صلح  ڪري عملي طور  ان حڪم کي جاري ڪيو آهي. (5) 

يقينا مولا علي عليه السلام جي پنجن سالن جو دور حڪومت به مٿئين قاعدي کان جدا ناهي، تنهن ڪري اسان هن مقالي ۾ علوي نظام ۾ مذهبي اقليتن جي حقن کي بيان ڪندا سين.

ليڪن ان کان پهريان ضروري آهي ته اسلامي حڪومت مٿان حاڪم اصولن تي هڪ نظر وجھون، جنهن ۾ اقليتن جا حق به شامل هجن. تنهن کان بعد  امام علي عليه السلام جي حڪومت جي دور جون ڪجھ حقيقتون پيش ڪري مذهبي اقليتن کي حاصل حقن بابت بحث ڪريون.

انسان امام علي عليه السلام جي نگاھ ۾، مالڪ اشتر ڏانهن لکيل خط جي روشني ۾

امام علي عليه السلام جي نگاھ ۾ سڀئي انسان، هر حڪومت ۽ هر زماني ۾، ڪنهن به قسم جي فرق کان بغير بهترين حق رکندڙ آهن. (6) مولا جو مالڪ اشتر ڏانهن لکيل خط ان حقيقت کي ڀلي ڀت وائکو ڪري رهيو آهي. جنهن ۾ موجود لفظ (الناس) انسان ۽ انهن جي خلقت ۾ موجود هڪجهڙائي ان حقيقت کي بيان ڪري رهي آهي. (7)

علي عليه السلام جي نظر ۾ اسلامي حڪمران جي ذميواري آهي ته سڀني ماڻهن سان محبت ۽ الفت سان پيش اچي، توڙي جو اهي مذهبي اقليتن سان وابسته ئي ڇو نه هجن، حڪمران کي اهڙي درندي وانگر نه هجڻ گھرجي جيڪو پنهنجي رعيت جو شڪار ڪرڻ کي غنيمت سمجھندو هجي. (8) هن مڪتب ۾ ماڻهو ٻن قسمن جا آهن يا حڪمران جو ديني ڀاءُ يا خلقت ۾ ان حڪمران جهڙو. تنهن ڪري هتي ڪنهن سان به غير انساني سلوڪ جو تصور ئي موجود ناهي ۽ اهو قاعدو مالڪ پاران موڪليل محبت ۽ رحمت جي لازمي هجڻ واري قاعدي مان به واضح آهي.

اهڙي صورتحال ۾ گذريل حق جا دين جهڙوڪ يهود ۽ مسيح به مسلمانن سان صلح جي قرارداد جوڙي پاڻ کي ذمي بڻائي پنهنجي جان ۽ مال جي حفاظت جو انتظام ڪري سگھن ٿا. ۽ اها ساڳئي صورتحال هٿ جي ٺاهيل نظامن جي پيروڪارن لاءِ به آهي ته اهي به اهڙي قسم جي قرارداد جوڙي سگھن ٿا ۽ ان کان بعد جيستائين هو پاڻ اسلام ۽ مسلمانن کي نقصان نه پهچائين ته اهي حق حاصل ڪري سگھن ٿا. (9)

هن مڪتب ۾ سڀئي انسان ڪيترن ئي حقن ۾ هڪ جهڙا آهن جن ۾ انسان جي ذاتي احترام، مناسب ۽ فائديمند ڪم، انساني ڪرامت، اسلامي جي مادي ۽ معنوي سهولتن منجھان فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ فقط هڪ ئي شرط آهي ته ٻين مسلمانن جي حقن جي راھ ۾ رڪاوٽ نه بڻجن ۽ اسلامي قانونن جي مخالفت جي صورت ۾ سزا جا مستحق هوندا.

مولا علي عليه السلام جي فرمان ۾ مالڪ اشتر کان اها گھر ٿيل آهي ته پنهنجي حڪمراني ۾ رهندڙ ماڻهن بابت حڪمران جي ذميواري آهي ته  کين حقيقي اسلام کان آشنا ڪري، کين ڪمال جي راھ جو راهي بنائڻ لاءِ مڪمل ڪوشش ڪري، ليڪن ڇو جو ممڪن آهي ته هر حق رکندڙ انسان، اسلام طرفان مليل حق جو غلط استعمال ڪري ٻين جا حق ضايع ڪري  ۽ عمومي نظم ۾ خلل وجھي اجتماعي اخلاق ۾ فساد ايجاد ڪري، ته اهڙي صورتحال ۾ اسلامي حڪمران جي مٿان فرض آهي ته  اهڙي عمل کي سختيءَ سان روڪي ۽ ان فرد ۽ معاشري کي خراب ٿيڻ جي خطري کان بچائي. تنهن ڪري جڏهن انسان علي عليه السلام جي جي مڪتب ۽ ٻين مادي مڪتبن ۾ ڀيٽاءُ ڪري ٿو جيڪي انسان کي فقط مادي سمجهن ٿا ۽ ان جي مادي صلاحيتن کان علاوھ ٻيو ڪجھ به قبول نٿا ڪن ته هن مڪتب جا عظيم راز ۽ اسلام جو حسن انسان لاءِ قابل غور حقيقت بڻجي ٿو وڃي.(10)

اسلامي حڪمران لاءِ ضروري اصول

مولا علي عليه السلام طرفان مالڪ اشتر ڏانهن لکيل خط ۾ مڙني انسانن جي نسبت ڪجھ حق بيان ٿيل آهن. جيڪي اسلامي حڪمران طرفان جاري ٿيڻ گھرجن ۽ انهن اصولن جي پابندي اسلامي نظام جا بنياد مضبوط ڪرڻ جو سبب ٿيندي. ليڪن اهي اصول هر انسان مٿان جاري ٿيڻ گھرجن  ۽ مذهبي اقليتن لاءِ به اهي ساڳيا ئي اصول آهن .

1 ـ انصاف

خط ۾ مولا مالڪ اشتر کي دستور ڏين ٿا ته هڪ پاسي ماڻهن ۽ پالڻهار جي درميان ته ٻئي پاسي وري خاص ماڻهن  ۽ سڄي معاشري منجھان جنهن ڏانهن به مائل هجين ان سان انصاف ڪر. (11) هن عبارت ۾ لفظ الناس استعمال ٿيو آهي  جيڪو هر انسان کي شامل آهي ۽ انصاف جو رتبو ماڻهن تائين حق پهچائڻ کان به وڌيڪ اهم آهي  ۽ ٻي مقام تي مولا انصاف نه ڪرڻ کي ظلم،  ۽ خدا جي بندن تي ظلم ڪرڻ کي پالڻهار جي ڏمر کان سواءِ ڪجھ به نٿو سمجھي، جنهن جي نتيجي ۾ انسان خدا جي مقابلي ۾ اچي ٿو وڃي سواءِ ان جي ته توبه ڪندي ان غلطيءَ جو پوراءُ ڪري (12)  اهڙي قسم جي صورتحال موجودھ حقوق بشر ۾ به ناهي جيڪا بغير ڪنهن فرق جي وڏي واڪي سڀني جي حقن کي ادا ڪندڙ هجي. (13)

2ـ ڪينو ختم ڪرڻ

ماڻهن جي اندر ۾ موجود ڪينو ختم ڪر. (14) اهو قانون جيڪو اسلامي رهبرن جي عظيم شخصيت جو دليل آهي اهو اقليتن جي لاءِ اڃا وڌيڪ آهي ڇاڪاڻ ته ذمي جي قرار داد سببان ڪيني ۽ ساڙ جو امڪان وڌيڪ آهي  ۽ اسلامي حڪمران کي پنهنجي تدبير  وسيلي اهڙي صورتحال کي روڪڻ گھرجي. ماڻهن جي ضرورتن جو پوراءُ ڪرڻ گهرجي. ان باب ۾ جيڪي شيون حڪمران جي ذميوارين ۾ شامل آهن اهي به مولا جي ان خط ۾ موجود آهن. (15) ۽ ٻئي پاسي وري مولا تاڪيد سان بيان ڪيو آهي ته ماڻهن جو ڪم بنا دير جي فوري اڪلائڻ گھرجي ۽ ان ڳالھ ۾ اقليتون پڻ شامل آهن.

3ـ محبت جو اصول

اي مالڪ! پنهنجي رعيت سان محبت ۽ الفت سان پيش اچ. جيئن چاهين ٿو ته پالڻهار تو سان محبت سان پيش اچي. ۽ پاڻ کي ماڻهن جي دلين جو حڪمران بڻاءِ  انهن لاءِ وحشي درندو نه ٿي. (16)  مولا جي ان فرمان: ماڻهن جي دلين مٿان حڪومت ڪر. مان واضح آهي ته اها حڪومت محبت ۽ الفت کان سواءِ ممڪن ئي ناهي.

4ـ سنتن جو احترام، اصل تعاون  ۽ اصل احسان

سنتن جو احترام، اصل تعاون  ۽ اصل احسان به اهڙا اصول آهن. جيڪي حڪمران کي ادا ڪرڻ گھرجن حڪمران کي گھرجي ته خشڪ قانون ختم ڪري،  گھري نظر رکندي تعاون، اميد ۽ هڪٻئي جو ساٿ ڏيڻ کي، احسان ۽ نيڪو ڪاري جي صورت ۾ معاشري ۾ پيش ڪري ۽ اسلامي حڪمران کي اهي اصول جاري ڪرڻ گھرجن ايستائين جو اقليتن جا به اجتماعي ۽ اقتصادي مسئلا حل ڪرڻ گھرجن. جنهن جا ڪيترائي مثال مولا علي عليه السلام جي حڪومت جي زماني ۾ ملن ٿا جهڙوڪ: مولا علي عليه السلام جي حڪومت جي زماني ۾ هڪ پير مرد جيڪو مجبور ٿي پني رهيو هيو  اهو اچي مولا علي عليه السلام سان مليو  ته مولا پنهنجي صحابين کان ان بابت پڇيو ته جواب مليو هي نصراني آهي  ته مولا فرمايو: ان کي ڪم ڪرڻ کان روڪيائون ايستائين جو هو پوڙهو ٿي ويو  ۽ هاڻي وري ان جي مدد به نٿي ڪئي وڃي  پوءِ مولا بيت المال مان ان جي روزي جو انتظام ڪيو. (17)

اسلامي حڪمران جي اخلاقي ۽ اجتماعي رابطن جا ڪجھ مثال

مولا علي عليه السلام جي حڪومت جي زماني ۾ ڪوفي ڏانهن ويندي ڪنهن مذهبي اقليت واري ماڻهو سان هڪ انسان جي ملاقات ٿي انهن ٻنهي جي رستي جو ڪجھ حصو گڏيل هيو، جنهن بابت انهن اهو طئي ڪيو ته اهو فاصلو گڏجي طئي ڪندا سين  ۽ طئي ٿيل ٻه واٽي تي پهچڻ کان پوءِ ان ماڻهو ڏٺو ته اهو مسلمان ڪوفي وارو رستو ڇڏي ساڻس گڏجي هلي رهيو آهي ته ان تعجب ڪندي پڇيو ته ڇا تو کي ڪوفي ناهي وڃڻو؟ ته ساڻس گڏ هلندڙ شخص مڪمل اطمينان ۽ مهرباني سان کيس جواب ڏنو ته ها مونکي ڪوفي وڃڻو آهي. ان مهل ان اقليتي شخص مسلمان کان پڇيو پوءِ تون هن پاسي ڇو ٿو هلين؟  ته ان مسلمان سندس جواب ۾ چيو: چاهيان ٿو ته ڪجھ فاصلي تائين تو سان گڏ هلان. اسان جي پيغمبر جو فرمان آهي ته جڏهن به ٻه ماڻهو گڏجي ڪو فاصلو طئي ڪن ٿا  ته هڪ ٻئي مٿان حق پيدا ڪن ٿا ۽ هاڻي منهنجي مٿان تنهنجو حق آهي ته آءُ ڪجھ قدم توسان گڏ هلان پوءِ واپس پنهنجي واٽ وٺندس، ان شخص جي اچرج ۾ اضافو ان مهل ٿيو جڏهن کيس خبر پئي ته ساڻس گڏ هلندڙ انسان مسلمانن جو حڪمران ۽ ڪوفي جو والي امير المومنين عليه السلام آهي. (18) هاڻي اسان پنهنجي اصل موضوع يعني اقليتن جي حقن جي ڳالھ ڪندا سين.

اقليتن جا حق

توڙي جو علوي نظام ۾ اقليتن جي مڙني حقن جي ڄاڻ تمام گھڻي تحقيق جي محتاج آهي. جنهن جو نتيجو مقالي کان نڪري ڪتاب جي صورت ۾ ظاهر ٿيندو، ليڪن اسان هتي ڪوشش ڪيون ٿا ته انهن حقن منجھان اهم حقن ڏانهن اشارو ڪيون جيڪي هن ريت آهن.

1ـ عقيدتي آزادي

قرآن مجيد جون ڪيتريون ئي آيتون اهل ڪتاب جي عقيدتي آزادي کي بيان ڪندڙ آهن. (19) ۽ يهودين جي رسول الله صلي الله عليه و آله وسلم سان ٿيل گفتگو کي ڏسو جنهن ۾ انهن چيو: اي محمد صلي الله عليه و آله وسلم اسان پنهنجي دين تان هٿ نه کڻندا سين جو اسان حق ۽ هدايت تي آهيون (20)  ۽ رسول الله صلي الله عليه و آله وسلم نجران جي (عيسائي عالمن) اسقفن ڏانهن لکيل خط ۾ به فرمايو آهي ڪنهن به اسقف جي مقام، ڪنهن به راهب جي شان ۾ ڪمي نه ايندي نه ڪو (عيسائي راهب) ڪاهن هٽايو ويندو. (21)

2ـ بيان جي آزادي

هن اصول بابت به ڪيتريون ئي قرآني آيتون موجود آهن جيڪي ان قانون کي رسمي طور بيان ڪن ٿيون (22) ان کان علاوه آئمه معصومين عليهم السلام جي سيرت ۾ به موجود آهي جهڙوڪ: هڪ يهودي امام علي عليه السلام کي چيو: توهان اڃا پنهنجي رسول جي دفن ڪفن منجھان به فارغ  نه ٿيا هيو جو اختلاف جو شڪار بڻيو  ته مولا فرمايو: اسان پاڻ سڳورن صلي الله عليه و آله وسلم وٽان پهتل شين ۾ اختلاف ڪيو سين  خود ان (جي نبوت) بابت اختلاف نه ڪيو سين. (23) اهل ڪتاب کي تورات، انجيل سان گڏ پنهنجا ٻيا ڪتاب لکڻ جو به حق حاصل آهي (24) ليڪن ان شرط سان ته:

1ـ انهن ۾ اسلام جي خلاف نه ڳالهايو وڃي.

2ـ رسول الله صلي الله عليه و آله وسلم ۽ اسلامي معاشري جي معصوم حڪمرانن مٿان ڪا تهمت نه مڙهي وڃي

3ـ خدا جي ڪلام ۾ ڪا تحريف (ڦير ڦار) نه ڪئي وڃي.

3ـ قانون گذاري جو حق

امام صادق عليه السلام کان موجود روايتن ۾ پڙهون ٿا ته: هر گروھ جيڪو ڪنهن به دين تي عقيدو رکندو هجي ته ان دين جا حڪم مٿس ثابت ٿي ويندا. (25) اسلام جي ابتدائي ڏهاڙن ۾ نجران جي نصارى جو هڪ ٽولو رسول الله صلي الله عليه و آله وسلم جي خدمت ۾ آيو  ۽ اتر ڏانهن منهن ڪري عبادت ڪيائون، تڏهن به پيغمبر کين آزاد ڇڏيو. (26)

۽ شهيد اول قدس سره جي قول موجب کين اهو حق حاصل آهي ته هو پنهنجي شريعت موجب زندگي گذارين  سواءِ ان جي ته هو اسلام ۾ حرام قرار ڏنل شين کي سر عام انجام ڏين، ان صورت ۾ اسلامي شريعت جي تقاضا موجب انهن سان پيش اچڻ گھرجي. (27) 

اسلام غير مسلم قومن کي اهو حق ڏنو آهي ته هو شادي جي مسئلي ۾ پنهنجي شريعت موجب عمل جا پابند رهن اها شئي ڀلي اسلام جي نگاھ ۾ صحيح نه به هجي، تنهن ڪري ميراث،  وصيت ۽ مالڪ هجڻ جو حق به رکن ٿا. امام خميني ره تحرير الوسيله ۾ فرمائي ٿو: اگر هو مخالفت جا مرتڪب نه ٿيا هجن ته انهن کي پنهنجون عبادتگاهون تعمير ڪرڻ يا انهن جي مرمت ڪرڻ جي اجازت آهي. (28)

4ـ امنيت ۽ حفاظت جو حق

اسلامي حڪومت جي ذميوارين منجھان هڪ ذميواري جيڪا اهل ذمه سان اصولي طور تي ٺهراءُ جي صورت ۾ جڙندي آهي اها انهن جي حفاظت ۽ کين امن فراهم ڪرڻ آهي، تنهن ڪري ڪنهن به قسم جي ناجائزي ۽ انهن جي آزادي جي خلاف ڪا ڳالھ ڪرڻ ممنوع آهي. رسول الله صلي الله عليه و آله وسلم فرمايو: جيڪو به شخص اسلام جي پناھ ۾ رهندڙ شخص مٿان ظلم ڪندو، يا کيس حقير ۽ پست سمجھندو  ۽ ان جي وس کان وڌيڪ ڪا ذميواري مٿس رکندو يا سندس اجازت کان بغير ڪا شي کڻندو ته ڏهاڙي قيامت جي مان ان جو دشمن هوندس. (29) اميرالمومنين عليه السلام به پنهنجي خط ۾ مالڪ اشتر ڏانهن لکي ٿو: مالڪ اهڙي بگھڙ وانگر  نه ٿجان جيڪو پنهنجي رعيت جو گوشت کائڻ کي غنيمت سمجھندو هجي. (30) البته ان لاءِ ڪجھ شرط آهن جيڪي فقهي ڪتابن ۾ موجود آهن.

5ـ اجتماعي عدالت منجھان فائدو حاصل ڪرڻ جو حق

سورت نساء جي 58 آيت ۾ عدالت جو عام حڪم ڪيو ويو آهي ۽ امام علي عليه السلام به مالڪ اشتر ڏانهن لکيل خط ۾ بيان ڪيو آهي ته: عدالت کي اهل ذمه لاءِ پڻ جاري ڪر. مظلوم کي سندس حق ڏيار، ۽ ظالمن سان سختيءَ سان پيش اچ.

امام علي عليه السلام جي زماني ۾ مصر ۾ موجود والي، اهڙي مسلمان بابت جنهن مسيحي عورت سان زنا ڪئي هئي پڇيو، ته مولا حڪم جاري ڪيو ته مسلمان مٿان حد جاري ڪيو ۽ مسيحي عورت مسيحين جي حوالي ڪيو ته جيئن هو پنهنجو حڪم پاڻ جاري ڪن. (31)

6ـ مالي ۽ اقتصادي حق

اسلام، جزيي کان علاوھ جيڪو اسلامي حڪومت اهل ذمه کان انهن جي حمايت ۽ حفاظت جي عيوض وٺندي آهي ٻيو ڪو به ٽيڪس انهن تي واجب ناهي ڪيو ۽ جزيو وٺڻ ۾ به مختلف طبقن ڏانهن توجھ کي نظر ۾ رکيو آهي ۽ فقيرن، ٻارن، عورتن، غلامن ۽ پوڙهن کي نظر ۾ رکيو آهي ۽ اهل ذمه ڏانهن ڪنهن به چڙهائي جي صورت ۾ سندن مال جي ضمانت کي رسمي طور بيان ڪيو آهي. کين اسلامي حڪومت ۾ ڪم ڪرڻ جو حق حاصل آهي  ۽ ڪنهن کي به انهن کي مجبور ڪرڻ جو حق ناهي،  ۽ اسلامي حڪومت جي ذميواري آهي ته اهل ذمه جي فقيرن جي سنڀال ڪري.  جهڙي ريت اميرالمومنين عليه السلام ان پوڙهي بابت حڪم جاري ڪيو ته کيس بيت المال منجھان رزق ڏنو وڃي. (32)

7ـ شخصي ۽ شهري حق

اهل ذمه کي سڀئي شهري حق حاصل آهن جيئن انهن جي انسانيت جي عزت ڪرڻ، ساڻن ڪوڙ ڳالهائڻ، کين ڌوڪو ڏيڻ، ملاوٽ ڪرڻ ۽ کين فريب ڏيڻ کان پرهيز، سندن گھرن ۾ بغير اجازت جي داخل ٿيڻ کان پرهيز، انهن سان ڪيل واعدن سان وفا ڪرڻ سان گڏ کين شادي يا طلاق جو حق هجڻ، عبادتگاهن لاءِ جڳھ وقف ڪرڻ جو حق، ڪنهن جي وڪيل ٿيڻ جو حق وغيرھ به شامل آهن (33) آئمه معصومين عليهم السلام غير مسلمن  سان ڀلي روئي سان پيش اچڻ بابت اميرالمومنين عليه السلام جي زندگي جا مثال پيش ڪندا هيا. شيعه فقھ موجب: مذهبي اقليتن جي مردن جي مسلمان عورتن سان شادي جائز ناهي ۽ اها پابندي ان ڪري آهي ته مرد ۽ عورت ۾ برابري هجڻ ضروري آهي ۽ اها برابري  فقط مادي ۽ ظاهري نه آهي. بلڪه ان مورد ۾ دلي ۽ عقيدتي نظرين کي به نگاھ ۾ رکيو ويو آهي.

8ـ فيصلا ڪرڻ ۽ آزادي جو حق

قرآن مجيد صراحت سان ان موضوع کي بيان ڪيو آهي. (34) ليڪن ان جو مطلب اهو ناهي ته انهن جي اختلاف کي پنهنجي حال تي ڇڏي ڏجي بلڪه هدف اهو آهي ته ٻئي ڌريون پنهنجي فيصلي ڪندڙ ڏانهن رجوع ڪن ۽ سورت مائده جي 43 آيت ۾ ان جو فلسفو به بيان ٿيل آهي ته جڏهن اقليتن جي وچ ۾ فيصلو ٿا ڪريو ته انصاف ۽ عدالت جي رعايت ضروري آهي.

9ـ قانون ۾ برابري جو حق

علي عليه السلام هڪ يهودي شخص سان فيصلي ڪرائڻ لاءِ قاضي شريح وٽ آيو  ۽ مولا فرمايو: ته يهودي وٽ موجود زرھ  منهنجي آهي  مان نه اها وڪئي آهي نه ڪنهن کي بخشي اٿم، ليڪن يهودي چيو ته؛ هي منهنجي ملڪيت آهي.  قاضي شريح مولا کان (بينو) ٻن عادلن جي گواهي گھري ته مولا فرمايو: قنبر ۽ حسين عليه السلام ٻئي گواهي ڏيندا. ته شريح چيو: پٽ ۽ غلام جي گواهي قبول ناهي، توڙي جو مولا قاضي شريح کي جواب ڏنو، ليڪن بهرحال اسلامي حڪومت جي قاضي اسلامي حڪمران کي گھٽ ڪندي يهودي جي ملڪيت هجڻ جو فيصلو ڪيو ۽ جڏهن ان يهودي اها حالت ڏٺي ته مسلمان ٿيو ۽ چيائين: واقعا هي انسان مومنن جو امير آهي  جيڪو قاضي وٽ آيو  ۽ قاضي به ان جي خلاف فتوى ڏني تڏهن به هي خاموش رهيو ۽ اهو يهودي ان کان وڌيڪ خاموش نه رهي سگھيو، تنهن ڪري اهو اقرار ڪيائين ته هي زرھ توهان جي آهي ۽ جنگ صفين ۾ توهان جي خاڪي رنگ واري اٺ تان ڪري پئي هئي ۽ مان اتان کنئي هئي. (35)

نتيجو: اهو مضمون پڙهڻ کان بعد معلوم ٿئي ٿو ته اسلامي حڪومت ۾ اقليتي مذهبن کي به مڙئي انساني حق مهيا ٿيل آهن. جن منجھان کين پنهنجي قانون موجب واپار ڪرڻ، اقتصادي فعاليت انجام ڏيڻ، زمينون آباد ڪرڻ،  آزاد اقتصادي رابطا بحال ڪرڻ، مذهبي رسومات ۽ پنهنجا تهوار ملهائڻ جي آزادي حاصل آهي ۽ انهن مڙني حقن جا مثال علي عليه السلام جي پنج ساله دور حڪومت ۾ چڱيءَ ريت ڏسي سگھجن ٿا

حوالا

1ـ حقوق اقليت ها در حکومت اسلامي، شذي خفاجي، مترجم مهدي حيسنيان، ص 106

2ـ سورت انبياء آيت 107

3ـ سورت نحل آيت 125

4ـ سورت آل عمران آيت 19 ۽ 58

5ـ حقوق اقليت ها در حکومت اسلامي، شذي خفاجي، مترجم مهدي حيسنيان، ص 107

6ـ اصول حکمت سياسي اسلام، محمد تقي جعفري، ص 327

7ـ نهج البلاغه ، مالڪ اشتر ڏانهن لکيل خط

8ـ  (وَ لَا تَكُونَنَّ عَلَيْهِمْ سَبُعاً ضَارِياً تَغْتَنِمُ أَكْلَهُمْ فَإِنَّهُمْ صِنْفَانِ إِمَّا أَخٌ لَكَ فِي الدِّينِ وَ إِمَّا نَظِيرٌ لَكَ فِي الْخَلْقِ) اصول حکمت سياسي اسلام، محمد تقي جعفري، ص 330

9ـ ساڳيو ص 330

10ـ ساڳيو

11ـ (وَ أَنْصِفِ النَّاسَ مِنْ نَفْسِكَ وَ مِنْ خَاصَّةِ أَهْلِكَ.... )

12ـ (وَ مَنْ ظَلَمَ عِبَادَ اللَّهِ كَانَ اللَّهُ خَصْمَهُ دُونَ عِبَادِهِ وَ مَنْ خَاصَمَهُ اللَّهُ أَدْحَضَ حُجَّتَهُ‏ وَ كَانَ لِلَّهِ حَرْباً حَتَّى يَنْزِعَ أَوْ يَتُوبَ)

13ـ حقوق بين الملل، حقوق اقليتها، ص 47

14ـ (أَطْلِقْ عَنِ النَّاسِ عُقْدَةَ كُلِّ حِقْدٍ)

15ـ  ساڳيو

16ـ (وَ أَشْعِرْ قَلْبَكَ الرَّحْمَةَ لِلرَّعِيَّةِ وَ الْمَحَبَّةَ لَهُمْ وَ اللُّطْفَ بِهِمْ)

17ـ وسائل الشيعه، ج 11 باب 19 حديث 1 .

18ـ اصول ڪافي ج2  باب حق الصاحب في السفر  ص 491

19ـ سورت احزاب آيت 45، سورت انبياء آيت107، سورت آل عمران آيت 96، سورت يونس آيت، 99

20 ـ ابن هشام ج 2 ص 217 (مجله حڪومت اسلامي ص 111 تان نقل ٿيل)

21ـ الطبقات الڪبرى، ابن سعد ج 1 ص 261

22ـ سورت نحل آيت 125، سورت آل عمران آيت 64، سورت بقره آيت 135

23ـ نهج البلاغه صبحي صالحي، ص 531

24ـ حقوق اقليت ها در حکومت اسلامي، شذي خفاجي، مترجم مهدي حيسنيان، ص112

25ـ الاستبصار ، شيخ طوسي، ج 4 ص 189

26ـ السيرة النبوية ، ابن هشام ج 2 ص 223 ۽ 224

27ـ المبسوط ج 6 ص 182

28ـ تحريرالوسيلة ج 2 ص 504

29ـ السيرة النبوية، ابن ڪثير، ج 4 ص 29

30ـ نهج البلاغه مالڪ اشتر کي لکيل خط (خط نمبر 62)

31ـ وسائل الشيعه ج 28 ص 152

32ـ حقوق اقليت ها در حکومت اسلامي، شذي خفاجي، مترجم مهدي حيسنيان، ص 118

33ـ وسائل الشيعه ج 11 ص 49

34ـ سورت مائده آيت 42

35ـ عباس علي عميد زنجاني، حقوق بين الملل، حقوق اقليتها ص 193 کان 198 تائين

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found