آچر, 19 مئي 2019 - Sun 05 19 2019

منو

خوابن جي دنيا قرآن جي نگاه ۾ (ٻئين قسط)

تحرير: محمد علي جواد

خواب جا قسم

گذريل قسط ۾ خواب جي حقيقت ۽ سندس قرآني استعمال کي بيان ڪيو ويو، جنهن ۾ قرآن جي  ڪجهه سورتن ڏانهن اشارو ڪيو ويو جن ۾ لفظ ”رويا“ خواب جو استعمال ٿيو آهي، جن منجهان سوره مبارڪه يوسف ۾ خواب ۽ سندس تعبير کي تمام گهڻي اهميت ڏني وئي آهي انهيءَ سوره ۾ الله سائين خواب، ان جي  صحيح ۽ سچي تعبير ڪرڻ وارن ۽ اهڙي نموني غلط ۽ ڪوڙي تعبير ڪرڻ وارن جون نشانيون ظاهر ڪيون آهن خاص طور تي سوره يوسف ۾ چار جڳهن تي انهيءَ مسئلي کي بيان ڪيو ويو آهي. هن ٻئي قسط ۾ اچو ته خواب جي قسمن تي روشني وجهون:

سچا خواب :

هي اهي خواب هوندا آهن جن ۾ هڪ قابل شخص ڪجهه تبديلين ۽ ڪجهه علامتن وسيلي ڪنهن خاص مطلب تائين رسائي حاصل ڪري سگهي ٿو، اهڙن خوابن کي روايتن ۾ روح ۽ فرشتن جو ميلاپ جي نتيجي سان ياد ڪيو ويو آهي. هڪ روايت ۾ نبي پاڪ (صلي الله عليه وآله وسلم) ارشاد فرمائن ٿا : جن خوابن کي انسان طهارت ۽ پاڪائي واري ننڍ ۾ ڏسي ٿو اهي سچا هوندا آهن ۽ ٻئي صورت ۾ جيڪي خواب ڏسڻ ۾ اچن اهي ڪوڙا هوندا آهن. (1)

ڪوڙا خواب :

هي اهي خواب هوندا آهن جيڪي گهڻو ڪري گهڻي کائڻ،گهڻي سمهڻ ۽ بيماريءَ جي ڪارڻ نظر ايندا آهن اهڙن خوابن کي اضغاث ۽ احلام جي نالي سان ياد ڪيو ويو آهي ۽ اهڙيءَ طرح سڀني مبهمن، مهملن ۽ واضح مطلب پيغام کان خالي خوابن کي پڻ اضغاث احلام جي نالي سان سڏيو ويندو آهي. (2)

خواب ۾ نظر ايندڙ واقعا ۽ حادثا :

دوستو خواب ۾ جيڪي واقعا ۽ حادثا انسان کي نظر ايندا آهن لازمي ناهي ته انهن جو لاڳاپو رڳو ماضي ۽ گذريل زماني سان هجي، بلڪ جهڙي نموني سان انسان خواب ۾ گذريل حادثن ۽ واقعن کي ڏسي ٿو ساڳي نموني ممڪن آهي ته انسان ڪجهه اهڙن مسئلن ۽ حالتن کي ڏسي جن جو لاڳاپو ايندڙ زماني سان هجي، ڇاڪاڻ ته جهڙيءَ ريت گذريل حادثا ۽ واقعا جيڪي انسان جي پهچ کان پري آهن خواب ۾ نظر ايندا آهن، انهن جو عالَم ماده سان ڪو ربط ناهي بلڪ انهن جو عالَم تجرد سان ربط آهي، ساڳيءَ ريت ايندڙ زماني سان لاڳاپو رکندڙ حادثا ۽ واقعا پڻ خواب ۾ نظر ايندا آهن جن جو ربط پڻ عالَم تجرد ۽ معنوي سان هوندو آهي جيڪو عالَم ماده جي شرطن ۽ صفتن کان خالي هوندو آهي، جنهن ۾ انسان جو روح پاڪيءَ ۽ ڪجهه ٻين خوبين وسيلي ايندڙ زماني سان لاڳاپو رکندڙ حادثن ۽ واقعن سان ربط پيدا ڪري سگهي ٿو.

علم تعبير خواب:

اڄ ڪلهـ جي زماني ۾ جيڪو نهايت ئي ڏکيو مسئلو آهي اهو آهي خوابن جي صحيح تعبير ڪرڻ، ڇا تعبير ڪرڻ واري لاءِ ڪي خاص شرطون آهن؟ ڪو خاص طبقو تعبير ڪرڻ لاءِ مخصوص آهي؟ يا ڪو به انسان خوابن جي تعبير ڪري سگهي ٿو؟

اگر قرآن ۾ آيل آيتن ۽ قصن تي غور ڪيو وڃي ته انهيءَ نتيجي ته پهچنداسين ته تعبير ڪرڻ واري جون ڪجهه خاص صفتون ۽ شرطون آهن، سڀ کان پهرين ته پاڪي ۽ سچائي جو هجڻ نهايت ئي ضروري آهي، تنهن کان پوءِ مهارت، دقت، علم جو هجڻ پڻ ضروري آهي، حقيقت ۾ خوابن جي تعبير ڪرڻ وارو هڪ اهڙي طاقت ۽ قوت (ملڪَي) جو مالڪ هوندو آهي جنهن جي وسيلي شين جي حقيقتن کي ڪنهن حد تائين حاصل ڪري سگهي ۽ پنهنجي گفتار و ڪردار کي هڪ معنوي ۽ شرعي حيثيت ڏئي سگهي.

پر افسوس ڪجهه ماڻهو علم تعبير جي اصولن، شرطن ۽ قانونن کان هٽي ڪري پنهنجي طرفان خوابن جون تعبيرون بيان ڪندا آهن، رڳو ڪجهه عرفاني ۽ خوابن جي تعبير متعلق ڪتاب پڙهڻ سان انسان علم تعبير خواب جو مالڪ نٿو بڻجي سگهي، بلڪ علم تعبير خواب الله پاڪ جي طرفان هڪ هديو آهي جنهن ۾ پاڪائي (ظاهري ۽ معنوي) سان گڏوگڏ لازمي آهي ته انسان شين جي حقيقتن تائين پوري رسائي رکندو هجي.

حضرت يوسف خوابن جي حقيقي تعبير ڪندڙ:

الله پاڪ قرآن پاڪ جي سوره مبارڪه يوسف ۾ حضرت يوسف عليه السلام جي قصي کي تفصيل سان بيان ڪيو آهي جنهن ۾ حضرت يوسف عليه السلام خوابن جي تعبير ڪندي نظر اچن ٿا:

وَ دَخَلَ مَعَهُ السِّجْنَ فَتَيانِ قالَ أَحَدُهُما إِنِّي أَراني‏ أَعْصِرُ خَمْراً وَ قالَ الْآخَرُ إِنِّي أَراني‏ أَحْمِلُ فَوْقَ رَأْسي‏ خُبْزاً تَأْكُلُ الطَّيْرُ مِنْهُ نَبِّئْنا بِتَأْويلِهِ إِنَّا نَراكَ مِنَ الْمُحْسِنينَ. قالَ لا يَأْتيكُما طَعامٌ تُرْزَقانِهِ إِلاَّ نَبَّأْتُكُما بِتَأْويلِهِ قَبْلَ أَنْ يَأْتِيَكُما ذلِكُما مِمَّا عَلَّمَني‏ رَبِّي (3)

حضرت يوسف عليه السلام نبي سان گڏ ٻه ٻيا نوجوان قيدي ٿيا، هڪ چيو ته: مون خواب ۾ انگورن جو رس پيئندي ڏٺو. ٻئي چيو ته مون خواب ڏٺو ته مٿي تي مانين جي کاري رکيل آهي جنهن منجهان پکي چهڀن سان کائي رهيا آهن، اسان کي پنهنجن خوابن جي تعبير ٻڌاءِ جو اسان توکي نيڪوڪارن منجهان پاتو آهي، يوسف نبي فرمايو: آئون توهان کي توهان جي کاڌي اچڻ ۽ کائڻ کان پهرين خوابن جي تعبير ٻڌائيندس جو اهيو علم منهنجي پالڻهار مون کي سيکاريو آهي.

انهيءَ آيتن تي غور ڪيو وڃي ته خبر پوي ٿي ته اهي ٻئي قيدي عام ماڻهو نه هئا بلڪ حڪومتي دربار جا ويجها ماڻهو هئا جيڪي بادشاه جي ناراضگيءَ جي ڪارڻ قيد ٿيا هئا اهيو ئي ڪارڻ آهي جو انهيءَ ٻنهي جي خوابن جو ذڪر آيل آهي نه ته قيدخاني ۾ ان کان سواءِ ٻيا خواب ۽ سندن تعبير جا واقعا ملن ٿا جن جي تعبير پڻ حضرت يوسف عليه السلام ڪئي هئي، انهن ٻن قيدين حضرت يوسف عليه السلام جي پاڪائي سچائي ۽ علم، ڄاڻ کي ڏسندي بغير ڪنهن شرط ۽ شڪ جي تعبير جي درخواست ڪئي، حضرت يوسف عليه السلام به جواب ۾ فرمايو ته اهيو علم الله پاڪ مون کي سيکاريو آهي.

جاري..............

حوالا :

(1). شرح العيون في شرح العيون، انتشارات دفتر تبليغات، چاپ ٻئي، قم، 79، ص 875

(2). رضوان طالب، محمدرضا؛ رويا از نظر دين و روانشناسي، نشر شفق، قم، 79، چاپ ٻئي ، ص 66 ۽ 67 .

(3). سوره يوسف، 36_ 37.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found