آچر, 19 مئي 2019 - Sun 05 19 2019

منو

خوابن جي دنيا قرآن جي نگاه ۾ ( پهرين قسط)

تحرير: محمد علي جواد

مهاڳ:

بيشڪ قرآن پاڪ اهو عظيم معجزو آهي جيڪو ڏينهن قيامت تائين انسانن لاءِ هادي بڻيل رهندو. منجهس هر خشڪ ۽ تر جو ذڪر آيل آهي، الله پاڪ زندگي جي هر روپ کي نهايت ئي سهڻي نموني سان قرآن پاڪ ۾ بيان ڪيو آهي. زندگيءَ جو هي روپ نهايت ئي عجيب آهي جنهن ۾ انسان سمهي ٿو آرام ڪري ٿو ۽ ان ننڊ جي عالم ۾ طرحين طرحين جا خواب ڏسي ٿو. حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته انساني عمر جو ٽيون حصو سمهڻ، آرام ڪرڻ ۽ خوابن ۾ گذري ويندو آهي. پر اڃا تائين کوڙ اهڙا ماڻهو آهن جيڪي خوابن جي حقيقت کان اڻڄاڻ آهن. پراڻي زماني کان وٺي اڄ تائين اها ننڊ ۽ ان ۾ طرحين طرحين جا خواب ڏسڻ انساني زندگيءَ جو روزمرھ جو معمول رهيو آهي. انهن خوابن ۾ اسان سفر ڪندا آهيون، ڪنهن سان دوستي ڪندا آهيون ته وري ڪنهن سان دشمني، ڪجهه شين کي هٿان وڃائيندا آهيون ته وري ڪن کي حاصل ڪندا آهيون. دوستو! اهڙا کوڙ سارا واقعا انسان خواب ۾ ڏسندو آهي. هاڻي سوال اهو آهي ته انهن جي حقيقت ڇا آهي؟ ڪجهه خواب ته اهڙا هوندا آهن جن جي تعبير ايندڙ زماني ۾ ظاهر به ٿيندي آهي، ڪير آهي جيڪو انسانن کي خوابن جي دنيا ۾ آئيندهه ٿيندڙ واقعن ۽ حادثن جو الهام ڪري ٿو ۽ کيس اهڙن  واقعن جي خبر ڏئي ٿو جن کي انسان ڪڏهن سوچيو به نه هوندو؟ ۽ اگر اهو الهام ڪندڙ الله پاڪ يا ان جي فرشتن منجهان ڪو فرشتو آهي ته وري انسان جي ذهن ۾ سوال اڀري ٿو ته هي انسان ته ننڊ ۾ آهي ۽ هن جو جسم زمين تي پيل آهي، پوءِ انساني وجود جي ڪهڙي حصي تي الهام ٿيندو آهي؟ اهي خواب سچا به هوندا آهن يا نه؟ انهن جي صحيح تعبير ڪير ڪري سگهي ٿو؟ تعبير خواب واري علم جي حقيقت ڇا آهي؟ اهو علم ڪسبي آهي يا الله پاڪ جي ڏات؟ وغيرھ وغيرھ. ۽ اهڙا کوڙ سارا ٻيا سوال جن جي جواب جي ڳولا جي ڪوشش هن مقالي ۾ ڪئي وئي آهي.

لفظ رؤيا خواب ۽ تعبير جو قرآني استعمال:

دوستو جيئن ته پهريان به بيان ڪيوسين ته قرآن هڪ عظيم ۽ بي مثال معجزو آهي. جنهن ۾ هر شيءِ جو ذڪر آيل آهي. تنهن ڪري اچو ته پهريان قرآن پاڪ ۾ غور ۽ فڪر ڪريون ته لفظ خواب ( رؤيا) ۽ تعبير جو ڪٿي ڪٿي استعمال ٿيو آهي، جن مان ڪجھ کي بيان ڪريون:

1ـ الله پاڪ ارشاد فرمايو:

(يا أيّها الملأ أفتوني في رؤياى إن كنتم للرؤيا تعبرون) (1)

اي منهنجا بزرگو مون کي پنهنجي خواب جي تعبير ٻڌايو، اگر علم تعبير ڄاڻيو ٿا ته.

2ـ هڪ ٻئي جاءِ تي منهنجي سهڻي پروردگار ارشاد فرمايو:

(وما جعلنا الرّويا التي أريناك إلاّ فتنةً للنّاس)(2)

۽ جيڪو خواب اسان توکي ڏيکاريو اهو ماڻهن جي آزمائش ۽ امتحان کان سواءِ ڪجهه به نه هو.

3ـ وري ارشاد باري تعالى ٿيو:

(قد صدّقت الرّؤياء، إنّا كذلك نجزي المحسنين)(3)

تو پنهنجي خواب کي سچو (عملي) ڪيو، اسان نيڪو ڪارن کي اهڙيءَ ريت اجر ۽ انعام ڏيندا آهيون.

4ـ وري ڪنهن جاءِ تي ارشاد ٿيو:

(لقد صدق اللّه‏ رسوله الرؤيا بالحقّ)(4)

يقينن الله پاڪ پنهنجي رسول جي خواب جي سچائيءَ کي ظاهر ڪيو.

5ـ الله پاڪ ارشاد فرمايو:

(لا تقصص رؤياك على اخوتك فيكيدوا لك كيدا) (5)

پنهنجي خواب کي پنهنجي ڀائرن جي سامهون بيان نه ڪر،  نه ته نتيجي ۾ هو توسان ساڙ ۽ ڌوڪو ڪندا.

6 ـ وري ارشاد ٿيو ته:

(وقال: يا أبت، هذا تأويل رؤياي من قبل)(6)

۽ حضرت يوسف پنهنجي پيءَ کي چيو ته هي تعبير آهي ان خواب جي جنهن کي مون پهريان ڏٺو هو.

مختصر هي ته تعبير خواب واري علم جي اهميت کي منهنجي سهڻي رب پاڪ سورت يوسف ۾ تفصيل سان بيان ڪيو آهي. جنهن ۾ مختلف خوابَ، سندن تعبيرون ۽ حقيقي، سچي ۽ ڪوڙي تعبير ڪندڙن جون صفتون بيان ٿيل آهن. خاص طور تي انهن ڇهن مقامن منجهان چار مقام سورت يوسف ۾ بيان ٿيل آهن، جتي خوابن جي باري ۾ گفتگو ڪئي وئي آهي ۽ ٻه مقام سورت فتح ۽ صافات ۾ بيان ڪيا ويا آهن.

خوابَ جي حقيقت:

خوابَ جي حقيقت ڇا آهي؟ انسانَ کي خوابَ ڪيئن ڏسڻ ۾ ايندا آهن؟ دوستو خواب جي حقيقت ۽ معرفت حاصل ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته پهرئين ننڊ جي حقيقت ۽ معرفت حاصل ڪئي وڃي ته ننڊ جي حقيقت ڇا آهي؟ قرآن پاڪ جي سورت  زمر (7) ۾ الله پاڪ ننڊ جي حقيقت کي نهايت ئي سهڻي انداز سان بيان ڪيو آهي ته ننڊ هڪ قسم جو قبضِ روح آهي، روح ۽ جسم جي جدائيءَ جو نالو آهي، پر اها جدائي ڪجهه عرصي لاءِ هوندي آهي. اهو هن طرح جو جڏهن الله پاڪ جي حڪم سان روح ۽ جسم جو رابطو ختم ٿي ويندو آهي، صرف ڪجهه ڪِرڻون جسم تي چمڪنديون آهن. سوچ ٻُڌَ ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏيندي آهي. اها ٻئي ڳالهه آهي جو ڪجهه شين جي چُرپر جاري هوندي آهي، جيڪي حياتيءَ لاءِ ضروري هونديون آهن. جيئن دل جو ڌڙڪڻ، خون جي حرڪتَ، ساهه کڻڻ، (8) بس معلوم ٿئي ٿو ته ننڊ عارضي موت آهي. ڇاڪاڻ جو جيئن موت مهل روح ۽ جسم جا سڀ رابطا ختم ٿي ويندا آهن، ساڳي طرح ننڊ مهل به روح ۽ جسم جا کوڙَ سارا رابطا ختم ٿي ويندا آهن. الله پاڪ ان ساڳي سورت زمر ۾ اڳتي ارشاد فرمايو ته ) فيمسك التي قضي عليها الموت و يرسل الأخري الي اجل مسمي ان في ذلك لايات لقوم متفكرون( (9)

پوءِ جن روحن لاءِ موت جو حڪم جاري ٿيل هوندو آهي تن کي روڪيو ويندو آهي، ۽ باقي جن روحن لاءِ حياتيءَ کي جاري رکڻ جو حڪم ٿيل هوندو آهي تن کي حتمي موت تائين ڇڏيو ويندو آهي. (مهلت ڏني ويندي آهي) بيشڪ ان ۾ سوچڻ واري قوم لاءِ نشانيون آهن.

ان آيت مجيده مان خبر پئي ٿي ته انسان ٻن شين منجهان ٺهيل آهي. هڪ جسم ۽ ٻيو روح، روح غير مادي آهي. جنهن جو هن جسم سان رابطو ۽ لاڳاپو هوندو آهي، ان روح جي ڪري ئي انسان زندهه هوندو آهي، موت ۽ ننڊ مهل الله پاڪ انهن روحن کي پاڻ وٽ گهرائيندو آهي، پر ننڊ ۽ موت ۾ فرق هي آهي ته موت وقت اهو روح ۽ جسم جو رابطو مڪمل طور تي ختم ٿي ويندو آهي. جڏهن ته ننڊ مهل ڪجهه عرصي لاءِ ختم ٿيندو آهي. اهڙي نموني الله پاڪ سورت انعام ۾ پڻ ننڊ جي حقيقت ڏانهن اشارو ڪندي ارشاد فرمايو آهي:

(و هوالذي يتوفاكم باليل و يعلم ما جرحتم بالنهار ثم يبعثكم فيه ليقضي اجل مسمي ثم اليه مرجعكم ثم ينبئكم بما كنتم تعلمون)(10)
۽ الله پاڪ اهو آهي، جيڪو رات جو ننڊ مهل توهان جي روح کي قبض ڪندو آهي، ۽ جيڪو توهان ڏينهن جو انجام ڏيندا آهيو الله پاڪ ان کان آگاهه آهي، ڏينهن جو وري توهان کي ننڊ منجهان اٿاريندو آهي (اهو ننڊ ۽ بيداري وارو سلسلو جاري رهندو آهي) ايسيتائين جو توهان جي زندگيءَ جي پُڄاڻي اچي ويندي آهي، پوءِ توهان سڀني کي الله پاڪ ڏانهن موٽي وڃڻو آهي، ۽ توهان جي عملن کان توهان کي آگاھ ڪندو.

علامه سيد محمد حسين حسيني تهراني ارشاد فرمائن ٿا: ان آيت سڳوري مان معلوم ٿئي ٿو ته موت ۽ ننڊ مهل انساني روح هن جهان کان ٻئي جهان ڏانهن ويندو آهي، سير ڪندو آهي. پر ان جو جسم هن زمين يا وري زمين هيٺ پيل هوندو آهي. موت واري صورتحال ۾ روح واپس نه ايندو آهي ان ٻئي جهان ۾ هوندو آهي، جڏهن ته ننڊ واري صورتحال ۾ واپس ايندو آهي. (11)

گذريل بحثن مان خوابن جي حقيقت ۽ معرفت ظاهر ٿئي ٿي ته جڏهن انسان آرام ڪندو آهي روح ۽ جسم جي وچ ۾ جدائي ٿي ويندي آهي. روح جو رابطو عالمِ ارواح سان ڳنڍجي ويندو آهي. جتي هو ايندڙ ۽ گذريل حادثن ۽ واقعن کي درڪ ڪندو آهي. اهوئي سبب آهي جو سچا خواب وجود ۾ اچن ٿا.

محققين جي درميان اختلاف آهي ڪن جو چوڻ آهي ته خوابَ ڪجهه به نه آهن انهن جي ڪا به اهميت ۽ حقيقت ناهي، مقابلي ۾ ڪجهه ٻين جو چوڻ آهي ته حقيقت ۾ خواب انسان جي مختلف حالتن جي عڪاسي ڪندا آهن، جنهن ۾ ڪو نه ڪو پيغام هوندو آهي، پر دين مبين اسلام جي وچولي نگاهه آهي. اسلام جي نگاهه ۾ ڪجهه خوابن کي حجيت، اعتبار ۽ سچائيءَ جو درجو ڏنو ويو آهي. جڏهن ته ڪجهه کي وري اجاين ۽ ڪوڙن خوابن جو درجو ڏنو ويو آهي، جن جي ڪا به اهميت ۽ حيثيت ناهي. حضرت امام صادق (عليه السلام) ان حوالي سان پنهنجي هڪ شاگرد کي خطاب ڪن ٿا ته: اي مفضل! خوابن بابت ڪجهه سوچ ويچار ڪر ته ڪيئن سهڻي رب پاڪ انهن لاءِ حڪمت جوڙي آهي. ڪهڙي نموني سان سچا ۽ ڪوڙا خواب پاڻ ۾ مليل آهن، ڇاڪاڻ جو اگر سڀئي خواب سچا هجن ها ته سڀ انسان نبي ۽ پيغمبر هجن ها، ۽ اگر سڀئي ڪوڙا هجن ها ته ڪو فائدو نه رهي ها، هڪ فضول ۽ اجايو ڪم ٿي وڃي ها، بس انهن مان ڪجهه سچا هوندا آهن جيڪي انسان کي نفعو رسائيندا آهن، هدايت ڪندا آهن، خبردار ڪندا آهن، ڪجهه ڪوڙا هوندا آهن جن تي انسان کي ڀروسو نه ڪرڻ گهرجي. (12)    هلندڙ..

 

حوالا

1ـ سورت يوسف آيت 43

2ـ سورت اسراء آيت 60.

3ـ سورت صافات آيت 105.

4ـ سورت فتح آيت 27 .

5ـ سورت يوسف آيت 5.

6ـ سورت يوسف آيت 100

7ـ الله يتوفي الا نفس حين موتها و التي لم تمت في منامها

8ـ تفسير نمونه، 19/428

9ـ سورت زمر آيت 42

10ـ سورت انعام سورت 60

11ـ معادشناسي ، 1/155.

12ـ خواب و رويا بررسي و تحليل از نگاه قرآن و حديث، (علي، منتظري)

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found