آچر, 19 مئي 2019 - Sun 05 19 2019

منو

توحيد جي حقيقت ۽ ان جا مرتبه

 

تحرير : سرفراز مهدي چانڊيو

مهاڳ: توحيد، اسلامي تعليمات جو سڀني کان اهم حصو ۽ اسلام جو بنيادي اصول آهي خاص ڪري اهلبيت عليهم السلام جي تعليمات ۾ توحيد جي بي انتها اهميت بيان ٿيل آهي ۽ اهو مسئلو ٻين الاهي معرفتن ۾ پڻ اهميت ڀريو مسئلو رهيو آهي.

اهو به واضح آهي ته سڀئي نبي پڻ انسانن کي توحيد ۽ الله سائين کي اڪيلو سمجھڻ جي دعوت ڏيندا رهيا آهن ۽ قرآن مجيد، اسلام کان پهريان وارن نبين جو تذڪرو ڪندي فرمايو آهي ته:

(وَ ما أَرْسَلْنا مِنْ قَبْلِكَ مِنْ رَسُولٍ إِلاَّ نُوحي ‏إِلَيْهِ أَنَّهُ لا إِلهَ إِلاَّأَنَا فَاعْبُدُونِ)(1)

اي رسول! اسان توکان پهريان ڪو به اهڙو پيغمبر ناهي موڪليو سواءِ ان جي ته ان ڏانهن اها وحي نازل ڪئي آهي ته مون کان سواءِ ڪو به عبادت جي لائق نه آهي ان ڪري رڳو منهنجي عبادت ڪريو.

ليڪن هڪ ڳالھ واضح آهي ته ڪنهن به دين توحيد جي  ايتري تاڪيد ناهي ڪئي جيتري اسلام ڪئي آهي خصوصا محمد و آل محمد عليهم السلام جي تعليمات ۾ ان مسئلي کي سڀني مسئلن کان اهم سمجھيو ويو آهي. ايتري قدر جو غير مسلم به اهو سمجھن ٿا ته اسلام جي بنيادي خاصيت الله جي وحدانيت آهي. (2)  

توحيد جي اهميت متعلق ايترو ئي ڪافي آهي جو ڪائنات جي آخري رسول جو سڀ کان پهريون نعرو ” لا اله الا الله“  هيو جيڪو پالڻهار جي وحدانيت ۽ ان جي هيڪڙائيءَ جو اظهار آهي.

ان عظيم پيغمبر جي مڪتب جو عظيم شاگرد ۽ ان جو حقيقي جانشين حضرت علي عليه السلام توحيد کي الله جي مضبوط رسي سان تعبير ڪندي دين جو بنياد سمجھي ٿو ته وري ان جوحقيقي وارث ۽ فقه جعفري جو باني سڏجندڙ امام صادق عليه السلام فرمائي ٿو

ن أساس الدين التوحيد و العدل) (3)

دين جو بنياد توحيد ۽ عدل آهي.

توحيد جو مطلب

لفظ توحيد باب تفعيل جو مصدر آهي جنهن جا اصلي حروف (و ح د) آهن توحيد جو مطلب الله سائين جي ذات کي اڪيلو سمجھڻ آهي، واحد ۽ احد به ان معنا تي دلالت ڪن ٿا.

هي جملو لا اله الا الله عام طور تي الله سائين جي وحدانيت ۽ هيڪڙائيءَ تي دلالت ڪندو آهي ليڪن ڪڏهن ڪڏهن توحيد مان مراد الله سائين کي اڪيلو سمجھڻ بجاءِ الله سائين جو اڪيلو هجڻ هوندي آهي.

لا اله الا الله جي معنا

پالڻهار جي هيڪڙائيءَ واري نعري جو مطلب هي آهي ته خلقڻهار رب کان سواءِ ڪو به معبود موجود ناهي ۽ معبود هجڻ رڳو ان جي ذات سان مخصوص آهي ۽ هو اڪيلو معبود آهي جنهن جو  ڪو به مٽ ناهي نه وري ڪير ان جي مثل آهي.

ان جملي ۾ موجود لفظ ”اله“ جون ڪيتريون ئي معنائون بيان ٿيل آهن جن جو خلاصو هن ريت آهي ته: اله يعني (مستور ۽) لڪيل، عبادت جي لائق، حيرت ۾ وجھندڙ، محتاجن جي اميد، آسرو ۽ پناھ آهي.

ان ڪري عقيدي جي ماهر عالمن ان جملي جون چار معنائون بيان ڪيون آهن.

1. الله جي ذات کان سواءِ ڪير به مستور (لڪيل) نه آهي.

2. پالڻهار کان سواءِ ڪير به عبادت جي لائق (معبود) نه آهي.

3. سڀني مخلوقات کي حيرت ۾ وجھندڙ وجود رڳو ان ذات جو آهي.

4. نجات عطا ڪندڙ ۽ پناھ ڏيندڙ به ان جي ذات ئي آهي. 

انهن معنائن منجھان توحيد جا مختلف قسم (مرتبا) مثال طور توحيد ذاتي،  توحيد عبادي، توحيد صفاتي ۽ توحيد ربوبي وغيره سمجھي سگھجن ٿا ان ڪري اهو مختصر جملو توحيد جي مختلف مرتبن کي بيان ڪندڙ آهي (4)

امير المومنين علي عليه السلام پڻ ان متعلق فرمائن ٿا:

(و أما قوله أشهد أن لا إله إلا الله فإعلام بأن الشهادة لا تجوز إلا بمعرفة من القلب كأنه يقول اعلم أنه لا معبود إلا الله عز و جل و أن كل معبود باطل سوى الله عز و جل و أقر بلساني بما في قلبي من العلم بأنه لا إله إلا الله و أشهد أنه لا ملجأ من الله إلا إليه و لا منجى من شر كل ذي شر و فتنة كل ذي فتنة إلا بالله و في المرة الثانية أشهد أن لا إله إلا الله معناه أشهد أن لا هادي إلا الله و لا دليل لي إلا الله و أشهد الله بأني أشهد أن لا إله إلا الله و أشهد سكانا لسماوات و سكانا لأرضين و ما فيهن من الملائكة و الناس أجمعين و ما فيهن من الجبال و الأشجار و الدواب و الوحوش و كل رطب و يابس بأني أشهد أن لا خالق إلا الله و لا رازق و لا معبود و لا ضار و لا نافع و لا قابض و لا باسط و لا معطي و لا مانع و لا دافع و لا ناصح و لاكافي و لا شافي و لا مقدم و لا مؤخر إلا الله)(5)

۽ اهو چوڻ ته مان گواهي ٿو ڏيان ته پالڻهار کان سواءِ ڪو به معبود ناهي

 (أشهد أن لا إله إلا الله)

اهو بيان ڪرڻ آهي ته ڪنهن جي لاءِ به گواهي ڏيڻ ممڪن ناهي سواءِ دلي معرفت جي، ڄڻ ته چوندڙ اهو ڄاڻي ٿو ته الله جي ذات کانسواءِ ٻي ڪنهن به ذات جو وجود ئي ناهي جنهن جي عبادت ٿيندي هجي ۽ يقين سان چوي ٿو ته اگر پالڻهار کان سواءِ ڪنهن ٻئي جي عبادت ڪئي وڃي اها باطل آهي، ان جي پناھ کان سواءِ ٻي ڪابه پناھ ڪونهي ۽ ان جي ذات کان سواءِ ڪير به برائين ۽ بڇڙائين کان ڇوٽڪارو عطا ڪندڙ ناهي، هو ئي هدايت ڪندڙ آهي ۽ منهنجي لاءِ دين ڏانهن رهنمائي ڪندڙ به، ان کان سواءِ ڪو به ناهي نه وري ان کان علاوه ڪو خلقڻهار آهي ۽ ان پالڻهار جي ذات کان سواءِ ڪو به رزق عطا ڪندڙ، عبادت جي لائق، نفعي ۽ نقصان جو مالڪ، وٺندڙ، ڪشادو، عطا ڪندڙ، منع ڪندڙ، نصيحت ڪندڙ، ڪافي،  شفا بخشيندڙ،  مقدم ۽ موخر  ناهي.

ان حديث ۾ پالڻهار جي مختلف صفتن جي توجيھ کان علاوه جيڪو اهم نڪتو بيان ٿيل آهي اهو هي ته پالڻهار  جي ذات اهڙي آهي جيڪا سڀني مخلوقات کان جدا ۽  انهن کي حيرت ۾ وجھندڙ آهي هو اهڙو وجود آهي جو عبادت رڳو ان کي ٿي سونهين هو اڪيلو هدايت ڪندڙ، خلقڻهار ۽  رزق عطا ڪندڙ آهي .

توحيد جا مرتبا

بيان ڪيو سين ته توحيد جو مطلب الله سائين جي هيڪڙائيءَ ۽ وحدانيت جو اظهار ڪرڻ ۽ کيس ”اڪيلو سمجھڻ“ آهي.

توحيد جا ڪيترائي مرتبا آهن جن منجھان توحيد ذاتي، صفاتي، افعالي ۽ عبادي سڀني کان اهم آهن ۽ توحيد جا ٻيا جيڪي به مرتبا آهن اهي به انهن جي زمري ۾ اچن ٿا مثال طور خلقت ۾ وحدانيت يا ٻيا مرتبا، توحيد افعالي ۾ بيان ٿيندا آهن ۽ توحيد صفاتي ۾ پڻ بيان ڪري سگھجن ٿا. اسان به هتي انهن چئني مرتبن جي مختصر وضاحت پيش ڪريون ٿا.

  1. توحيد ذاتي

هن مهل تائين توحيد جي معنائن متعلق جيڪو بحث ڪيو سين، اهو توحيد ذاتي جو بحث هيو. توحيد ذاتي جو مطلب الله سائين جي ذات جو اڪيلو هجڻ آهي ٻين لفظن ۾ توحيد جو اهڙو قسم آهي جيڪو الله سائين جي ذات کي ڪنهن به شباهت يا مثال کان مٿاهون بيان ڪري ٿو:

(ولم يکن له کفوا احد) (6 )

(ليس کمثله شَيْ‏ءٌ)(7)

بسيط هجڻ ۽ مرڪب نه هجڻ جو مطلب هي آهي ته ان پالڻهار ۾ مخلوق جي ڪا به خاصيت نه هجي ڇو جو مرڪب هجڻ ۽ مختلف اجزاءَ رکڻ مخلوقات جي خاصيتن منجھان آهي. بس اگر الله سائين بي مثال آهي ته کيس اجزاءَ مان مرڪب نه هجڻ گھرجي جنهن جو نتيجو اهو نڪرندو ته پالڻهار بسيط آهي ۽ ان جو ڪو به جز ناهي ۽ پروردگار جي وحدانيت جو لازمو هر قسم جي مرڪب هجڻ جي نفي آهي پوءِ اهو مرڪب هجڻ خارجي هجي يا ذهني، يعني پالڻهار خارج ۾ به اجزاءَ مان مرڪب ناهي ۽  ذهن ۾   به کيس مختلف جزن ۾ تقسيم نٿو ڪري سگھجي ٿو ۽ هر اهو تصور جنهن کي مختلف اجزاءَ ۾ ورهائي سگھجي اهو الله سائين جي ذات جو تصور ناهي.

ان جي ڪنهن به شريڪ جي انڪار جو لازمو پڻ سندس وحدانيت ۽ هيڪڙائيءَ جو اظهار آهي. ان ڪري جو الله سائين جي شريڪ هجڻ جي معنا اها آهي ته ان جهڙو ڪو ٻيو وجود به آهي جنهن جي نتيجي ۾ اڪيلو هجڻ ۽ بي مثال هجڻ نه رهندو.

بس اگر الله سائين کي اڪيلو ۽ بي مثال سمجھون ته ضروري آهي ته ان ذات کان هر قسم جي شريڪ جو انڪار ڪريون.

توحيد ذاتي جا دليل

فلسفي ۽ عقيدتي ڪتابن ۾ توحيد جي لاءِ ڪيترائي دليل پيش ڪيا ويا آهن، ليڪن اهي عقلي دليل جيڪي آيتن ۽ حديثن ۾ صراحت يا اشاري سان بيان ڪيا ويا آهن ٽن قسمن جا آهن .

1. فطرت

2. خدا جي وجود کي ثابت ڪندڙ دليل 3. وحدت آثار،  اسان هتي اختصار سان انهن ٽنهي کي بيان ڪريون ٿا.

  1. فطرت

عام طريقي سان خدا جي معرفت واري بحث ۾ بيان ٿيندڙ هڪ اهم شي فطرت آهي جيڪا پالڻهار سڀني انسانن جي وجود ۾ رکي آهي جنهن جي وسيلي انسان قلبي ۽ شهودي معرفت کي محسوس ڪندو آهي ۽ پروردگار جيڪو ان معرفت ۾ سڃاتو ويندو آهي اهو اڪيلو ۽ بي مثال آهي. پنهنجي رب جي دلي ديدار ۾ انسان گھڻن خدائن يا اهڙي ڪنهن به پالڻهار جو مشاهدو ناهي ڪندو جنهن ۾ مخلوقات واريون صفتون پاتيون وينديون هجن، اهو ئي سبب آهي جو خدا جي فطري معرفت متعلق پيش ٿيل حديثن ۾ پڻ پالڻهار جي وحدانيت کي  فطري سمجھيو ويو آهي ۽ ان کي فطري معرفت سان گڏ بيا ن ڪيو ويو آهي.

مثال طور زراره جڏهن حضرت امام محمد باقر عليه السلام کان

فِطْرَتَ اللَّهِ الَّتي ‏فَطَرَ النَّاسَ عَلَيْها) (8)

جي تفسير متعلق سوال ڪيو ته امام فرمايو:

(قال فطرهم على التوحيد عند الميثاق على معرفته أنه ربهم)(9)

الله سائين (ميثاق) واعدو وٺڻ مهل ئي انسان کي پنهنجي وحدانيت ۽ پالڻهار هجڻ جي معرفت سان خلق ڪيو. امام صادق عليه السلام به ان آيت جي تفسير ڪندي فرمايو آهي:

(قَالَ فَطَرَهُمْ عَلَى التَّوْحِيدِ)(10)

پالڻهار سڀني انسانن کي توحيد جي فطرت موجب خلق ڪيو آهي. ان ڪري هر انسان وٽ چاهي ڪافر هجي يا مسلمان فطري معرفت پوشيده آهي جيڪا نه رڳو الله جي وجود کي بلڪه الله سائين جي وحدانيت کي پڻ ثابت ڪري ٿي. ٻين لفظن ۾ اها معرفت جنهن کي  انسان جو ضمير مشاهدو ڪري ٿو ان ۾ پالڻهار اڪيلو ۽ بي مثال آهي.

  1. خدا جي وجود کي ثابت ڪندڙ دليل

اهي سڀئي عقلي دليل جيڪي الله سائين جي وجود کي ثابت ڪن ٿا پالڻهار جي وحدانيت کي پڻ ثابت ڪن ٿا تنهڪري پالڻهار جي وحدانيت جو انڪار حقيقت ۾ سندس وجود جو انڪار ڪرڻ آهي. اگر تصور ڪريون ته الله سائين اڪيلو ناهي ۽ پنهنجي مخلوق سان مشابهت رکي ٿو (مخلوقات سان مشابهت رکڻ جو مثال مرڪب هجڻ، حادث هجڻ، گھٽ يا وڌ ٿيڻ، ڪنهن جو شريڪ ٿيڻ وغيره) ته ان صورت ۾ الله سائين مخلوقات واريون صفتون رکندڙ هوندو ۽ جنهن شي ۾ مخلوقات واريون صفتون هجن اها مخلوق آهي جنهن کي خلقڻهار ۽ وجود عطا ڪندڙ جي ضرورت آهي ان سان ته پروردگار جي وجود جو انڪار ٿي ويندو جڏهن ته اهڙي قسم جي ڳالھ انهن عقلي دليلن جي خلاف آهي جيڪي خدا جي وجود کي ثابت ڪن ٿا، تنهن ڪري ضروري آهي ته خالق ۾ مخلوق واريون صفتون نه هجڻ گھرجن ۽ اهو الله سائين جي اڪيلي هجڻ ۽ هيڪڙائيءَ جو دليل آهي.

امام محمد تقي عليه السلام ان متعلق فرمائن ٿا:

(لِأَنَّمَاسِوَى الْوَاحِدِ مُتَجَزِّئٌ وَاللَّهُ وَاحِد ٌلَامُتَجَزِّئٌ وَلَامُتَوَهَّمٌبِ الْقِلَّةِ وَالْكَثْرَةِ وَكُلُّ مُتَجَزِّئٍ أَوْ مُتَوَهَّمٍ بِالْقِلَّةِ وَالْكَثْرَةِ فَهُوَمَخْلُوقٌ دَالُّعَلَى خَالِقٍ له)(11)

اڪيلي پالڻهار کان سواءِ سڀ شيون جز جز (مرڪب)  آهن جڏهن ته پالڻهار اڪيلو ۽ واحد آهي جنهن جو ڪوبه جز ناهي جيڪو نه گھٽ ٿيندو آهي نه وري ان ۾ ڪا شي وڌندي آهي ۽ هر اها شي جنهن جي جز هجڻ جو يا ان جي گھٽ ٿيڻ يا وڌڻ جو گمان به ڪري سگھجي ته اها مخلوق آهي جيڪا پنهنجي خالق جي وجود تي دلالت ڪري ٿي.

ممڪن آهي ته هتي ڪير سوال ڪري ته ان دليل جي ذريعي ٻن خدائن، جيڪي مخلوقات سان ڪا به شباهت نه رکندڙ هجن  جو انڪار ڪرڻ ثابت نٿو ٿئي ته سندن  جواب ۾ چوندا سين ته گھڻائي، ايسيتائين جو گھڻي ٿيڻ جي صلاحيت رکڻ حقيقت ۾ مخلوق جي صفتن منجهان آهي ۽ اهو خدا جنهن ۾ مخلوق واريون صفتون هجن خالق نٿوٿي سگھي.

  1. وحدت آثار

الله سائين جي وحدانيت کي ثابت ڪندڙ هڪ عقلي دليل آثار ۽ علامتن جو رستو آهي. معرفت خدا جي بحث ۾ اسان چوندا آهيون ته مخلوقات ۾ غور ڪرڻ،  انهن جي نظم جو مشاهدو ڪرڻ ۽ انهن ۾ موجود هڪ جهڙائيءَ کي ڏسي انسان انهن نشانين ۽  آثار جي ذريعي پروردگار جي وجود کي سمجھندو آهي ان ڪري آثار جي وحدت ۽ هڪ جهڙائي ۽ مخلوقات جي نظم کي ڏسي پالڻهار جي وحدانيت ۽ جهان جي اڪيلي انتظام سنڀاليندڙ رب جو وجود سمجھي سگھجي ٿو.

مخلوقات، انهن جو نظم ۽ هڪ جهڙائي مختلف طريقن سان خالق جي اڪيلائي تي دلالت ڪن ٿا، الله سائين قرآن مجيد ۾ فرمائي ٿو:

لَوْ كانَ فيهِما آلِهَةٌ إِلاَّ اللَّهُ لَفَسَدَتا فَسُبْحانَ اللَّهِ رَبِّ الْعَرْشِ عَمَّا يَصِفُونَ) (12)

اگر زمين ۽ آسمان ۾ اڪيلي خدا کان سواءِ ٻيا خدا به هجن ها ته بيشڪ زمين ۽ آسمان تباھ ٿي وڃن ها ان آيت مان حاصل ٿيندڙ دليل  ”برهان تمانع“ جا نالي سان مشهور آهي جنهن متعلق ڪيترن ئي طريقن سان  بحث ڪيو ويندو آهي اسان به ان ڏانهن اشارو ڪريون ٿا جيڪو هن آيت جي ظاهر سان مشابهت رکندڙ آهي.

پهرين ڳالھ : اگر الله سائين جو ڪو شريڪ هجي ها ته جهان ۾ بي نظمي ۽ فساد ڦهليل هجي ها ۽ جهان تباھ ٿي وڃي ها جڏهن ته هي جهان حيرت ۾ وجھڻدڙ طريقي سان منظم طور تي هلي رهيو آهي تنهڪري الله سائين اڪيلو آهي ۽ ڪا به شي ان جهڙي ناهي.

اگر تصور ڪريون ته خلقت ۽ جهان جو نظام سنڀالڻ ٻن خدائن جي ذمي آهي ته ٻن خدائن جو لازمو اهو آهي ته ٻه خدا گھٽ ۾ گھٽ ڪجھ جاين تي ته انتظام سنڀالڻ ۾ اختلاف رکندا هجن ۽ هر هڪ خدا اهو چاهيندو هجي ته هو جهان کي پنهنجي مخصوص طريقي سان هلائي ۽ زماني جي طولاني وسعت ۾ اهڙي قسم جو اختلاف يقينا واقع ٿئي ها ان ڪري جو تصور اهو آهي ته ٻه خدا نظام سنڀاليندڙ آهن جيڪي هر شي مٿان قدرت رکندڙ آهن ۽ انهن جو اختلاف ته هن جهان جي نابودي تي ختم ٿئي ها.

ٻئين ڳالھ: اگر جهان ۾ ٻه خدا هجن ها ته هن جهان جوانتظام به ٻن صورتن ۾ هجي ها جڏهن ته هي سنسار هڪ سنڀاليندڙ جي انتظام سان  هلي رهيو آهي جيڪواڪيلي سنڀاليندڙ تي دلالت ٿوڪري مولا علي عليه السلام جي تعبير موجب:

أَنَّ فَاطِرَ النَّمْلَةِ هُوَ فَاطِرُ النَّخْلَةِ)(13)

بيشڪ جيڪو ڪيوليءَ جو خالق آهي کجيءَ جي وڻ جو به اهوئي خالق آهي.

ان دليل مٿان به ڪيترائي اعتراض پيش ڪيا ويا آهن ليڪن انهن مان ڪو به اعتراض هن دليل جي حقانيت کي ختم نٿو ڪري.

مثال طور چون ٿا اگر ٻه خدا بلڪل هڪ جهڙا هڪ ٻئي وانگر عمل ڪن ته ڪو به اشڪال پيش نه ايندو  انهن جي جواب ۾ چوڻ گھرجي ته ٻن هجڻ جو مطلب ئي اهو آهي ته انهن ۾ ڪٿي نه ڪٿي فرق هجي ۽ اگر ٻه خدا هجن جن ۾ ڪو به فرق نه هجي ته اهي ٻه نه بلڪه هڪ خدا آهي ۽ ٻئي پاسي کان اگر فرق رکندڙ هجن ته پوءِ اهو فرق انهن جي ذات ۾ هجي يا صفات ۾ ته يقينا انهن جا افعال مختلف هجڻ گھرجن جن جو نتيجو هن جهان ۾ ڏسڻ ۾ اچڻ گھرجي ها.

  1. توحيد صفاتي

توحيد صفاتي جون ٻه معنائون پيش ڪيون ويون آهن ۽ حديثن ۾ ٻنهي معنائن ڏانهن اشارو ٿيل آهي

  1. 1. صفات خدا جو عين ذات هجڻ

توحيد صفاتي جي بحث ۾ عقيدو بيان ڪندڙ عالمن خدا جي ذاتي ۽ ثبوتي صفتن جي رابطي جي حقيقت کي ان جي ذات سان بيان ڪيو آهي.

ڪجھ فرقن جا متڪلم مثال طور اصحاب الحديث ۽ اشاعره جن کي ”صفاتيه“  پڻ سڏيو ويندو آهي پالڻهار جي صفتن کي ان جي ذات کان جدا ۽ زائد سمجھن ٿا ٻين لفظن ۾ اهي مثال طور علم ۽ قدرت جهڙين صفتن کي خدا جي ذات کان جدا سمجھن ٿا توڙي جو الله سائين وٽ اهي صفتون موجود آهن ليڪن اهي بلڪل ايئن آهن جيئن انسان وٽ علم يا قدرت آهي جيڪي خود انسان جي ذات کان علاوه ڪي ٻيون شيون آهن جنهن جي ڪري انسان وٽ ڪڏهن علم هوندو آهي ته ڪڏهن ان وٽ علم ناهي هوندو ايئن خدا جي ذات ۾ ان جون صفتون زائد آهن ان نظرئي کي چيو ويندو آهي ته خدا جون صفتون ان جي ذات کان زائد آهن.

ليڪن اماميه (شيعه اثنا عشري) متڪلمن جو عقيدو ان نظرئي جي بلڪل ابتڙ آهي يعني خدا جون صفتون عين ذات آهن ان نظرئي جي بنياد تي علم، قدرت يا ان جهڙيون ٻيون صفتون توڙي جو مفهوم جي لحاظ کان خدا جي ذات، يا هڪ ٻئي کان جدا ۽ مختلف آهن ليڪن خارج ۾ ذات ۽ صفتون هڪ جهڙائي رکن ٿيون يعني پروردگار پنهنجي اڪيلي وجود سان پالڻهار به آهي ته عالم به، ته قادر به. ان نظرئي کي توحيد صفاتي چيو ويندو آهي.

اشاعره جي نظرئي مٿان سڀني کان اهم اعتراض هي آهي ته صفتن جو ذات کان زائد هجڻ، جدا هجڻ،  گھڻن قديم وجودن (خدائن)  تي ختم ٿيندو  يا وري خدا کي اجزاءَ مان مرڪب سمجھڻ تي ختم ٿيندو  ۽ اهي ٻئي خاصيتون (گھڻا خدا هجڻ يا خدا جو اجزاءَ مان ٺهڻ ) توحيد ذاتي جي خلاف آهن. ٻين لفظن ۾ توحيد ذاتي جو لازمو توحيد صفاتي آهي ۽ انهن ٻنهي مرتبن ۾ هڪ جهڙائي هجڻ ضروري آهي.

ان ڪري ڪيترين ئي حديثن ۾ پڻ ان نظرئي ”خدا جون صفتون ان جي ذات مٿان عارض ۽ زائد آهن“ جي نفي ٿيل آهي مثال طور  حسين بن خالد حضرت امام  رضا عليه السلام کان سوال ٿو ڪري:

(ياابن رسول الله إن قوما يقولون إنه عزوجل لم  يزل عالما بعلم قادرا بقدرة  وحيا بحياة  وقديما بقدم  وسميعا بسمع و بصيرا ببصر)

اي رسول الله جا ٻچڙا هڪ ٽولي جو عقيدو اهو آهي ته الله سائين هميشه علم جي ڪري آگاھ، قدرت وسيلي طاقتور، زندگي جي ڪري جيئرو ۽ پراڻو هجڻ جي ڪري قديم آهي هو ڪنن وسيلي ٻڌندڙ، اکين وسيلي ڏسندڙ آهي (ان سوال ڪرڻ جو مطلب اهو آهي ته خدا جون صفتون سندس ذات مٿان عارض آهن) ان ڪري جو عالم، قادر، حي هجڻ کي خدا جي ذات مٿان عارض ۽ زائد صفتن يعني علم، قدرت، وغيره جي ڪري  سمجھن ٿا ته امام عليه السلام انهيءَ جي جواب ۾ فرمايو:

(فقال عمن قال بذلك و دان به فقد اتخذ مع الله آلهة أخرى وليس من ولايتنا على شي‏ء)(14)

جنهن به ماڻهو جو نظريو اهڙو هجي ۽ ان مٿان عقيدو رکندو هجي ته ان حقيقي رب سان ٻئي خدا کي به شامل ڪيو آهي ۽ اهو اسان جي ولايت تي ناهي.

2. الله سائين صفتن ۾ به تنها آهي

توحيد صفاتي جي ٻئي معنا اها آهي ته جيئن پالڻهار پنهنجي ذات ۾ اڪيلو ۽ بي مثال آهي صفتن ۾ پڻ اڪيلو آهي  مولا علي عليه السلام جو فرمان آهي:

(وَكُلُّ عَزِيزٍ غَيْرَه ذَلِيل ٌوَ كُلُّقَوِيٍّ غَيْرَهُ ضَعِيفٌ وَ كُلُّ مَالِكٍ غَيْرَهُ مَمْلُوكٌ وَكُلُّ عَالِمٍ غَيْرَهُ مُتَعَلِّمٌ وَكُلُّ قَادِرٍغَيْرَه ُيَقْدِر ُوَ يَعْجَز)(15)

ان جي ذات کان سواءِ ڪا به ذات نا قابل شڪست ناهي، هر قوي ان جي ذات کان سواءِ ضعيف (ڪمزور) آهي، هر مالڪ ان جي ذات کان سواءِ ڪنهن جي ملڪيت آهي ۽ هر عالم ان جي ذات کان سواءِ علم حاصل ڪندڙ (متعلم)  آهي ۽ ان کان سواءِ هر قدرتمند (قدرت هوندي به) ڪمزور ۽ عاجز آهي.  

توحيد صفاتي جي ان معنا جي بنياد تي توڙي جو خدا جون ڪجھ صفتون مخلوقات جي لاءِ پڻ استعمال ٿين ٿيون ليڪن اهو رڳو لفظ جي حد تائين آهي ۽ پالڻهار انهن صفتن جو حقيقي مالڪ آهي. ان بنياد تي توحيد صفاتي يعني خدا گھڻين صفتن جي هوندي به پنهنجي صفتن ۾ اڪيلو آهي.

  1. توحيد افعالي

توحيد افعالي جو مطلب اهو آهي ته هر فعل جيڪو به هن جهان ۾ واقع ٿئي ٿو اهو خدا جي سلطنت ۽ ان جي مشيت ۽ تقدير موجب آهي ۽ ڪو به فاعل (ڪم انجام ڏيندڙ) خدا جي مقابلي ۾ ۽ خدا کان سواءِ موجود ناهي. ان بنياد تي توحيد افعالي جو مطلب، مخلوقات جي افعال يا انسان جي اختياري عملن جو انڪار ناهي بلڪه مستقل ڪم انجام ڏيندڙ ۽ خدا جي مقابلي ۾ فاعل هجڻ جي نفي آهي.

توحيد افعالي جي بنياد تي جهان ۾ ڪو به فعل الله سائين جي اذن کان سواءِ صادر ناهي ٿيندو ۽ الله سائين سڀني (ڪمن) افعالن ۾ حيثيت ۽ ڪردار رکندڙ آهي ليڪن الله سائين جو افعال ۾ اثر انداز ٿيڻ جو طريقو مختلف آهي. مثال طور جهان کي خلق ڪرڻ ۽ باقي رکڻ پالڻهار جي ذات سان مخصوص آهي ۽ ٻئي ڪنهن جو به ان ۾ ڪو به ڪردار ڪونهي ليڪن ٻيا ڪم مثال طور هڪ وڻ ۾ ميوي جو ٺهڻ اهڙو وجود آهي جيڪو وڻ مان ئي ٺهندو آهي ليڪن الله سائين اهو قانون وڻن جي لاءِ معين ڪيو آهي ته اگر پاڻي، مٽي ، روشني ۽ مناسب هوا هجي ۽ ٻيا شرط به موجود هجن ته ان وڻ کي ميوو ڏيڻ گهرجي، ليڪن ان فعل جو فاعل حقيقت ۾ خدا آهي ليڪن ان وڻ جي وسيلي اهڙا سبب ۽ شرط ايجاد ڪيا اٿس جن سان اهو ميوو ان وڻ مان وجود ۾ ايندو آهي.

ٻين لفظن ۾ وڻ پنهنجي اختيار ۽ ارادي سان ميوو نٿو ڏئي بلڪه الله سائين جو ارادو آهي ته اهو وڻ پنهنجي خاص شرطن سان ميوو ڏئي.

ٻين افعالن منجھان هڪ فعل انسان جا اختياري عمل آهن الله سائين انسان جا اختياري ڪم ڪندڙ ناهي ليڪن اهو فاعل هجڻ الله جي سلطنت ۽ ان جي تقدير ۽ امداد وسيلي آهي ڇو جو پروردگار جي ذات آهي جنهن انسان کي ڪم ڪرڻ جي سگھ ۽ طاقت عطا ڪئي آهي  ليڪن اهي ڪم انجام ڏيندڙ خود انسان آهي جيڪو  پنهنجي اختيار  سان  خدا طرفان مليل قدرت کي پنهنجا ڪم انجام ڏيڻ ۾ استعمال ڪندوآهي

  1. توحيد عبادي

توحيد ذاتي، صفاتي ۽ افعالي، پالڻهار جي ذاتي، صفاتي ۽ افعالي وصفن کي بيان ڪندڙ آهن توحيد ذاتي ۾ پروردگار کي ذات ۾ ۽ توحيد صفاتي ۽ افعالي ۾ کيس صفتن ۾ اڪيلو سمجھون ٿا، ليڪن توحيد عبادي ۾ خدا جي ذات سان انسان جي رابطي کي بيان ڪيو ويندو آهي ته مومن انسان جو رابطو پنهنجي رب سان عبديت جو رابطو آهي ۽ مومن سندس عبد ۽ بندو آهي. توحيد عبادي ۾ عبادت ڪرڻ کي پالڻهار جي ذات سان مخصوص ڪندا آهيون ۽ عبادت ۾ الله سائين جي ذات ۾ هر قسم جي شريڪ هجڻ جو انڪار ڪندا آهيون.

ان ڪري انسان توحيد جي چئني مرتبن ۾ پالڻهار جي وحدانيت جو مختلف طريقن سان اظهار ڪندو آهي ڇو جو توحيد جو مطلب خدا کي اڪيلو سمجھڻ آهي جيڪو عقيدتي مسئلو آهي ۽ اهڙي قسم جو عقيدو رکڻ ٻين عقيدن وانگر  انسان جي عمل ۾ اثرائتو آهي اگر معبود هجڻ کي خدا جي ذات سان مخصوص ڪريون ته عمل جي ميدان ۾ پڻ ان پالڻهار کان سواءِ ڪنهن به ٻئي جي عبادت نه ڪندا  سين.

دعا آهي ته پروردگار اسان کي پنهنجي حقيقي معرفت عطا فرمائي .

حوالا

1. سورت انبياء، آيت /25

2. تاريخ جامع اديان، ص 704

3. توحيد صدوق، ص 96

4 . ڪلام و عقائد، دکتر رضا برنجڪار، ص 86

5 . معاني الاخبار، ص 39 ۽ توحيد صدوق 239

6 . سورت توحيد، آيت /4

7 . سورت شورى، آيت /11

8 . سورت روم، آيت/30

9 . توحيد صدوق، ص 330

10. اصول ڪافي، ج2، ص 13

11. اصول ڪافي، ج1، ص 116

12. سورت انبياء،  آيت/22

13. نهج البلاغه، خطبو 185

14. امالي صدوق،  ص 352

15. نهج البلاغه،  خطبو 65

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found