آچر, 19 مئي 2019 - Sun 05 19 2019

منو

معاشري جي تعمير ۾ مسجد جو ڪردار

تحرير: سيد اياز علي شاه

مهاڳ:

انَّما يَعْمُرُ مَساجِدَ اللَّهِ مَنْ آمَنَ بِاللَّهِ وَ الْيَوْمِ الْآخِرِ وَ أَقامَ الصَّلاةَ وَ آتَى الزَّكاةَ وَ لَمْ يَخْشَ إِلاَّ اللَّهَ فَعَسى‏ أُولئِكَ أَنْ يَكُونُوا مِنَ الْمُهْتَدين.‏ (1)

بيشڪ الله جي مسجد کي اهو تعمير ڪري ٿو جنهن الله ۽ آخرت واري ڏينهن تي ايمان آندو ۽ نماز قائم ڪئي ۽ زڪوات ادا ڪئي ۽ خدا کان علاوه ڪنهن کان نٿو ڊڄي پوءِ اهي ئي هدايت يافته آهن.

مسجد مسلمانن جي عظيم عبادت گاهه آهي ۽ دين مقدس اسلام جي نشانين منجهان هڪ علامت آهي، مسجد تقوا ۽ جهاد جو مرڪز آهي، مسجد عالمن ۽ مفسرن جي جڳهه آهي، مسجد تعليم ۽ تربيت جي جاءِ آهي، مسجد جاءِ تبليغ آهي، مسجد ماڻهن جي سياسي ۽ اجتماعي خدمت جو مرڪز آهي، مسجد هن دنيا ۾ خدا ڏانهن سڀني کان ڀلو، مقدس ۽ ويجهو مڪان آهي.

لغت ۾ مسجد جي معنى:

مسجد اسم مڪان آهي جنهن کي سَجَدَ يَسجُدُ جي ڌاتو مان ورتو ويو آهي مسجد يعني سجدي ۽ عبادت جي جڳهه.

مسجد جي اصطلاحي معنى:

اها جاءِ جتي مسلمانعبادت، شعائر اسلام جهڙوڪ نماز جمعه، نماز عيدين ۽ ٻين مذهبي پروگرامن کي انجام ڏنيندا آهن.

مٿين آيت جي روشنيءَ ۾ مسجد تعمير ڪرڻ واري جون خاصيتون

  1. خدا تي ايمان آڻڻ:

ايمان فقط اقرار، اعتراف ۽ اعتقاد قلبيءَ جو نالو ناهي بلڪه ان کان علاوه عمل صالح ۽ واجبات جي ادائگي پڻ ايمان جو حصو آهي.

نماز سان گڏ زڪوات کي ذڪر ڪرڻ جو فلسفو:

نماز عبادتِ الاهي آهي ۽ فقط خدا سان مربوط آهي جڏهن ته زڪوات ادا ڪرڻ ماڻهن سان مربوط آهي (هڪ شخص نماز پڙهي ٿو ان جو خدا سان ته رابطو آهي پر خدا چاهي ٿو ته فقط مون سان لاڳاپيل نه رهو بلڪه ماڻهن سان به رابطي ۾ هجو ان جي ڪري نماز کانپوءِ زڪوات کي ذڪر ڪيو ويو آهي).

ابي عمرو ۽ زبيري امام صادق عليه السلام کان سوال ڪيو ته ڇا ايمان صرف شهادتين جو نالو آهي يا عمل ڪرڻ کي به ايمان چئبو آهي؟

امام عليه السلام فرمايو: ايمان سڄي جو سڄو عمل آهي ۽ شهادتين جو اقرار ڪرڻ زبان جو عمل آهي جنهن کي پڻ واجب ڪيو ويو آهي.

بهترين عمل خدا تي ايمان آڻڻ آهي جنهن جو پهريون فائدو ۽ اثر هي آهي ته هو اجمالي طور تي خدا جي مقام کي سڃاڻي ٿو، انهيءَ جي ڪري جو مومن پنهنجي عمل جي ذريعي خدا جي گھر کي آباد ڪرڻ جي محنت ۽ ڪوشش ڪري ٿو ۽ پنهنجو پاڻ کي خدا جي گھر سان مربوط رهڻ جو پابند قرار ڏئي ٿو.

  1. قيامت تي ايمان ۽ اعتقاد:

قيامت جي ڏينهن تي ايمان آڻڻ انسان جي دنياوي زندگيءَ تي پڻ اثر رکي ٿو جنهن سان انسان پنهنجي زندگي الاهي هدف مطابق بسر ڪري ٿو ۽ ڪمال تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. جيڪو انسان جي خلقت جو حقيقي مقصد آهي. قيامت تي ايمان آڻڻ انسان کي گناهن جي مقابلي ۾ طاقت عطا ڪري ٿو جنهن سان هو پنهنجي نفس تي غلبو پيدا ڪندي خدا جي طرف هجرت ڪري ٿو.

خداوند متعال حضرت دائود عليه السلام کي فرمايو:

يا داوُدُ إِنَّا جَعَلْناكَ خَلِيفَةً فِي الْأَرْضِ فَاحْكُمْ بَيْنَ النَّاسِ بِالْحَقِّ، وَ لا تَتَّبِعِ الْهَوى‏ فَيُضِلَّكَ عَنْ سَبِيلِ اللَّهِ إِنَّ الَّذِينَ يَضِلُّونَ عَنْ سَبِيلِ اللَّهِ لَهُمْ عَذابٌ شَدِيدٌ بِما نَسُوا يَوْمَ الْحِسابِ‏ (2)

اي دائود! اسان توکي زمين ۾ خليفو بڻايو آهي لهذا ماڻهن ۾ حق سان فيصلو ڪر ۽ تون خواهشات نفسانيءَ جي پيروي نه ڪر جو توکي خدا جي راهه کان گمراهه ڪري ڇڏين. بيشڪ جيڪي ماڻهون خدا جي راهه کان گمراهه ٿي ويا انهن جي لاءِ سخت عذاب آهي؛ ڇاڪاڻ ته انهن قيامت جي ڏينهن کي وساري ڇڏيو آهي.

۽ سورت بقره جي ابتدا ۾ قيامت تي ايمان متقين جي صفتن مان هڪ صفت آهي

وَ بِالْآخِرَةِ هُمْ يُوقِنُونَ (3)

تعميرِ مسجد واري آيت ۾ خدا تي ايمان کان علاوه قيامت تي به ايمان آڻڻ جي شرط ذڪر ڪئي وئي آهي انهيءَ لاءِ ته ڪجھ مشرڪن خدا تي ايمان آندو ليڪن مومنن ۽ مشرڪن ۾ اهو فرق آهي ته مشرڪن خدا تي ايمان سان گڏ قيامت جي ڏينهن تي ايمان نه آندو لهذا ان سبب جي ڪري مسجد جي تعمير انهن سان مخصوص ۽ انهن ۾ منحصر هئي جن قيامت جي ڏينهن تي ايمان آندو.

اهڙيءَ طرح سان ڪوئي انسان اعمال صالح انجام ڏئي ليڪن آخرت تي ايمان نه رکندو هجي ۽ آخرت کي جھٽلائيندو هجي ته ان جي اعمال کي ضبط ۽ باطل ڪيو ويندو.

وَ الَّذِينَ كَذَّبُوا بِآياتِنا وَ لِقاءِ الْآخِرَةِ حَبِطَتْ أَعْمالُهُم (4)

جن اسان جي نشانين ۽ آخرت جي لقاء کي جھٽلايو انهن جي اعمال کي ضبط ۽ نابود ڪيو ويندو.

  1. نماز قائم ڪرڻ:

تعمير مسجد واري آيت ۾ ٽين شرط نماز قائم ڪرڻ آهي مسجد کي تعمير ڪرڻ وارا اهي آهن جيڪي نماز کي مڪمل شرطن سان انجام ڏين؛ ڇاڪاڻ ته نماز هڪ راز آهي جيڪو انسان کي خدا سان ملائي ڇڏي ٿو.  انسان جي تربيت جو سڀني کان وڏو عامل ۽ سبب نماز آهي.

مسجد تعمير ڪرڻ جو فلسفو:

مسجد تعمير ڪرڻ جو اصلي ۽ حقيقي فلسفو خدا جي عبادت ڪرڻ آهي جيڪو شخص نماز نٿو پڙهي ۽ مسجد جو احترام نٿو ڪري اهو انسان ڪو به حق نٿو رکي ته الله جي گھر کي تعمير ڪري.

  1. زڪوات ادا ڪرڻ:

 وَ آتَى الزَّكاةَ

يعني مسجد جو باني نه فقط خدا سام مرتبط هجي بلڪه فقيرن ۽ مسڪينن جو به فڪر رکندڙ هجي ۽ جيڪڏهن ان تي زڪوات واجب ٿئي ته وقت سر ان کي ادا ڪري.

  1. خدا کان ڊڄڻ:

مسجد تعمير ڪرڻ وارا فقط خدا کان ڊڄن.

اَتَخْشَوْنَهُمْ فَاللَّهُ أَحَقُّ أَنْ تَخْشَوْهُ إِنْكُنْتُمْ مُؤْمِنينَ (5)

مطلب ته مسجد کي آباد ڪرڻ ۽ ان جي حفاظت ڪرڻ بهادري ۽ شجاعت کان سواءِ ممڪن نه آهي. مسجد دين مقدس اسلام جو هڪ مرڪز آهي ان ۾ انسان کي سنوارڻ ۽ ان جي تربيت جون ڪلاسون رکيون وڃن. ان سلسلي ۾ هر هڪ کي شجاعت ۽ بهادري جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي ۽ خدا کان علاوهه ڪنهن کان ڊڄڻ نه گهرجي. خدا جي قريب ٿيڻ وارا پروگرام رکڻ گهرجن. (6)

مسجد ٺاهڻ جي اهميت ۽ فضيلت:

اسلام ۾ مسجد ٺاهڻ جي وڏي اهميت ۽ فضيلت آهي ۽ انهي ڪم لاءِ الله سائين وٽ وڏو ثواب آهي. حضرت رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جن فرمايو:

مَن بَنى مَسجِداً و لو کَمَفحَصِ قطاة بَنى اللهُ لهُ بيتاً في الجَنة (بحار الانوار)

جيڪو شخص مسجد جي بنياد رکي ٿو جيتوڻيڪ اها ڪڪڙ جي کُڏي جيتري ئي ڇو نه هجي الله سائين ان لاءِ جنت ۾ هڪ گهر ٺاهي ٿو. پاڻ ٻئي جاءِ تي فرمايائون:

مَن بَنى مَسجِداً  بَنى اللهُ قصراً في الجَنة

جيڪو به الله لاءِ مسجد ٺاهيندو الله ان لاءِ جنت ۾ محل ٺاهيندو. (ڪنز العمال)

مسجد جي فضيلت

المَسَاجِدُ بُيُوتُ اللهِ فِي الاَرضِ وَ هِيَ تُضِي لِاَهلِ السَماءِ کَما تُضِي النُجُومُ لِاَهلِ الاَرضِ

هي مسجدون زمين تي الله جا گهر آهن ۽  آسمان وارن لاءِ ايئن چمڪن ٿيون جيئن ستارا زمين وارن لاءِ چمڪندا آهن. (منهاج البراعه)

حديث قدسي ۾ مسجد جي فضيلت لاءِ آيو آهي:

اِن بُيُوتِي فِي الاَرضِ المَسَاجِدُ فَطُوبى لِمن تطهر في بيته ثم زارني و حق المزور ان يکرم الزائر؛

بيشڪ مسجدون زمين ۾ منهنجا گهر آهن خوشخبري آهي ان شخص لاءِ جيڪو منهنجي گهر ۾ اچڻ لاءِ پاڻ کي پاڪ ۽ طاهر بڻائي ٿو ۽ پوءِ منهنجي زيارت لاءِ اچي ٿو ۽ جنهن جي زيارت لاءِ ڪو اچي ان کي زوار جو احترام ڪرڻ گهرجي.

مسجد وارن جون خاصيتون ۽ صفتون

 اهل مسجد، عابد زاهد ۽ صبح شام خدا جي تسبيح ۾ مصروف هوندا آهن.

يُسَبِّحُ لَهُ فيها بِالْغُدُوِّ وَ الْآصال

 دنيا انهن کي حق کان غافل نه ڪندي آهي ۽ ڪڏهن به ڪاروبار يا تجارت انهن کي خدا جي ياد، نماز قائم ڪرڻ ۽ زڪات ادا ڪرڻ کان نه روڪيندي آهي:

رِجالٌ لا تُلْهيهِمْ تِجارَةٌ وَ لا بَيْعٌ عَنْ ذِكْرِ اللَّهِ وَ إِقامِ الصَّلاةِ وَ إيتاءِ الزَّكاة

اهي ماڻهو آهن جيڪي قيامت واري ڏينهن ۽ الله سائين جي عدالت کان ڊڄن ٿا: يَخافُونَ يَوْماً تَتَقَلَّبُ فيهِ الْقُلُوبُ وَ الْأَبْصارُ

 اهڙا ماڻهو آهن جن جي عملن کي الله سائين بهترين عمل قرار ڏيندو ۽ انهن جي عملن ۾ واڌارو ڪندو:

لِيَجْزِيَهُمُ اللَّهُ أَحْسَنَ ما عَمِلُوا وَ يَزيدَهُمْ مِنْ فَضْلِهِ

 پاڪ ۽ پاڪيزه ماڻهو آهن جن کي الله سائين بغير حساب جي روزي عطا ڪري ٿو ۽ پنهنجين نعمتن سان انهن کي نوازي ٿو.

وَ اللَّهُ يَرْزُقُ مَنْ يَشاءُ بِغَيْرِ حِساب‏

بس اهل مسجد هنن صفتن ۽ خصوصيتن جي ذريعي رسول اڪرم جي فرمان مطابق الله وٽ بهترين ۽ پسنديده انسان آهن ۽ الله سائين انهن لاءِ دنيا ۾ آرام ۽ آسائش واري زندگي ۽ آخرت ۾ پل صراط تان عبور ڪرائڻ جي ضمانت کنئي آهي. قيامت جي ڏينهن خدا جي انهن مٿان ڪرم جي نظر هوندي ۽ خدا سندن اجر جنت قرار ڏنو آهي.

اهل مسجد جو مقام ۽ مرتبو

رسول اڪرم صلي الله عليه و آله وسلم جن جو فرمان آهي:

سبعه يظلهم الله في ظله يوم لا ظل الا ظله امام عادل و شاب نشا في عباده الله عز و جل و رجل قلبه متعلق بالمسجد اذا خرج منه حتي يعود اليه....

قيامت جي ڏينهن ست ٽولا الله سائين جي خاص عنايت ۽ سندس ڪرم جي سائي ۾ هوندا، عادل امام، اهو جوان جنهن جيڪو خدا جي اطاعت ۾ پرورش پائي وڏو ٿيو هجي، اهو شخص جيڪو مسجد مان نڪرڻ کان واپس مسجد ڏانهن موٽڻ تائين مسجد ڏانهن متوجھ هجي.

مسجد وارن لاءِ الله سائين جي ضمانت

پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم جو پاڪ فرمان آهي:

من کانت المساجد بيته ضمن الله له بالروح والراحه والجواز علي الصراط

مسجد جنهن شخص جو گهر هجي الله سائين کيس آرام ۽ آسائش رسائڻ ۽ پل صراط تان پار ڪرائڻ جي ضمانت کنئي آهي

مسجد ۾ ويهڻ جنت ۾ ويهڻ کان بهتر آهي

حضرت علي عليه السلام فرمايو:

الجلسه في الجامع خير لي من الجلسه في الجنه لان الجنه فيها رضي نفسي و الجامع فيها رضي ربي.

 مون لاءِ جنت ۾ ويهڻ کان مسجد ۾ ويهڻ بهتر آهي ان ڪري جو جنت ۾ ويهڻ سان منهجو نفس راضي ٿيندو ۽ مسجد ۾ ويهڻ سان منهنجو رب راضي ٿيندو.

مسجد ۾ ويهڻ جا شرائط

پاڪ پيغمبر صلي الله عليه و آله وسلم جو فرمان آهي:

 کل جلوس في المسجد لغو الا ثلاثه قرائه مصل او ذکر الله او سائل عن علم.

 سواءِ ٽن ڪمن جي مسجد ۾ ويهڻ فضول آهي. قرآن پڙهڻ، خدا جو ذڪر ڪرڻ ۽ علمي سوال ڪرڻ.

مسجد ڏانهن وڃڻ جو ثواب

مسجد ڏانهن کنيل هر قدم لاءِ ستر هزار نيڪيون ۽ ستر هزار درجا آهن. رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جو ارشاد آهي:

 من مشي الي المسجد يطلب فيه الجماعه کان له بکل خطوه سبعون الف حسنه و يرفع له من الدرجات مثل ذالک و ان مات وهو علي ذالک وکل الله به سبعين الف ملک يعودونه في قبره و يونسونه في وحدته و يستغفرون له حتي يبعث.

جيڪو به شخص نماز جماعت جي نيت سان مسجد ڏانهن وڃي ان لاءِ هر قدم تي ستر هزار نيڪيون آهن ۽ کيس ستر هزار درجا ملن ٿا ۽ اگر مسجد ڏانهن ويندي مري وڃي ته الله سائين مٿس ستر هزار فرشتا مقرر ڪري ٿو جيڪي قبر ۾ وڃڻ تائين ساڻس گڏ هوندا ته جيئن پاڻ کي اڪيلو محسوس نه ڪري ۽ اهي قيامت تائين ان لاءِ استغفار ڪندا.

امام صادق عليه السلام فرمايو:

 من مشي الي المسجد لم يضع رجل علي رطب ولا يابس الا سبحت له الارض الي الارضين السابعة

جيڪو شخص مسجد ڏانهن وڃي ٿو خشڪ ۽ آلي جاءِ تي قدم نه ٿو رکي سواءِ ان جي جو زمين جا ست ئي طبقا ان لاءِ تسبيح ڪن ٿا.

حوالا:

  • سورت توبه آيت 18
  • سورت ص آيت 26
  • سورت بقره آيت 4
  • سورت اعراف آيت 147
  • سورت توبه آيت 13
  • اهل بيت، ص 38

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found