آچر, 19 مئي 2019 - Sun 05 19 2019

منو

دين جا فائدا

تحرير: مولانا غلام قاسم تسنيمي

مهاڳ

هن جڳ جهان ۾ ڪيترن ئي قسمن جا انسان زندگي پيا گذارين؛ ڪي دين ۽ مذهب جا پابند ته ڪي دين ۽ مذهب کان بيزار ۽ لادين. هر ڪنهن جو زندگي گذارڻ لاءِ پنهنجو پنهنجو طريقي ڪار آهي سڀ ڪنهن جون پنهنجون ريتون، رسمون ۽ رواج آهن. ظاهر آهي ته جيڪو انسان ڪنهن مذهب جو پيروڪار آهي اهو پنهنجي انساني ذميوارين سان گڏوگڏ ان دين ۽ مذهب جي اصولن جو به پابند آهي جنهن جو ان ڪلمو پڙهيو آهي. ان بنياد تي اهو نهايت سولائي سان چئي سگهجي ٿو ته دين انسان لاءِ ڪجھ پابنديون آڻي ٿو؛ مثال طور تي هڪ مسلمان روزو رکي ٿو ظاهري طور تي هو سڄو ڏينهن پاڻي، ماني، کاڌ خوراڪ ۽ هر ان شي کان پاسو ڪري ٿو جيڪا روزي کي ٽوڙي ڇڏي ٿي. جڏهن ته هڪ لادين ماڻهو اهڙو عمل انجام نه ڏيندو.

ٻئي پاسي هڪ ديندار ماڻهو الله سائين ۽ قيامت تي ايمان آڻڻ سبب پنهنجي هر عمل کان اڳ اهو سوچيندو ته منهنجي ان عمل کي الله سائين ڏسي رهيو آهي، قيامت ڏينهن مون کي انهن عملن جو حساب ڪتاب ڏيڻو پوندو؛ تنهنڪري هو پنهنجي عملن ۾ ڪافي سوچ ويچار ڪندو. جڏهن ته الله ۽ قيامت جو انڪاري انسان اهڙن پابندين کان آجو آهي. هاڻ سوال هي آهي ته آخر دين جا فائدا ڪهڙا آهن؟ ڇو اسان دين جا پابند رهون؟

دين جي فائدن کي وائکو ڪرڻ جي هي هڪ نهايت مختصر ڪاوش آهي جيڪا ان اميد سان ڪري رهيو آهيان ته ڌڻي سڳورو اسان کي پنهنجي دين جو قدردان بڻائي. پر فائدن جي بيان کان اڳ دين جي تعريف ڪرڻ سندس فائدن کي چٽي ڪرڻ ۽ ثابت ڪرڻ ۾ ڪافي مددگار ٿيندي تنهنڪري اسان پهريان دين جي تعريف ڏانهن اشارو ڪنداسين.

دين جي تعريف

لغت مطابق دين: دين، عربي ٻولي جو لفظ آهي جنهن جي معنى پيروي ڪرڻ ۽ جزا وغيره آهي.

اصطلاح مطابق دين: انسان ۽ ڪائنات لاءِ خلقڻهار جي عقيدي سان گڏ اهڙن عملن جي انجام ڏيڻ کي ڪوٺيو وڃي ٿو جيڪي ان عقيدي سان هڪجهڙائي رکندا هجن. تنهنڪري جيڪي انسان هن جهان لاءِ ڪنهن خلقڻهار جو عقيدو نٿا رکن بلڪه هن جهان جي موجودات کي مادي ۾ تبديلي ۽ مختلف گئسن جي ڦاٽڻ کي قرار ڏين ٿا اهي لادين آهن. جڏهن ته جيڪي انسان جڳ جي لاءِ خدا جي وجود تي پختو عقيدو رکن، اهي ديندار آهن توڻي جو سندن ڪي ريتون رسمون يا ديني عبادتون خرافات سان مليل ئي ڇو هجن. ان بنياد تي تي انسانن ۾ موجود دين کي حق ۽ باطل دين ۾ تقسيم ڪري سگهجي ٿو. حق جو دين اهو آهي جنهن جا عقيدا سچا ۽ حق جي مطابق هجڻ سان گڏ ان ۾ اهڙن عملن جي دعوت به هجي جيڪي حق ۽ سچ جي معيار تي پورا لهندا هجن. (ا)

  1. انسان کي مان ڏيڻ

جيڪو به انسان هن ڌرتي تي اچي ٿو ان جي ذهن ۾ ڪجھ سوال پيدا ٿين ٿا ته مان ڪير آهيان؟ ڪٿان کان آيو آهيان؟ ڪيڏانهن ويندس؟ اهي سوال هر انسان پڇي پيو هر ڪو چاهي ٿو ته انهن سوالن جا جواب هٿ ڪري. پر حقيقت هي آهي ته دين کان سواءِ انهن سوالن جا اطمينان جوڳا جواب ڪير به نٿو ڏئي سگهي.

دين ئي بيان ڪيو آهي ته انسان تو پاڻ پنهنجي پاڻ کي پيدا نه ڪيو آهي تنهنجو ڪو خالق آهي، ان تو کي انسان بڻايو آهي تو کي پنهنجي مخلوقات مان چونڊيو اٿس. تنهنجي هدايت لاءِ نبين کي لاڳاتار موڪليائين. تون رڳو هن فاني دنيا لاءِ خلق نه ٿيو آهين بلڪه تو کي پالڻهار بقا لاءِ پيدا ڪيو آهي. ان تو کي اهو رتبو عطا ڪيو آهي جو پنهنجي ملائڪن کي تنهنجي آڏو جهڪڻ جو حڪم ڏنائين. ان تو کي پنهنجو خليفو بڻايو.

پر جيڪڏهن ماده پرست کان اهي سوال ڪيا وڃن ته هو چوندو انسان جو ڇا پر هن پوري ڪائنات جو ڪو خالق نه آهي بس مختلف گئسن جو ڌماڪو ٿيو جنهن مان مختلف شيون وجود ۾ آيون جنهن کان پوءِ ان ۾ تڪامل (اوسر ۽ اڳتي وڌڻ) جو سفر شروع ٿيو. جيڪو هلندو هلندو انسان جهڙين جانورن تائين پهتو؛ مثال طور تي جئين ڀولڙو آهي. پوءِ ان ۾ وڌيڪ اوسر ٿي ته حضرت انسان بڻجي ويو. مطلب ته انهن جي نظر ۾ هي ڪائنات ازلي آهي جيڪا ازل کان آهي جنهن جو ڪو خالق نه آهي. انسان اصل ۾ جانور هو جنهن کي اوسر جي سفر ان شڪل ۾ آندو آهي. حيرت جوڳي ڳالھ آهي ته اهي ماده پرست هڪ عقلمند حڪيم خالق بدران غير جاندار مادي کي انسان جي اصل قرار ڏين ٿا.

هاڻ انهن ٻنهي نظرين ۾ ڀيٽ ڪجي ته چٽي نموني روشن ٿي ويندو آهي ته: ماده پرست، انسان کي ڪيترو ته ڪرايو آهي جڏهن ته دين، انسان کي ڪيتري عظمت عطا ڪئي آهي. ان جي اصل کي الله سائين کي قرار ڏنو اٿس جيڪو مڙني سهڻين صفتن جو مالڪ آهي، ان انسان کي پنهنجو خليفو بنائي موڪليو. سهڻي رب جو ارشاد آهي:

فَإِذا سَوَّيْتُهُ‏ وَ نَفَخْتُ فيهِ مِنْ رُوحي‏ فَقَعُوا لَهُ ساجِدينَ(2)

پوءِ جڏهن ان کي چڱي طرح ٺاهيان ۽ ان ۾ پنهنجي (طرف کان) روح ڦوڪيان ته ان جي اڳيان سڀئي سجدي ۾ ڪري پئجو.

  1. دلين کي ڳنڍڻ

دين جو هڪ وڏو فائدو هي آهي ته ان انسانن ۾ محبت ايجاد ڪئي آهي. الله سائين دين وسيلي ايڪي ۽ ڀائپي ايجاد ڪرڻ بابت فرمائي رهيو آهي:

 وَ اذْكُرُوا نِعْمَتَ اللَّهِ عَلَيْكُمْإِذْكُنْتُمْأَعْداءً فَأَلَّفَ بَيْنَ قُلُوبِكُمْ فَأَصْبَحْتُمْ بِنِعْمَتِهِ إِخْواناً وَ كُنْتُمْ عَلى‏ شَفا حُفْرَةٍ مِنَ النَّارِ فَأَنْقَذَكُمْ مِنْها،

 ۽ پاڻ تي خدا جي نعمت کي ياد ڪيو جڏهن اوهين هڪٻئي جا دشمن هئا پوءِ اوهان جي دلين ۾ محبت وڌائين پوءِ اوهين سندس نعمت جي ڪري ڀائر ٿي پيا ۽ اوهين ڄڻ ته باھ جي هڪ بٺي (دوزخ) جي ڪناري تي (ڪرڻ تي) هئا ته خدا توهان کي بچائي ورتو. (3)

حقيقت ۾ هي آيت، الله جي وڏي نعمت مطلب ته ايڪي ۽ ڀائپي ڏانهن اشارو ڪري رهي آهي. ۽ مسلمانن کي پنهنجي گذريل خراب حالتن تي سوچ ويچار ڪرڻ سان گڏ انهن حالتن کي ان ايڪي سان ڀيٽ ڪرڻ جي دعوت ڏئي رهي آهي. الله سائين چاهي ٿو ته مسلمان هميشه ان نعمت کي ياد رکن ته ڪهڙي نموني هو هڪٻئي جا دشمن هئا پر الله سائين، اسلام ۽ دين وسيلي سندن دلين کي هڪٻئي جي محبت سان ڀري ڇڏيو. اهميت جوڳي ڳالھ هي به آهي ته ان آيت شريفه ۾ نعمت جو لفظ ٻه ڀيرا استعمال ٿيو آهي جنهن مان ايڪي ۽ ڀائپي جي اهميت روشن ٿئي ٿي.

ٻي ڳالھ هي ته الله سائين دلين کي جوڙڻ جي پاڻ ڏانهن نسبت ڏني آهي. فرمايو اٿس: الله سائين توهان جي دلين ۾ الفت پيدا ڪئي ان تعبير سان اسلام جي هڪ معجزي ڏانهن اشارو ڪيو آهي. اسان جيڪڏهن اسلام کان اڳ عربن جي هڪٻئي سان دشمني ۽ نفرت تي هڪ سراسري نظر وجهون ته معلوم ٿيندو ته: سندن ڪهڙي نه ڪريل حالت هئي؛ هڪ معمولي کان معمولي ڳالھ تي ڪئين قبيلائي جهيڙا ٿي پوندا هئا جڪي سالن تائين هلندا رهندا هئا، ڪڏهن اهي جنگون هڪ ٽهي کان ٻئي ٽهي تائين هلنديون رهنديون هيون. (4)

ان ڳالھ جو اقرار ته دشمنن به ڪيو آهي ته دين ڪهڙي نموني عرب جاهلن ۾ الفت ايجاد ڪئي، کين ڀاءُ بڻائي ڇڏيو. آيت جي بلاغت تي ڌيان ڏجي ۽ انداز تي سوچ ويچار ڪجي ته آيت ڪهڙي نموني بيان ڪري ٿي ته توهان جهنم جي ڪنڌي تي هئو جو ڪنهن به گهڙي ان ۾ ڪري پئي سگهيو جنهن سبب سڀ ڪجھ سڙي راک ٿي وڃي ها پر الله سائين توهان کي نجات ڏني. توهان ۾ ايمان ۽ دين جي بنياد تي ڀائپي جو ناتو جوڙيو، جيڪو اڻ ٽٽ ناتو آهي ايستائين جو موت به ان کي جدا نٿي ڪري سگهي.

پر افسو جي ڳالھ هي آهي ته جنهن دين اسان کي هڪٻئي جو ڀاءُ بڻايو، اڄ ان دين جي آڌار تي هڪ مسلمان ٻئي کي ڪافر پيو ڪوٺي. هڪٻئي جو قتل پيو ڪري. اسان کي ڏسڻو پوندو دين جي ان عظيم بابرڪت وجود کي ڪير ايترو پيو لوڌي ۽ ڌڪاري جنهن سان اسلام جي بدنامي پئي ٿئي. حقيقت ۾ اهڙا ماڻهو مسلمان ته ڇا پر انسان سڏائڻ جي به لائق نه آهن. ڇو جو نبي ڪريم اسان کي اها تعليم ڏني آهي ته مسلمان هڪ جسم جي مثال آهن جيڪڏهن جسم جي ڪنهن عضوي ۾ ڪا تڪليف هجي ته سڄو جسم بيقرار رهندو.(5)

  1. معنوي چين ۽ سڪون

ٽينشن انساني زندگي جي وڏي بلا رهي آهي جنهن جا اثرات فردي ۽ اجتماعي زندگي ۾ ڇڱي نموني مشاهدي جوڳا آهن. ان جي ڀيٽ ۾ سک ۽ چين، انسان جون گم ٿيل شيون آهن هر انسان انهن جي ڳولا ۾ آهي. هر ڪو چاهي ٿو ته ڪهڙي به وسيلي ڪنهن به قيمت تي سک ۽ چين کي حاصل ڪري. مجموعي طور تي سک ۽ چين جو فرد ۽ معاشري جي سلامتي ۾ وڏو عمل دخل آهي، تنهنڪري سک ۽ چين کي ماڻڻ جي طريقي ڪارن بابت ڪيترائي ڪتاب لکيا ويا آهن.

پر سک ۽ چين کي حاصل ڪرڻ جو صحيح ڏس دين ٻڌايو آهي. سهڻي پالڻهار جو فرمان آهي

الَّذينَ آمَنُوا وَ تَطْمَئِنُ‏ قُلُوبُهُمْ بِذِكْرِ اللَّهِ أَلا بِذِكْرِ اللَّهِ تَطْمَئِنُ‏ الْقُلُوب ‏(6)

جن ايمان آندو ۽ انهن جي دلين کي خدا جي ياد سان تسلي ٿئي ٿي. ياد رکو ته خدا جي يادگيريءَ سان ئي دلين کي تسلي ٿئي ٿي.

هن حقيقت کي وائکي ڪرڻ لاءِ ٽينشن جي اسباب کي ڏسڻو پوندو.

1.ڪڏهن ٽينشن مستقبل بابت لاعلمي ڪري ٿيندي آهي. نعمتن جي ختم ٿيڻ، دشمن جي ڄار م ڦاسڻ، مختلف لاعلاج بيمارين ۾ مبتلا ٿيڻ وغيره جي سوڇ انسان کي پريشان ڪري ڇڏي ٿي. پر دين جي تعليم مطابق جيڪڏهن انسان اهڙي پالڻهار مٿان پختو عقيدو رکي جيڪو نهايت ٻاجهارو آهي ۽ انسانن جي هر قسم جي پريشاني کي ختم ڪرڻ جي سگھ به رکي ٿو ته اهو عقيدو ان پريشاني کي ختم ڪري ڇڏيندو.

2.ڪڏهن پريشاني جو ڪارڻ، ماضي ۾ ٿيل غلطيون، ڪيل گناھ يا ٻين سان ناروا سلوڪ هوندو آهي پر دين چٽي نموني بيان ڪيو آهي ته پالڻهار غفور ۽ رحيم آهي. هو نه صرف غلطين کي معاف ڪري ڇڏي ٿو بلڪه گناهن کي نيڪين ۾ تبديل ڪري ڇڏيندو.

3.زندگي جو بي مقصد هجڻ به پريشاني جو هڪ سبب آهي. ظاهر آهي ته جيڪو ماڻهو ان ڪائنات ۽ انسان لاءِ پالڻهار جي وجود تي عقيدو نٿو رکي ان لاءِ زندگي ڪا معنا نٿي رکي. پر دين انسان کي زندگي جي عظيم مقصد ڏانهن ڌيان ڏياريو آهي جنهن سان هو پنهنجي ان پريشاني تي به قابو پائي سگهي ٿو.

4.ڪڏهن پريشاني ان ڪري هوندي آهي جو انسان ڪنهن مقصد جي حاصل ڪرڻ لاءِ  وڏي ڀڄ ڊڪ ڪندو آهي پر ڪير به سندس محنت جي قدر داني نه ڪندو آهي جنهن سان هو مايوس ٿي پريشان ٿي ويندو آهي پر جيڪڏهن هو دين جي ڏس مطابق پالڻهار تي عقيدو رکي، اهو ڄاڻي وٺي ته الله سائين ڪنهن جي به محنت کي ضايع نه ڪندو ته سندس اها پريشاني ختم ٿي ويندي.

5. ڪڏهن پريشاني جو ڪارڻ قدرتي حادثا هوندا آهن. طوفان، ٻوڏ، زلزلا، اندريان ۽ ٻاهريان دشمن وغيره ماڻهو کي فڪرمند بڻائيندا آهن ته مان انهن سان ڪئين مقابلو ڪندس. پر جڏهن اهڙي ذات تي ڀروسو ڪري جيڪا سڀني کان وڌيڪ سگھ واري آهي ته اهو عقيدو کيس سڪون ڏيندو.

6. پريشاني جو هڪ وڏو عامل موت آهي ۽ ڇو جو موت جو ڪو وقت معين نه آهي زندگي جي ڪنهن به موڙ تي موت اچي سگهي ٿو پوءِ کڻي ٻاراڻڪو دور هجي يا جواني يا پوڙهائپ، تنهنڪري انسان نابود ۽ فنا ٿيڻ جي تصور کان ئي گهٻرائي ٿو.

پر دين جو چوڻ آهي ته موت، فنا ۽ نابود ٿيڻ جو نالو نه آهي بلڪه موت ته قيد کان آزاد ٿي دائمي نعمتن کي ماڻڻ جو نالو آهي ته پوءِ انسان کي موت مان ڪنهن قسم جو ڀو نه لڳندو.

  1. علمي اوسر

دين تعليم جي تمام گهڻي فضيلت بيان ڪئي آهي، علم حاصل ڪرڻ کي واجب قرار ڏنو آهي جنهن لاءِ نه ته ڪنهن جاءِ جي ڪا پابندي آهي ۽ نه عمر جي. دين هن ڪائنات کي الله جي تخليق ٻڌائي ٿو، اهڙي رب جي تخليق جيڪو حڪيم آهي جنهن جي هر عمل ۾ ڪيترائي راز ۽ حڪمتون آهن. ان بنياد تي هڪ ديندار انسان هن ڪائنات جي ذري ذري تي سوچ ويچار ڪندو، جنهن سان علم ۾ اوسر ٿيندي. اهو ئي سبب آهي جو پالڻهار مومنن جي هڪ نشاني اها بيان ڪئي  آهي ته هو ڪائنات ۾ سوچ ويچار ڪري پنهنجي ايمان کي تازو رکن ٿا:

 يَتَفَكَّرُونَ في‏ خَلْقِ السَّماواتِ وَ الْأَرْضِ رَبَّنا ما خَلَقْتَ‏ هذا باطِلا(7)

 آسمانن ۽ زمينن جي بناوٽ تي سوچ ويچار ڪن ٿا (۽ چون ٿا ته) اي اسان جا پالڻهار تو هنن کي بيڪار پيدا نه ڪيو آهي.

 فرض ڪريو اوهان جو ڪو دوست سفر کان موٽيو آهي. ان اوهان لاءِ هڪ ڪتاب تحفي طور آندو آهي ۽ ٻڌائي ٿو ته هي ڏاڍو سٺو ڪتاب آهي ڇو جو ان جو ليکڪ پنهنجي موضوع ۾ وڏو ڄاڻو، ماهر ۽ مڪمل استاد آهي.

يقيني طور تي توهان انهي ڪتاب جو سراسري مطالعو نه ڪندو بلڪ انجي تمام جملن ۽ عبارتن ايستائين جو لفظن تي به سوچ ويچار ڪندو، جيڪڏهن ڪو جملو سمجھ ۾ نه آيواٿس  ته جڏهن به موقعو ملندوء انهي تي ويچار ڪندو ته جيئين انجو مطلب سمجهي سگهو؛ ڇو جو اوهان کي خبر آهي ته انجو ليکڪ ڪو معمولي انسان نه آهي بلڪ وڏو ڄاڻو آهي جنهن ڪو به لفظ بغير حساب جي نه لکيو آهي.

پر انجي ابتڙ جيڪڏنهن اوهان کي ٻڌائي ته ٿي سگهي ٿو هي ڪتاب ظاهري طور تي وڻندڙ هجي پر انجو ليکڪ گهڻو لکيل پڙهيل ماڻهو نه آهي. انجي ڪم ۾ ڪو حساب ڪتاب به نه آهي.سڌي ڳالھ آهي ته اوهان ڪتاب تي هڪ سراسري نظر وجهندو ۽ جتي سمجھ نه آيو چوندو ته هي به مصنف جي نا اهلي آهي. افسوس آهي جو انسان اهڙي ڪتاب جي مطالعي ۾ وقت وڃائي.

جهان به هڪ وڏي ڪتاب وانگر آهي جنهن جي هر مخلوق، اکر يا جملي جي قائم مقام آهي. هڪ خدا پرست جي نگاھ ۾ هن جهان جا تمام ذرا ويچار جوڳا آهن.هڪ مومن انسان خدا پرستي جي نور جي روشني ۾ مخصوص دلچسپي سان تخليق جي رازن جو مطالعو ڪري ٿو (۽ اهو عمل انساني علم جي ترقي ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿو) ڇو جو ان کي خبر آهي ته هن جهان جو پالڻهار بيحد ڄاڻ ۽ سگھ جو مالڪ آهي. سندس هر ڪم جي بنياد حڪمت ۽ فلسفي تي آهي. ان ڪري نهايت ويچار سان مطالعو ڪري ٿو ته جئين چڱي نموني انجا راز ڄاڻي سگهي.

پر هڪ ماده پرست انسان تخليق جي رازن جي مطالعي جو شوق ئي نٿو رکي؛ ڇو جو انجي نظر ۾ بي شعور مادي انکي بڻايو آهي. باقي اهيو جيڪو ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته ڪن ماده پرست دانشورن ڪي قانون ڪشف ڪيا آهن انجي بنياد هي آهي ته اهي عام طور تي خدا کي  مڃين ٿا پر ان کي نالو مادي جو ڏين ٿا.

  1. ذميواري جو احساس

ذميواري جو احساس انسان جي سڃاڻپ آهي هر انسان جي قدر ۽ قيمت اوتري هوندي آهي جيترو هو ذميوار هجي. انهيءَ لحاظ سان به دين نهايت مفيد آهي ڇو جو دين انسان کي ذميوار بنائي ٿو؛ ان لاءِ جو دين جي بنيادي تعليم ۾ اها سوچ شامل آهي ته ڌڻي سڳورو اسان جي عملن کي ڏسي رهيو آهي. تنهنڪري هڪ مومن انسان رب کي حاضر ناظر مڃندي پنهنجي ذميواري کي محسوس ڪندو ۽ ان جي ادائگي ۾ ڪنهن قسم جي ڪا سستي ۽ ڪاهلي نه ڪندو.

مثال طو تي ڪي اهڙا ڊاڪٽر هوندا آهن جو جڏنهن ڪو غريب بيمار انهن وٽ وڃي ٿو ته نه صرف پنهنجي فيس نٿا وٺن بلڪ دوا لاء کيس پئسا به ڏين ٿا ايتري تائين جو جيڪڏنهن ان لاء خطري جو احساس ڪن ته رات به سندس جهوپڙي ۾ سراندي تي جاڳي گذارينٿا. اهي خدا پرست ۽ مومن انسان آهن.

پر ڪي اهڙا ڊاڪٽر به آهن جو فيس وٺڻ کان بغير معمولي ڪم به بيمار لاء نه ڪندا ڇو جو انهن جو ايمان پختو نه آهي.

مومن انسان جنهن به ڌنڌي يا واپار سان هجي ذميواري جو احساس رکي ٿو. ذميواري سڃاڻي ٿو. سلڇڻو ۽ بخشڻ وارو آهي، هميشه پنهنجي اندر مخدائي پوليس کي حاضر ڏسي ٿو جيڪي انجي نظرداري ڪن ٿا.

پر بي ايمان انسان خود غرض، صرف پنهنجي بهتري چاهڻ وارو ۽ خطرناڪ هوندو آهي. پنهنجي لاء ڪنهن به قسم جي ذميواري جو قائل نه هوندو آهي، ظلم ڏاڍ ٻين جي حقن تي ڌاڙو انهن لاء معمولي ڳالھ آهي، نيڪ ڪم لاء گهٽ ئي تيار ٿيندو آهي.

حقيقت ۾ دين جا ڪيترائي فائدا آهن، دين الله سائين جو انساني زندگي لاءِ مڪمل سسٽم آهي، ظاهر آهي جهڙو رب عظيم آهي سندس ڏسيل قانون به اوترائي عظيم آهن، جئين جئين زمانو گذرندو وڃي ٿو تئين تئين دين جي اهميت وڌيڪ چٽي ٿيندي وڃي ٿو ڏينهون ڏينهن دين جا پيروڪار وڌندا وڃن ٿا. ڌڻي در دعا آهي ته پالڻهار اسان کي پنهنجي دين جو قدردان بڻائي. آمين

حوالا

  • آموزش عقائد، مصباح يزدي، ص12
  • سورت حجر آيت29
  • سورت آل عمران آيت103
  • فروغ ابديت، جعفر سبحاني، ص36
  • تفسير نمونهج3ص82
  • سورت رعد آيت28
  • سورت آل عمران آيت 191

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found