جمع, 19 جولاءِ 2019 - Fri 07 19 2019

منو

دعاءِ افتتاح تي هڪ نظر

تحرير: غلام قاسم تسنيمي 

مهاڳ

رمضان جو مهينو وڏو با برڪت مهينو آهي، ان مهيني کي الله سائين پنهنجو مهينو ڪوٺيو آهي. ان ۾ پنهنجي لا زوال قانوني ڪتاب، قرآن کي لاٿو اٿس. هي نبوت جي عظمت ۽ ولايت جي اوج ۽ معراج جو مهينو آهي. ان مهيني ۾ الله سائين پنهنجي مغفرت، بخشش ۽ رحمت جا خزانا کولي ڇڏيندو آهي. جنت جا دروازا کولي ان کي پرهيزگارن لاءِ سيگاريندو آهي. جهنم جي دروازن کي بند ڪري سندس آڙاهن کي وسائي ڇڏيندو آهي. شيطان کي زنجيرن ۾ جڪڙي قيد ڪري ڇڏيندو آهي. ان مهيني ۾ الله سائين روزي کي فرض ڪيو آهي ته جئين انسان متقي ۽ پرهزگار بڻجي رب جو قرب ماڻي، سير سلوڪ جي وادي ۾ قدم رکي، پرين جي جمال کي پسي سگهي، فنا في الله جي منزلت ماڻي امر بڻجي وڃي.

ها! ان مهيني ۾ ڌڻي سڳوري، ٻاجهاري پالڻهار مومن انسان کي پنهنجو مهمان بڻايو آهي، سندس ساھ کڻڻ کي تسبيح جو درجو ڏنو آهي، سندس ننڊ کي عبادت ڪوٺيو آهي. البته سعادت ان ماڻي، ڪامياب اهو ٿيو جيڪو ان بابرڪت مهيني مان وڌ کان وڌ استفادو ڪري، ان فرصت کي غنيمت ڄاڻي، ۽ ان مان بهترين فائدو حاصل ڪري.

 الله سائين قرآن مجيد ۾ روزي جي آيتن جي وچ ۾ دعا جي آيت کي ذڪر ڪيو آهي، سندس ارشاد آهي:

(وَ إِذَا سَأَلَكَ عِبَادِى عَنىّ‏ فَإِنىّ‏ قَرِيبٌ  أُجِيبُ دَعْوَةَ الدَّاعِ إِذَا دَعَانِ  فَلْيَسْتَجِيبُواْ لىِ وَ لْيُؤْمِنُواْ بىِ لَعَلَّهُمْ يَرْشُدُونَ ) (1)

(اي رسول!) جڏهن تو کان منهنجا بندا منهنجي پڇا ڪن ٿا (چئو ته) بيشڪ آءُ انهن وٽ ئي آهيان. ۽ جڏهن مون کان ڪا به دعا گهرندا آهيو ته آءُ سڀ  دعا گهرندڙن جي دعا (ٻڌندو آهيان ۽ جي مناسب هوندي ته) قبول ڪندو آهيان. پوءِ گهرجين ته منهنجو حڪم مڃين ۽ مون تي ايمان آڻين ته جئين سڌي رستي تي اچن.

ان مان خبر پوي ٿي ته روزي ۽ دعا جو پاڻ ۾ گهرو تعلق آهي. اهي ٻئي هڪٻئي سان ڳنڍيل آهن. ان ڳالھ جي ثابتي دعائن جي ڪتابن مان ملي ٿي؛ ڇو جو مڙني مهينن کان وڌيڪ دعائون ان مهيني ۾ نقل ٿيون آهن، دعائن جي ڪتابن جو مک حصو ان مهيني سان مخصوص آهي، سحري جي دعا، هر روز جي دعا، هر نماز کان پوءِ جي دعا، هر رات جي دعا، قدر جي راتين جون عظيم دعائون، دعاءِ ابو حمزه ثمالي، دعاءِ جوشن ڪبير وغيرھ. انهن دعائن مان هڪ دعا افتتاح آهي.

ان دعا تي اهو نالو ان ڪري پيو جو سندس پهرئين جملي ۾ آهي ته الله سائين مان تنهنجي تعريف ۽ ثنا جو آغاز تنهنجي حمد سان ڪريان ٿو، مطلب ته افتتح جو لفظ آهي جنهن ڪري ان دعا کي افتتاح ڪوٺيو ويو، هونئن ته ان دعا جو لفظ لفظ، معرفت ۽ عرفان جو خزانو آهي. هر جملي جملي ۾ دين، پالڻهار جي عظمت، سندس رسول جي فضليت، پاڪ امامن جو رتبو وغيرھ آهي، جنهن مان ان جي پاڪ امامن کان منقول هجڻ جي پروڙ پوي ٿي پر وري به علم رجال جي بنياد تي ان دعا جي سند تي روشني وجهون ٿا.

دعاءِ افتتاح جي سند

محدثن جو طريقي ڪار اهو آهي ته ڪنهن به حديث کي نقل ڪرڻ مهل معصوم امام تائين ان جي سند کي نقل ڪندا آهن، پر شيخ طوسي دعاءِ افتتاح کي نقل ڪرڻ مهل رڳو ان جي تلاوت جي سفارش ڪئي آهي، نه رڳو ان جي ڪا سند نقل نه ڪئي آهي بلڪ معصوم امام ڏانهن به ان جي نسبت نه ڏني آهي. پر سيد ابن طاووس پنهنجي ڪتاب ”الاقبال“ (2) ۾، جيڪو دعائن جي حوالي سان منبع ۽ ماخذ شمار ٿئي ٿو، ڪجھ وڌيڪ وضاحت ڪئي آهي. ان بيان ڪيو آهي ته اها دعا امام زمانه جي خاص نائب محمد بن عثمان عمري جي وسيلي سان اسان تائين پهتي آهي، هو واسطي سان نقل ڪري ٿو ته محمد بن نصر سڪوني، محمد بن عثمان جي ڀائيٽي کي درخواست ڪئي ته پنهنجي چاچا جو ڪتاب سندس اختيار ۾ ڏئي ته جئين ان مان نسخه برداري ڪري سگهي، هن ان جي درخواست جي جواب ۾ اهو ڪتاب سندس حوالي ڪيو، محمد بن نصر ڪيتريون ئي دعائون ان مان نقل ڪيون، انهن مان هڪ دعاءِ افتتاح آهي. امام زمانه جو نائب خاص ان دعا کي گهڻي اهميت ڏيندو هو ۽ ان جي تلاوت تي مدوامت ڪندو هو، ان مان پروڙ پوي ٿي ته اها دعا امام زمانه کان صادر ٿي آهي. ڇو جو اهڙي شخصيت ۽ ٻيا ڪيترا ئي عالم جيئن سيد ابن طائوس، علامه مجلسي، محدث عباس قمي وغيرھ، غير معصوم جي دعا کي ايتري اهميت نه ڏين ها. ۽ رمضان جي مبارڪ مهيني جي هر رات ۾ ان دعا کي پڙهڻ جي سفارش نه ڪن ها.

تنهن کان سواءِ علامه مجلسي زاد المعاد(3) ۾ لکيو آهي ته معتبر سَنَد سان ثابت آهي ته امام زمانه پنهنجي شيعن ڏانهن لکيو ته رمضان جي هر رات ۾ ان دعا کي پڙهن. ڇو جو ملائڪ ان مهيني جي دعائن کي ٻڌن ٿا ۽ پڙهندڙن لاءِ استغفار ڪن ٿا، محدث قمي به هدية الزائرين ۾ ائين لکيو آهي

دعا جا اهم مضمون

هي دعا ٽن خاص اهم مضمونن تي مشتمل آهي، جيڪي هن ريت آهن: الله سائين جي حمد ۽ ثنا، رسول پاڪ ۽ سندس پاڪ اهلبيت مٿان درود ۽ سلام، امام زمانه جي انتظار جو مسئلو، سندس ظهور جي دعا، پاڪ حڪومت جي قيام جي آرزو، مسلمانن جي عزت، نصرت ۽ سربلندي جي دعا.

اهم مضمونن جي تشريح

جيئن ته عرض ٿيو ته هن دعا جا ٽي خاص اهم مضمون آهن، هينئر انهن مان هر هڪ لاءِ چونڊ جملن جي وضاحت ڪجي ٿي:

پالڻهار جي حمد ۽ ثنا

هن دعا جو پهريون حصو، الله سائين جي حمد ۽ ثنا بابت آهي، ديني معارف گهڻو ڪري حمد، ثنا، تسبيح، راز و نياز ۽ مناجات سان ئي بيان ٿيا آهن. ان حصي ۾ حمد، ثنا ۽ تسبيح 19 ڀيرن کان به وڌيڪ ورجايل آهن، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته دعا جو ادب ڇا آهي؟ دعا کي ڪٿان شروع ڪجي؟ ڪيئن اڳتي وڌائجي ۽ ڪٿي ختم ڪجي؟

ها! ڪائنات جو حسن ۽ خوبصورتي پالڻهار جي جمال جو سايو آهي، هو سڀني کان وڌيڪ ٻاجهارو ۽ ڪرم ڪرڻ وارو آهي. جهان ۾ جتي به ڪا خوبي، ڀلائي ۽ نيڪي آهي سندس ئي ڏات آهي، اها ان جي ئي عطا ٿيل آهي، تنهن لاءِ جڳائي ٿو ته سندس ئي تعريف ڪجي، ان جي ئي عبادت ڪجي، هو ئي تعظيم جي لائق آهي. هر عبادت جو آغاز سندس حمد ۽ ثنا سان ٿيڻ گهرجي. اهو سهڻو ادب، قرآن جو سيکاريل آهي، ڪهڙي نموني ان پاڪ ڪلام جو آغاز سورت حمد سان ٿئي ٿو. ۽ حديثن مطابق ان کان سواءِ نماز نٿي ٿي سگهي (4)

حديثن ۾ اهو به آيو آهي ته جيڪو به ڪم پالڻهار جي پاڪ نالي سان شروع نه ٿئي اهو اڌورو ۽ ناقص ئي رهندو. جهڙي نموني امير المومنين علي، رسول پاڪ کان نقل ڪيو آهي ته: جيڪو به ڪم پالڻهار جي پاڪ نالي سان شروع نه ٿئي اهو اڌورو ۽ ناقص رهندو.(5)

پالڻهار جي وصفن جو حسين امتزاج

اڳتي دعا ۾ پڙهون ٿا: مون کي يقين آهي ته تون بخشش ۽ ٻاجھ جي جاءِ تي سڀني کان وڌيڪ ٻاجھ وارو آهين، پر جتي سزا ۽ ڪيفر جي جاءِ هجي اتي تون سڀني کان وڌيڪ سخت سزا ڏيندڙ آهين.

ها! آهن ڪي خدا جا ٻانها جيڪي رحمت ۽ ٻاجھ جا حقدار نه آهن، جيڪڏهن سندن مٿان ٻاجھ ڪجي ته اهو ٻين جي حق ۾ ظلم شمار ٿيندو؛ ڇو جو سندن مشغلو خلق خدا کي ستائڻ، پريشان ڪرڻ ۽ اذيت رسائڻ آهي.

اهو به دعائن جو عارفاڻو نڪتو آهي ته خدا جي جمال ۽ جلال ٻنهي وصفن جو بيان ٿئي ٿو، جنهن ۾ اسان لاءِ تربيتي درس آهي. جيئن چوندا آهن ته: پنهنجي اندر خدائي صفتون پيدا ڪريو، نه رڳو ٻاجھ ۽ رحمت ۽ نه رڳو ڪاوڙ ۽ غصو. بلڪ جتي باجھ جي جاءِ هجي اتي باجهارو ٿجي ۽ جتي ڪاوڙ جي جاءِ هجي اتي ڪاوڙ ڪجي. اها ئي سهڻي صفت نبي پاڪ، سرور دو جهان، مدني مير جي سچين صحابين لاءِ ذڪر ٿي آهي:

( محُمَّدٌ رَّسُولُ اللَّهِ  وَ الَّذِينَ مَعَهُ أَشِدَّاءُ عَلىَ الْكُفَّارِ رُحَمَاءُ بَيْنهُمْ) (6)

محمد خدا جو رسول آهي ۽ جيڪي ساڻس آهن سي ڪافرن تي تمام سخت آهن ۽ پاڻ ۾ رحم دل آهن.

ها! اهو جيڪو چيو ويندو آهي ته سڀني لاءِ سٺو ٿجي، ڀلو سوچجي، مڙني لاءِ خير خواهي ڪجي، اها ڳالھ به پنهنجي جاءِ تي صحيح آهي پر ظالم ۽ ڏاڍ ڪرڻ واري جي حق ۾ ڀلائي اها ئي آهي ته کيس ظلم ڪرڻ کان روڪجي، کيس اختيار مان غلط فائدو وٺڻ نه ڏجي.

پالڻهار جي نعمتن جو بيان

دعا ۾ پڙهون ٿا: الله سائين تو ئي اسان کي دعا گهرڻ جي اجازت ڏني آهي، ته اي ٻڌڻ وارا هينئر منهنجي حمد ۽ ثنا کي ٻڌ! اي ٻاجهارا منهنجي دعا کي قبول فرما! اي بخشڻهار منهنجي گناهن کي بخشي ڇڏ! پالڻهار ڪيترين ئي مشڪلاتن جي ڳنڍن کي تو کولي ڇڏيو، ڏکن کي دور ڪري ڇڏيئي، گناهن کي اڻ ڏٺو ڪري ڇڏيئي، رحمتن کي پکيڙي ڇڏيئي ۽ مصيبتن جي زنجيرن کي ٽوڙي ڇڏيئي.

دعا جو هڪ اهم ادب اهو به آهي ته پالڻهار کان ڪنهن نئين سوال ڪرڻ کان اڳ سندس اڳ وارن احسانن، ٿورن ۽ ڪرمن جو ذڪر ڪجي. ان سان دعا جي قبوليت جو به اطمينان ٿيندو؛ ڇو جو پالڻهار ته سدائين پنهنجا ڪرم ڪندو آيو آهي، ان ته ڪنهن به مشڪل گهڙي ۾ اسان کي اڪيلو ناهي ڇڏيو، سندس ڪرم دائمي ۽ فضل ابدي آهي، ته ڀلا هاڻي اسان جي ڇو نه ٻڌندو. ٻئي پاسي اهو تذڪرو نعمتن جو شڪر به شمار ٿئي ٿو. مطلب ته پهريان انسان گذريل نعمتن جو شڪر ڪري پوءِ نئين نعمت جي گهر ڪري. اهو ادب به قرآن جو ئي سيکاريل آهي، جهڙي ريت ارشاد ٿئي ٿو:

( وَ أَمَّا بِنِعْمَةِ رَبِّكَ فَحَدِّث) (7)

۽ پنهنجي پالڻهار جي نعمت پيو بيان ڪر!

دعا جي قبوليت جي حوالي سان اهم نڪتو

ڪڏهن ڪڏهن ائين ٿيندو آهي ته اسان جنهن شئي جو سوال ڪندا آهيون، اها اسان کي جلدي نه ملندي آهي. تنهن کان پوءِ پالڻهار بابت عجيب غريب سوچيندا آهيون، نامناسب چئي ويهندا آهيون، سندس واعدن کان ويساھ کڄي ويندو آهي، جڏهن ته اهو سڀ اسان جي ڪم علمي ۽ ناداني جو نتيجو هوندو آهي. ڪيترائي ڀيرا اسان پنهنجي زندگي ۾ مشاهدو ڪيو آهي ته ننڍڙن ڪا شئي گهري پر اسان انهن کي نه ڏني سون. ڇو جو اسان کي خبر هوندي آهي ته اها شئي انهن جي ڀلي ۾ نه آهي، اها کين نقصان رسائيندي وغيرھ. پوءِ پاڪ پالڻهار ته هر شي کان واقف آهي، هو اسان جي مصلحت ۽ فائدي کي بهتر ڄاڻي ٿو، ماءُ کان به وڌيڪ اسان تي ٻاجھ ڪرڻ وارو آهي. پوءِ جيڪڏهن ڪا شئي تڪڙو نه ڏنائين ته اسان کي سندس رضا تي راضي رهڻ گهرجي، ان دعا ۾ پڙهون ٿا: جيڪڏهن منهنجي مراد جلد پوري نه ٿئي ته پنهنجي ناداني سبب تو کي ملامت ڪريان ٿو جڏهن ته ٿي سگهي ٿو ته ائين منهنجي لاءِ بهتر هجي ڇو جو ڪمن جي نتيجي، عاقبت ۽ انجام کي تون ئي ڄاڻين ٿو.

پالڻهار جي رحمت ۽ ٻانهي جي غفلت

ان دعا جا حقيقي عرفاني جملا هي آهن رب جي رحمت جو ان کان وڌيڪ ڪو تصور پيش نٿو ڪري سگهجي، اهڙو عرفان انهن وٽان ئي ملندو جيڪي باب الله آهن، رب جا ترجمان آهن. جملا هي آهن: تون مون کي سڏين ٿو مان تو کان منهن موڙيان ٿو، تون مون سان محبت ڪرين ٿو مان تو سان نفرت وارو سلوڪ ڪريان ٿو، تون مون سان مهربانيون پيو ڪرين پر مان مڃان ئي ڪو نه ٿو. ڄڻ ته منهنجو ئي تو تي احسان آهي.

اهي جملا ڪنهن به ستل ۽ غافل انسان کي اٿارڻ ۽ بيدار ڪرڻ لاءِ ڪافي آهن. ها! هو ڪيترو ڪرم پيو فرمائي، مان ڪيتري گستاخي پيو ڪريان، بي ادبي پيو ڪريان. ٿيڻ ته ائين گهربو هو ته ٻانهي هجڻ جي ناتي مان ان سان محبت ڪريان، منهنجي سوچن ۾ رڳو هو هجي، منهنجو هر عمل، هر حرڪت ان لاءِ هجي پر هتي ته معاملو بلڪل ابتڙ آهي. ٻانهي کي غفلت جي ننڊ مان بيدار ٿيڻ گهرجي، اهي جملا اهڙي غافل لاءِ اڪسير آهن. اهو به قرآني مضمون آهي جئين ته ارشاد رباني آهي:

( هَلْ جَزَاءُ الْاحْسَانِ إِلَّا الْاحْسَان ) (8)

ڀلا نيڪي جو بدلو نيڪيءَ کان سواءِ ڪجھ ٻيو به آهي ڇا؟

رسول پاڪ صلي الله عليه وآله وسلم ۽ اهلبيت عليهم السلام مٿان صلوات

هتان کان دعا جي مضمون جو ٻيو مرحلو شروع ٿئي ٿو، پهريان پالڻهار جي حمد ۽ ثنا، سندس جمال ۽ جلال جي وصفن جو بيان هو ته هاڻي سندس ڪامل آئيني، حقيقي مظهر، حبيب ڪبريا، محبوب خدا جو بيان آهي. حقيقت هي آهي ته سندس وصفون بيان ڪرڻ خاڪي بشر جي وس کان ٻاهر آهن، پاڪ پالڻهار ئي سندس وصفن کي بيان ڪري سگهي ٿو، جنهن ڪڏهن مزمل جو خطاب ڏنس ته ڪڏهن طه ۽ يس جو. هو جڏهن پاڻ ئي ان تي صلوات ٿو پڙهي ته اسان ڪير ٿيندا آهيون جو ان کان انڪار ڪري سگهون. سندس ارشاد آهي

(  إِنَّ اللَّهَ وَ مَلَئكَتَهُ يُصَلُّونَ عَلىَ النَّبىِ‏  يَأَيهَّا الَّذِينَ ءَامَنُواْ صَلُّواْ عَلَيْهِ وَ سَلِّمُواْ تَسْلِيمًا) (9)

بيشڪ خدا ۽ سندس فرشتا نبي (۽ سندس آل تي) درود موڪلين ٿا ته اي ايمان وارو! اوهين به درود موڪليندا رهو ۽ برابر سلام ڪندا رهو.

جيتوڻيڪ صلوات جي نسبت الله ۽ ملائڪن ڏانهن به ڏني وئي آهي ته اسان کي به حڪم ڪيو ويو آهي، پر ان جي حقيقت مختلف آهي. رب طرفان صلوات جو مطلب رحمتون نازل ڪرڻ آهي، ملائڪن طرفان صلوات جو مطلب رحمتون کڻي اچڻ آهي، جڏهن ته اسان انسانن طرفان صلوات جو مطلب رحمت جي درخواست ڪرڻ آهي. جنهن جو فائدو به انسان کي ئي ملي ٿو، جيئن ته امام صادق عليه السلام فرمائن ٿا: جيڪو محمد ۽ سندس آل مٿان صلوات پڙهندو ان کي هزار نيڪيون ملنديون، سندس هزار گناھ معاف ڪيا ويندا، ان جا هزار درجا بلند ڪيا ويندا. (10)

 پر هن دعا جي خاصيت هي آهي ته هتي خاص الخاص صلوات جو ذڪر ٿيو آهي، جنهن کان وڌيڪ ڪا صلوات ٿي نه ٿي سگهي، جنهن جو پاڻ ڪريم حقدار آهي، جيڪا خدا جي شان جي لائق هجي وغيرھ.

ان ڳالھ کان به غفلت نه ڪرڻ گهرجي ته اهلبيت کان سواءِ رسول پاڪ تي صلوات ناقص ۽ اڌوري آهي؛ ڇو جو پاڻ ڪريمن جو ئي فرمان آهي: مون تي اڌوري صلوات نه پڙهندا ڪريو، پڇيائون ته اڌوري صلوات ڇا آهي؟ پاڻ فرمايائون: رڳو هي پڙهو

( اللهم صل على محمد)

۽ پوءِ بيهي رهو. بلڪ هن ريت پڙهندا ڪريو: ) اللهم صل على محمد و آل محمد( (11)

ان کان پوءِ هر هڪ معصوم جي لقبن سان مٿس صلوات پڙهي وئي آهي.

امام زمانه (عج) مٿان سلام

هن دعا ۾ مختلف وصفن ۽ لقبن جو بيان ڪندي امام زمانه مٿان سلام ڪيو ويو آهي جنهن مان سڀني کان اهم صفت سندس خدا جو خليفو هجڻ آهي جيڪو حقيقت ۾ هن آيت کان ورتل آهي:

( وَعَدَ اللَّهُ الَّذينَ آمَنُوا مِنْكُمْ وَ عَمِلُوا الصَّالِحاتِ لَيَسْتَخْلِفَنَّهُمْ فِي الْأَرْضِ كَمَا اسْتَخْلَفَ الَّذينَ مِنْ قَبْلِهِمْ وَ لَيُمَكِّنَنَّ لَهُمْ دينَهُمُ الَّذِي ارْتَضى‏ لَهُمْ وَ لَيُبَدِّلَنَّهُمْ مِنْ بَعْدِ خَوْفِهِمْ أَمْناً يَعْبُدُونَني‏ لا يُشْرِكُونَ بي‏ شَيْئاً وَ مَنْ كَفَرَ بَعْدَ ذلِكَ فَأُولئِكَ هُمُ الْفاسِقُون) ( 12)

(اي ايمان وارو!) اوهان مان جن ايمان قبول ڪيو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن سان خدا وعدو ڪيو آهي ته اهو کين (هڪ نه هڪ ڏينهن) سموري زمين تي ضرور (پنهنجو) نائب مقرر ڪندو جيئن انهن کان اڳين کي نائب ڪيائين پڻ جنهن دين (اسلام) کي انهن لاءِ پسند ڪيو اٿس تنهن تي کين ضرور پوري طاقت عطا ڪندو پڻ سندن ڊپ کان پوءِ (هنن جي هراس کي) امن سان ضرور بدلائيندو جو اهي (دلجاءِ سان) منهنجي ئي عبادت ڪندا ۽ ڪنهين کي منهنجو شريڪ نه ڪندا. ۽ جو شخص ان کان پوءِ ناشڪري ڪندو ته اهڙا ئي ماڻهو بدڪار آهن.

هي آيت ظهور امام زمانه ڏانهن اشارو ڪري ٿي (13) جنهن جو وعدو امت جي نيڪ ۽ صالح انسانن سان ڪيو ويو آهي، مولا اچي ڪري دين کي مڪمل طور نافذ ڪندا، الله جي ڌرتي تي الله جو نظام قائم ڪندا. الله جي حڪمن مطابق حڪومت ڪندا. زمين کي عدل ۽ انصاف سان ائين ڀري ڇڏيندا جيئن اها ظلم ۽ ستم سان ڀرجي چڪي هوندي.

آخر ۾ پاڪ حڪومت جي قيام لاءِ دعا ٿي ڪئي وڃي: پالڻهار اسان تو کان پاڪ حڪومت جي گهر ڪريون ٿا جنهن سان اسلام ۽ مسلمانن کي عزت ۽ سربلندي نصيب ٿئي، نفاق ۽ منافقن جي خواري ٿئي.

ان دعا سان اسان جي ذميواري به واضح ٿئي ٿي، اسان جڏهن مولا لاءِ عالمي حڪومت جي دعا ڪريون ٿا ته اسان کي گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي گهر ۾، پنهنجي پاڙي ۾، پنهنجي علائقي ۾، پنهنجي شهر بلڪ ملڪ ۾ وس آهر عدل ۽ انصاف جي قيام لاءِ جاکوڙ ڪرڻ گهرجي. قرآن مطابق مومن ته هميشه اها ئي دعا گهرندا آهن:

(  وَ الَّذينَ يَقُولُونَ رَبَّنا هَبْ لَنا مِنْ أَزْواجِنا وَ ذُرِّيَّاتِنا قُرَّةَ أَعْيُنٍ وَ اجْعَلْنا لِلْمُتَّقينَ إِماماً )(14)

۽ اهي شخص جيڪي (اسان کي) عرض ڪندا رهن ٿا ته اي اسان جا رب! اسان جي زالن ۽ اسان جي اولاد مان اسان کي اکين جو ٺار عطا ڪر ۽ اسان کي پرهيزگارن جو پيشوا ڪر.

ها! مولا جي ظهور ۽ سندس حڪومت سان امت ۾ اتحاد ٿيندو، اسان جي آبادي وڌندي، اسان جي خواري عزت ۽ سربلندي ۾ تبديل ٿيندي، اسان جي غربت ۽ مسڪيني، اميري ۾ تبديل ٿيندي، قرض ادا ٿي ويندا، گهٽتايون پوريون ٿي وينديون، دشمنن جي نفوذ جا سڀ رستا بند ٿي ويندا، غلامي جون زنجيرون ٽٽي پونديون، زندگي جو مقصد ۽ هدف حاصل ٿيندو، رب جا وعدا پورا ٿيندا.

آخر ۾ دعا آهي ته پالڻهار اسان کي اهڙي ڏينهن ڏسڻ ۽ پنهنجي ذميوارين کي پوري ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.

 

حوالا

 

[1]ـ سورت بقره، آيت 186.

2ـ اقبال، ج1، ص138.

3ـ زاد المعاد، ص86.

4ـ وسائل الشيعه، ج4، ص 732.

5ـ بحار الانوار، ج73، ص305.

6ـ سورت فتح، آيت29.

7ـ سورت ضحى، آيت11.

8ـ سورت رحمن، آيت60.

9ـ سورت احزاب، آيت56.

10ـ تفسير ڪنز الدقائق و بحر الغرائب، ج1، ص439.

11ـ صواعق، ص144.

12ـ سورت نور، آيت55.

13ـ تفسير البرهان، ج4، ص90.

14ـ  سورت فرقان، آيت74.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found