جمع, 19 جولاءِ 2019 - Fri 07 19 2019

منو

سامراج جو اسلام سان مقابلو (هاليوڊ جي ذريعي) قسط 3

سنڌيڪار: محمد جواد عسڪري 

ليکڪ: حجة الاسلام زڪريا خيري (ٽئين قسط)

و: اليڪٽرانڪ ميڊيا تي استڪبار جو ڪنٽرول

اڄ جي هن زماني ۾ بين الاقوامي سامراج هڪ نئين ماحول جي طرف اڳتي وڌيو ۽ ان پنهنجن هدفن جو نالو” دنيا جو گڏيل نظام “ رکيو ڇو ته ٻئين مهاڀاري لڙائي کانپوءِ ۽ سرد جنگ جي ختم ٿيڻ کانپوءِ، دنيا ڪجھ امن ۽ سڪون واري ماحول ڏانهن قدم رکيو هيو، يورپي حاڪمن ۽ پيل پاون هاڻي هڪ رٿابندي ٿيل سوچ تحت ميڊيا کي پنهنجي ان هدف کي ڪامل ڪرڻ لاءِ باقاعدي طور تي استعمال ڪرڻ شروع ڪيو جيڪو مٿي اسان ذڪر ڪري آياسين، ان هدف جا جزئيات هي هيا، ماڻهن کي دين کان بدگمان ڪري هڪ سيڪيولر ۽ مئٽريالسٽ معاشري ڏانهن وٺي وڃڻ ۽ اهڙو ڪم ڪرڻ جو ماڻهو پنهنجي حڪمرانن کان بدگمان نه هجن ۽ حڪومت جي فيصلن ۾ ٽنگ نه اڙائن. ۽ ان سوچ کي فلم، ٽيليويزن، سينيما، ريڊيو، انٽرنيٽ ۽ ٻين ميڊيا جي وسيلن سهڻي نموني سان ماڻهن تائين پهچايو.

ان جو اهو نتيجو نڪتو جو فلم ۾ جيڪو دشمن ڏيکاريو پئي ويو اهو ماڻهن جي نظر ۾ دشمن ۽ ميڊيا ۾ جيڪو محبوب ڏيکاريو پئي ويو ان ئي ماڻهن جي دلين تي راڄ پئي ڪيو ۽ ان مان فائدو صهيوني لابي وٺي رهي هئي ۽ اهي ڪامياب ٿي ويا جو تقريبا يورپي ملڪن ۽ آمريڪا ۽ ڪجھ مسلمان ملڪن تي پنهنجي سوچ کي حاڪم ڪن ۽ اقوام متحده، يونيسڪو، نيٽو وغيره تي قبضو ڄمايائون ۽ جيڏانهن چاهيائون، دنيا جون واڳون اوڏانهن پئي ورايائون ۽ جيڪڏهن توهان ميڊيا جي ڪنهن ماهر کان ان بلا (اليڪٽرانڪ ميڊيا) جي باري ۾ پڇاء ڪندؤ ته هو ايئن ڪونه چوندو ته اليڪٽرانڪ ميڊيا فقط ڪنهن سرگرمي ۽ تفريح جو نالو آهي بلڪه هو چوندو ته هي اها طاقت آهي جنهن جي ذريعي ثقافتن کي برباد ڪري سگهجي ٿو يا انهن کي ٺاهي سگهجي ٿو ۽ ميڊيا بغير ڪنهن شڪ جي طاقتور هٿيار آهي.

ز: صهيونيز جا فڪر تبديل ڪرڻ جا هدف:

بهتر آهي جو ماڻهن کي هڪ بيٺل سمنڊ سان تشبيه ڏيون، هاڻي هي بيٺل ۽ ستل سمنڊ جنهن ۾ ڪا به موج ۽ مستي ڪو نه آهي، هي سمنڊ ايڏو ته وڻندڙ آهي جو ان ۾ ٻيڙيون هلائڻ، مڇين جو شڪار ڪرڻ ۽ ترڻ انتهائي سولو ڪم آهي. ليڪن اگر اهو ئي سمنڊ طوفاني موجن ۾ تبديل ٿي وڃي ته انسانن جي هٿن جون ٺهيل فولادي شيون به ان جي اڳيان ڪا حيثيت نه ٿيون رکن. هاڻي توهان کان هي سوال آهي ته ڪهڙو ڪم ڪجي جو ماڻهن جو اهو وڏو سمنڊ طوفاني نه ٿئي؟ جواب سولو آهي، ماڻهن کي اهڙو راضي ڪجي جو هو ڪنهن ڪم تي اعتراض نه ڪن ۽ ان ڪم لاءِ ميڊيا تمام سٺي ثقافت سازي ڪئي آهي.

حڪومت ماڻهن جي ڪمن کي اوتري مقدار ۾ حل ڪري ٿي جيتري انهن جي ضرورت آهي ۽ اهڙو ڪو به ڪم نه ٿي ڪري جو ماڻهن جون ضرورتون وڌي وڃن ۽ ان ڪم لاءِ ميڊيا حاضر آهي جيڪا ماڻهن کي جن حالتن ۾ آهن راضي رکيون اچي ٿي، ۽ جيڪڏهن اتفاقي طور تي ماڻهو ڪنهن شيءَ ڏانهن متوجهه به ٿي وڃن ته انهن لاءِ هڪ اهڙو پروگرام پيش ڪيو ويندو جو ماڻهو ان شيء کان توجه هٽائي ڇڏيندا يا جيڪڏهن حڪومتون ماڻهن جي سوچ جي خلاف ڪو ڪم ڪرڻ چاهين ته پهريان اهڙي نموني سان ميڊيا جي ذريعي ان لاءِ راه هموار ڪنديون جو ماڻهو بغير انجي جو ان شيء ڏانهن توجهه ڪن يا اعتراض ڪن اهو ڪم نهايت آساني سان ٿي ويندو. جيئن جڏهن اسرائيل چاهيو ته فلسطين تي حملو ڪري ان دوران فوٽبال ورلڊ ڪپ جا مقابلا شروع ڪرايا ويا ۽ پوءِ فلسطين تي حملو ڪيو ويو ته جيئن آساني سان بي گناه فلسطينين کي خون ۾ ونهجاريو وڃي ۽ جيڪڏهن اسان سامراج جي ميڊيا جي هدفن تي نگاه ڪريون ته هيٺيون شيون انهن جي اهداف ۽ مقاصد ۾ شامل آهن.

1: دنيا تي سامراجي نظام واري حڪومت جو جاري رهڻ، مثال طور ماڻهن کي دهشتگردن خلاف جنگ لاءِ آماده ڪرڻ ۽ افغانستان ۽ عراق تي حملو ڪرڻ وغيره ۽ هاليووڊ ان عنوان سان کوڙ ساريون فلمون ٺاهيون جيئن ايڊورڊ ذوئيڪ 1998 ع يا اهڙي نموني سان ورلڊ ٽريڊ سينٽر جي ٻن ٽاورن جو 11/9، تي تباھ ٿيڻ 18 ارڙهن فلمن ۾ ڏيکاريو ويو آهي.

2: هڪ خاص نڪتي کان ماڻهن کي حساس ڪرڻ جيئن اسلام دشمني تاڪه اسلام مغرب ۾ گهڻو نفوذ نه ڪري سگهي.

3: مطالب کي ابتو ڏيکارڻ ۽ ڪوڙ جو سهارو وٺڻ مخصوصا وچ اوڀر وارن ملڪن جي خلاف، ان لاءِ هڪ ادارو قائم ڪيو ويو آهي MEMRI جي نالي سان جنهن جو ڪم آهي تمام عربي، ايراني ۽ ترڪي فلمن جو ترجمو ڪرڻ ۽ اهڙي نموني سان وچ اوڀر جي ثقافت، مذهب ۽ سياست تي برک ماهرن کان تحليلون وٺڻ ۽ انهن کي يورپي ملڪن ۽ آمريڪا ۾ مفت تقسيم ڪرڻ، جيتوڻيڪ سياسي تحليلگر ان کي لعنت الاهي سمجهن ٿا ليڪن MEMRI جي  ڪجھ ڪارڪنن جي چوڻي ته اها هڪ خطرناڪ ۽ هاڃيڪار ايڊورٽائيزنگ آهي جنهن جو بنياد ڪوڙ تي وڌو ويو آهي.

4: هيومن رائٽس، ماحول جي آلودگي بچاءُ ڪميشن، ڊيموڪريسي ۽ ٻين ڌوڪي باز ادارن جي پٺيان حقيقي چهرا لڪائڻ، ڇا توهان يقين ڪري سگهو ٿا ته اهائي نام نهاد هيومن رائٽس واچ آهي جيڪا فلسطين کي قابض ۽ اسرائيل کي مقبوض ۽ مظلوم قرار ڏئي ٿي؟

5: قدرت ۽ طاقت کي فقط پاڻ تائين محدود رکڻ، توهان هاليووڊ جي هاڻوڪين فلمن ڏانهن جيڪڏهن غور ڪندؤ ته ان نتيجي تي پهچندؤ ته ان ۾ انسانيت کي نجات ڏيندڙ ۽ شيطانيت کي ختم ڪرڻ وارو فقط آمريڪا ۽ ان جي اتحادين کي ڏيکاريو وڃي ٿو.

6: دنيا طلبي جي ترغيب ۽ دين کان پري ڪرڻ وغيره.

ح: ميڊيا تي سامراج جو قبضو

هڪ سائيٽ ”وعده صادق“ پنهنجي هڪ آرٽيڪل ۾ هن موضوع تي لکندي اهو ثابت ڪيو آهي ته پينٽاگون پنهنجي مقاصد کي اڳتي وڌائڻ لاءِ هاليووڊ ۾ پنهنجو هڪ دفتر کوليو آهي ڇا جي ڪري؟ ان لاءِ ته هاليووڊ جي ڪجهه حقيقت پسند ڪهاڻيڪارن، ڊائريڪٽرن ۽ اداڪارن موقعي جو فائدو وٺندي آمريڪا جي فوج ۽ وزارت دفاع خلاف ڪجھ فلمون ٺاهيون ،جن مان هڪ فلم 1987 ۾ ٺاهي وئي ۽ ان جو نتيجو اهو نڪتو جو پينٽاگون کان ماڻهن نفرت ڪرڻ شروع ڪئي ۽ آمريڪي حڪومت جي لاءِ وزارت دفاع ۾ ماڻهن کي نوڪرين لاءِ چونڊڻ سخت ٿي ويو ۽ ان سان گڏوگڏ ويٽنام واري آمريڪي جنگ کان بعد آمريڪا جو ٻئي ڪنهن ملڪ تي ڪاهه ڪرڻ جو بل عوامي مخالفت جي زد ۾ اچڻ لڳو ان ڪري آمريڪي وزارت دفاع ان مشڪل کي حل ڪرڻ لاءِ هاليووڊ ۾ پنهنجو هڪ دفتر کوليو هي دفتر 1945ع ۾ قائم ڪيو ويو ۽ هي دفتر 40 سالن ۾ هاليوڊ جي ڪارڪنن کي ان ڳالهه تي آڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ته هو حقائق کي لڪائن ۽ غير واقعي شين کي فلمن ۽ ڊرامن وغيره جي صورت ۾ ماڻهن اڳيان پيش ڪن پر پوءِ به ڪجھ سچ پرست ڪارڪنن انهن جي امداد کي قبول نه ڪيو ۽ پينٽاگون اڳيان پنهنجو سر ڪونه جهڪايائون. جيئن مسٽر اليور اسٽون جنهن 1987 ۾ هڪ فلم ٺاهي جنهن ۾ ويٽنام سان آمريڪي جنگ جي حقائق تان پردو هٽايو ويو ۽ مسٽر اليور اسٽون ان باري ۾ چوي ٿو: پينٽاگون اسان کي ان ڳالهه تي مجبور ڪري ٿو ته اسان پئسن لاءِ پاڻ کي ذليل ۽ خوار ڪريون ڇو ته هو اسان کي مجبور ڪن ٿا ته عمومي فڪرن سان خيانت ۽ ٺڳي ڪريون. آمريڪي فوج جي هڪ خاص اداري فلم ٺاهيندڙن جي رهنمائي لاءِ هڪ ڪتاب ٺاهيو آهي جنهن جو ٽائيٽل آهي (آمريڪي فوج جو فلم ٺاهيندڙن سان تعاون) ۽ هاڻي هي زمانو آهي جو فلمون آمريڪي وزارت دفاع جي تائيد سان ٺهن ٿيون، جيڪڏهن ڪو فلم ٺاهيندڙ انهن جي مرضي جي خلاف ڪا فلم ٺاهيندو ته ان جو نتيجو اهو نڪرندو ته فلم ۾ ڪتب ايندڙ مفت اوزارن کان محروم ٿيندو، جيتوڻيڪ اهو عمل آمريڪي قانون جي بلڪل ابتڙ هيو ليڪن پوءِ به بچاءُ واري وزارت ان قانون جي چٽي نموني ڀڃڪڙي پئي ٿي ڪري ۽ جيڪڏهن فلمون انهن جي خلاف هيون انهن کي نمائش جي اجازت نه پئي ڏني وئي.

مسٽر فيل اسٽراب پنهنجي هڪ ڪهاڻيڪار کي چوي ٿو ته توکي گهرجي ته ڪهاڻي منجهان فلاڻو مقصد مٽائي ڇڏ نه ته اسان فوجي سامونڊي جهاز مان فائدو نه وٺي سگهند اسين.

 

هاليووڊ جا 6 ڇهه اصول:

ڊاڪٽر جواد شمقدري هڪ ڪالم ۾ هاليووڊ جي فلمن مٿان سرسري نظر وجهندي لکيو آهي ته هاليووڊ جون ڪجهه پاليسيون لڪل آهن جن پاليسين کي هو فلمن ۾ استمال ڪري ٿي جيڪي مجموعي طور تي ڇهه 6 عدد آهن.

1ـ ڪڏهن به آمريڪا جي فلم ساز ڪمپني ان ڀل ۾ مبتلا نه ٿيندي ته هن جو مرتبو غلط ۽ رستو باطل آهي بلڪه هو هميشه پاڻ کي چٽو سچ ۽ ٻين کي ڪامل ڪوڙ سمجهندي .

2ـ ۽ جيڪڏهن آمريڪي حڪومت تي تنقيدي فلمون ٺهنديون به سهي ته ان ۾ ڪنهن هڪ جماعت کي شيطاني قدرت جي عنوان سان ڏيکاريو ويندو نه ڪه تمام آمريڪين کي، اگر اوباما شيطان هوندو ته بش خدا دوست اگر بش شيطان هوندو ته اوباما خدا پرست وغيره.

3ـ دهشتگردي، خوف ۽ وحشت پيدا ڪرڻ، جيئن ته هي شيون طاقت جي اظهار جو مهاڳ آهن ۽ انهن شين جو مرڪز اڪثر ڪري اسلام، مسلمانن ۽ خاص ڪري ايران کي ڏيکاريو ويندو آهي.

4ـ خاص مقصد لاءِ فلمن جو ڍير ڪرڻ، يعني اگر اسلام خلاف فلمون ٺاهڻيون آهن ته فقط چند فلمن تي بس نه ڪئي ويندي بلڪه مختلف پوائنٽس تي جيئن، پيار، عشق، ويڊيو گيم وغيرهه تي مواد ڦهلايو ويندو.

5ـ ڊگهو پروگرام ٺاهڻ ۽ نتيجي جو انتظار ڪرڻ، مثال طور ثقافتي ڪم ڪرڻ ۽ ان پٺيان فلمون ٺاهڻ ۽ پوءِ سالن تائين ان جي بهتر نتيجي جو انتظار ڪرڻ، جڏهن افغانستان تي ٺهيل فلم Rainbow ريمبو رليز ٿي ته هر  ڪنهن اهو تصور پئي ڪيو ته هي فلم ڪنهن بيمار ذهن جي ٺهيل آهي جڏهن ته ان فلم کي اڃا ڏهه سال مس گذريا ته اهو ريمبو ۽ آمريڪي جوجي هيا جيڪي افغانستان ۾ داخل ٿيا ۽ ماڻهن جو آڌر ڀاءُ به انهن کي نصيب ٿيو هاڻي ڪير تصور ڪري پيو ته 1990ع جي شروعات ۾ ٺهيل فلم جو نتيجو 2001 ۾ وڃي حقيقت بڻبو؟ هتان سمجهي سگهجي ٿو ته آمريڪي سياست يعني پروگرام ٺاهڻ ۽ نتيجي جو انتظار ڪرڻ.

6ـ اگر چه مغربي ملڪن لاءِ پئسو ۽ دولت تمام گهڻي اهميت رکي ٿي، ليڪن هڪ شيء انهن وٽ ايتري ته قيمتي آهي جو پئسي ۽ ڊالر کان وڌيڪ اهميت جوڳي آهي ۽ اها آهي پنهنجي ثقافت کي دنيا جي ٻين ملڪن ۾ ڦهلائڻ.

اهو سچ آهي ته هاليووڊ، فلم ٺاهڻ وقت فلمن جي مارڪيٽنگ ۽ ڪمائي جو لحاظ رکندي آهي ليڪن ان جو مقصد اهو ڪونهي ته اها پاليسي انهن کي ان ڳالهه تي تيار ڪري جو هو ثقافتي ڄار کي وڇائڻ لاءِ نقصان نه ڪن.

اوهان هاليووڊ جي انهن ڇهن اصولن تي ٻين اصولن کي آڻيو مگر اوهان ڏسندا ته اهي باقي اصول انهن ڇهن سان ڪنهن نه ڪنهن جاءِ تي اچي گڏبا.

اهي موضوع جن تي هاليوڊ وڌيڪ ڪم ڪري ٿي

مهاڳ:

جيئن ته اسان پوئين قسط ۾ ذڪر ڪري آياسين ته 1300 صدي عيسوي ۾ جيڪو علمي انقلاب مغربي ملڪن ۾ شروع ٿيو ۽ ان جو نتيجو هي نڪتو جو اتان جا ماڻهون دين کان پري ٿي ويا ۽ هن زماني ۾ اهي بي ديني ۽ بي شرمي ۾ وڏي بلندي تي پهچي ويا آهن ۽ فلم ساز ڪمپيون اهو چاهين ٿيون ته ماڻهو ان حالت ۾ ئي رهن ته اها ثقافت ٻين ملڪن ۾ هجڻ گهرجي انڪري هاليووڊ پنهنجن اڪثر فلمن ۾ هيٺ ڏنل موضوعن ۽ ٽاپڪس تي وڌيڪ ڪم ڪري رهي آهي.

عقيدو: هاليوڊ پنهنجن فلمن ۾ خاص عقيدن، جيئن جادوگري، شيطان پرستي، خدا جي قدرت جو محدود هجڻ، زميني جنت، ابراهيمي دين جي توهين، شڪ ۽ شبها وجهڻ، مذاق اڏائڻ، نون مذهبن جي تبليغ، سيڪيولرزم وغيرهه کي شامل ڪري ٿي..

تاريخ: تاريخي حوالي سان هاليووڊ جون فلمون اڪثر يهودي قوم جي مظلوميت تي ٺاهيون وڃن ٿيون. ان کان علاوهه سماجي نابرابري، بي ديني، اگهاڙپ جي ترويج، دنيا پرستي گاڏين جا نمونا، هٿيارن جي نمائش وغيره تي وڌيڪ ڪم ڪري رهي آهي.

نتيجو: هن قسط ۾ ٿيل بحث مان اهو نتيجو نڪري ٿو ته هاليووڊ فقط هڪ فلم ساز ادارو نه بلڪه هڪ اهڙو تبليغي ادارو آهي جنهن جو ڪم آهي فلمن، ڊرامن، ڪارٽونن، اينيميشن ۽ ميوزڪ وغيره جي ذريعي انسانن کي هڪ اهڙي زندگي گذارڻ جي تربيت ڏيڻ جو الهي بي دين، دنيا پرست، سيڪس پرست، پيٽ پرست انسان وجود ۾ اچن ۽ ايستائين جو انساني حدون اورانگهي اڳتي نڪري وڃن ۽ انسان ان دنيا ۾ هڪ روبوٽ وانگر هجن جيڪي سڄو ڏينهن هڪ خاص پروگرام تحت خاص ريموٽ ڪنٽرول ذريعي ڪم ڪن ۽ هڪ اهڙي خوش قسمتي جي پٺيان ڀڄندا رهن جنهن جو رڃ وانگر ڪو وجود ڪونهي جيئن وڏا وڏا قيمتي انعام اهڙن ماڻهن لاءِ خاص ڪرڻ جن جو ڪم ئي دين دشمني جي تبليغ آهي جيئن معروف ڳائيندڙ عورت lady gaga, Jay-Z-madolona  يا Rihanna يا انهن معروف اداڪارن ۽ اداڪارائن کي وڏا وڏا عهدا ڏيڻ جيڪي دين دشمن آهن جيئن: اداڪارا اينجلينا جولي ۽ اداڪار براڊ پٽ، جن 12 سال هڪٻئي سان احتجاج طور تي بغير شادي ڪرڻ جي زال مڙس وارو رابطو رکيو ۽ اهو احتجاج ان لاءِ هيو ته ڇا جي ڪري آمريڪا ۾ هم جنس پرستي جو قانون لاڳو نه ٿو ڪيو وڃي؟ ۽ ٻيا کوڙ سارا مفاد هاليووڊ جي اهم مقاصد ۾ شامل آهن، هاڻي هن مقالي کي پڙهڻ واري محترم تي فيصلو رکيو وڃي ٿو ته هو هاليووڊ جون فلمون ڏسي پاڻ نتيجو ڪڍي.

جاري.....

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found