اڱارو, 20 آگسٽ 2019 - Tue 08 20 2019

منو

ثقة الاسلام  مرحوم ڪليني(رح)  جي سوانح حيات

 

تحرير: نظير احمد بهشتي

ولادت

بني عباس جي دور حڪومت ۾ اهل بيت اطهار عليهم السلام سان عقيدت رکندڙن جي سرزمين ايران جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ (ڪُلين) ۾ هڪ ٻار جي ولادت ٿي اهل بيت عليهم السلام جي محبت سان ٽمٽار ڳوٺ ۾ پيدا ٿيندڙ ٻار جو نالو سندن والدين (محمد) رکيو ۽ آذان ۽ اقامت جي نوراني جملن سان سندس آجيان ڪئي وئي

تعليم

سندن پهريون ڪلاس ماءُ جي پاڪيزه ۽ محبت ڀري هنج هئي. پاڻ ابتدائي اسلامي تعليم پنهنجي والد يعقوب بن اسحاق ۽ پنهنجي مامي علم حديث جي مشهور استاد علي بن محمد بن ابراهيم بن ابان وٽ حاصل ڪيائون.

پاڻ ابتدائي تعليم حاصل ڪرڻ ۽ حديثي ۽ رجالي ڪتابن جي آگاهي ملڻ کان پوءِ مڪتب اهل بيت عليهم السلام جي وڌيڪ معرفت حاصل ڪرڻ، پنهنجيون صلاحيتون ظاهر ڪرڻ ۽ تعليمات جي اونهي سمنڊ مان سيراب ٿيڻ ۽ انساني ۽ اخلاقي ڪمال تائين پهچڻ خاطر هميشه لاءِ ڪُلين کان هجرت ڪري”ري شهر“ (هاڻوڪي تهران) ۾ داخل ٿيا.

هدف جي چونڊ

ڪلينيؒ جي اچڻ وقت ري شهر ۾ مختلف عقيدن ۽ مذهبن جا ماڻهو موجود هئا. ڪلينيؒ انهن سڀني مذهبن جي مڪمل معلومات حاصل ڪئي جيڪي مذهب اهل بيت عليهم السلام ۾ بگاڙ لاءِ سرگرم هئا، ڪلينيؒ مرض سڃاتو ۽ علاج جو ڏس ڏنائون. سندن نگاھه ۾  ماڻهن جو مرض اهل بيت اطهار عليهم السلام جي فرمانن کان دوري هو جنهن جو علاج اهي فرمان انهن تائين پهچائڻ هيو، اهڙي دور ۾ پنهنجي مقصد کي معين ڪيائون ۽ احاديث کي ڄاڻڻ ۽ لکڻ جو پڪو پھ ڪيائون ۽ ري شهر جي رهائشي ابو الحسن محمد بن اسد ڪوفي[1] جي شاگردي اختيار ڪيائون. سندن سڄي توجھ علم حديث تي کتل هئي تنهن هوندي به پنهنجي آسپاس جي ماحول کان بي خبر نه هئا بلڪه مڪمل آگاهي رکندا هئا ۽ مذهب اهل بيت عليهم السلام جي خلاف ٿيندڙ هر سازش جو منهن ٽوڙ جواب ڏيندا هئا جنهن جو چٽو ثبوت سندن لکيل ڪتاب الرد علي القرامطه آهي جيڪو قرامطين جي زردشتي، مانوي  ۽ اسلامي عقيدن سان گڏ وچڙ ٿيل عقائد[2] جي جواب ۾ لکيائون.

ڪلينيؒ جي دور کي حديث جو دور چوڻ گهرجي ان ڪري جو علم حديث پڙهڻ ۽ احاديث لکڻ جي جيڪا تحريڪ شروع ٿي هئي سڀني اسلامي ملڪن ۾ پکڙجي وئي هئي ۽ علم حديث جا پياسا هڪ شهر کان ٻئي شهر ۽ هڪ محفل کان ٻي محفل، روايت بيان ڪرڻ واري جي تلاش ۾ لڳي ويا ته جيئن ان کان حديث ٻڌي پنهنجي علم ۾ اضافو ڪري سگهن. انهيءَ زماني ۾ اهل سنت جون ڪوششون ايتريون گهڻيون هيون جو چئي سگهجي ٿو ته اهل سنت  وٽ جيڪو ڪجھه آهي ان زماني جي برڪت سان آهي  اهو زمانو تقريبا 100 سالن جي لڳ ڀڳ آهي (صحاح سته) اهل سنت جا 6 ڇھه ئي حديثي ڪتاب ان زماني ۾ لکيا ويا.

ڪلينيؒ ان زماني ۾ حديثن (حاصل ڪرڻ) گڏ ڪرڻ ۽ لکڻ  ۾ مصروف هو، ان زماني ۾ امام رضا عليه السلام، امام حسن عسڪري عليه السلام ۽ امام علي نقي عليه السلام جا شاگرد اڃا زندھه هئا ليڪن انهن وٽ ننڍڙن ڪتابن کان علاوھ ڪا شي ڪا نه هئي ۽ انهن منجهان به اڪثر ڪتاب ان زماني ۾(اڻلڀ ٿي) وڃائجي ويا هئا.

پهرين هجرت

هر لحظي کين پيغمبر  صلي الله عليه وآله وسلم ۽ اهل بيت عليهم السلام جي قيمتي ميراث )احاديث (ضايع ٿي وڃڻ جو خطرو محسوس پئي ٿيو ان ڪري جو وڏن محدثن جي وفات ۽ امام زمانه (عج) جي غيبت سبب شيعه انهن قيمتي فرمانن کان محروم ٿي پئي سگهيا.

مرحوم ڪلينيؒ ان دور ۾ حالات کان مڪمل آگاھ هئا ۽ ڄاتائون پئي ته اگر تشيع هن مرحلي مان سلامتي سان گذري وئي ته هميشه لاءِ انحراف ۽ غيرن جي فڪر سان ملي وڃڻ کان محفوظ رهندي.

پنهنجي ذميواري جي ادائيگي لاءِ اهل بيت عليهم السلام جي شاگردن ۽ محدثن جي مرڪز قم ڏانهن هجرت ڪيائون. انهي دور ۾ قم جي هر مسجد ۽ امام بارگاھ ۾ راوي ۽ محدث حديثون بيان ڪندا هئا. جن ۾ اهڙا محدث به موجود هئا جن بغير ڪنهن واسطي جي ائمه معصومين عليهم السلام کان حديثون ٻڌيون هيون. اهڙن بلند مرتبه محدثن جو وجود سبب بڻيو ته اهل بيت اطهار عليهم السلام جي ڪلام جا عاشق قم ڏانهن هجرت ڪن ۽ ڪلينيؒ  به انهن منجهان هڪ هو.

مرحوم ڪلينيؒ عظيم استادن جهڙوڪ احمد بن عيسي اشعري، احمد بن ادريس قمي (معروف به معلم) قرب الاسناد جي ليکڪ عبد الله بن جعفر حميري ۽ سندس پٽ محمد بن عبد الله بن حميري کان علم حديث جو فيض پرايو. جن استادن کان فيض پرائيندي ڪلينيؒ  پنهنجي خدائي فڪر کي پروان چاڙهيو تن جي تعداد 35 آهي.

بيشڪ ڪلينيؒ  جهڙي شخصيت جي ٺاهڻ ۾ سندس سڀني استادن جو ڪردار آهي ليڪن وري به انهن ۾ هڪ اهڙي مرد ميدان تي نظر پوي ٿي جنهن وسيلي ڪلينيؒ  کي ۽ ڪلينيؒ  وسيلي کيس  کي سڃاڻيون ٿا، جنهن جو نالو هميشه لاءِ ڪافي سان ڳنڍجي ويو سندس نالو ڪافي جي ست هزار کان وڌيڪ روايتن جي سَنَد جي سلسلي ۾ ستاري جيان چمڪي رهيو آهي[3] ۽ اهو علي بن ابراهيم قمي آهي جنهن جي لکيل تفسير اهل تشيع جي بعد وارن تفسيرن جو سرچشمو ڳڻي وڃي ٿي. اگر ڪلينيؒ  پرواني وانگر ان جي چوڌاري نه رهي ها ۽ بيماري، تندرستي، گهر ۾، مدرسي ۾ ان سان گڏ نه رهي ها ته ان تي ختم ٿيندڙ سَنَد جي سلسلي واريون حديثون ان جي ٻين اثرن وانگر هميشه لاءِ ختم ٿي وڃن ها، ليڪن ڪلينيؒ  اهلبيت عليهم السلام جي ڪلام جو پياسو هو تنهن ڪري حديثن جي ان سمنڊ کان جدا نه ٿيو ۽ (ڍُڪ ڍُڪ) قطرو قطرو ڪري پيتائون ۽ رڳو ان کي ڪافي نه سمجھيائون بلڪه عشق جي ان دريا کي پاڻ کان بعد وارن شيعن لاءِ يادگار جي طور تي ڇڏيائون.

ٻي هجرت

جيتوڻيڪ قم تشيع جو مرڪز ڳڻيو ويندو هو ۽ اهل بيت عليهم السلام جي ڪلام جي هر تلاش ڪندڙ کي سيراب ڪري ڇڏيندو هو، ليڪن مرحوم ڪلينيؒ  جي اڻ کٽ پياس کين تيار ڪيو ته اڻ ٻڌل حديثون حاصل ڪرڻ لاءِ ان مقدس سرزمين کي ترڪ ڪن. تنهن ڪري کين جنهن به ڳوٺ يا شهر ۾ ڪنهن محدث جي موجوگي جو ڏس ملندو هئو اتي پهچي ويندا هئا ۽ ان محدث کان ان حديث جو فيض پرائيندا هئا. ان زماني ۾ ڪوفو به وڏن اسلامي ۽ علمي مرڪزن منجهان ڳڻيو ويندو هو.

۽ ورلي ڪو محقق يا محدث هوندو جيڪو پنهنجي علمي سفر لاءِ ڪوفي نه ويو هجي ۽ اتان جي بزرگ عالمن کان فيضياب نه ٿيو هجي. ڪوفو اهڙو مرڪز هو جتي هر مذهب جو محقق ۽ محدث درس جي مسند وڇائڻ ۾ آزاد هو، مختلف اسلامي مذهبن جا محدث حديثون نقل ڪندا هئا. انهن منجهان هڪ ابن عقده حديث جي عظيم حافظن منجهان هو جنهن جو حيران ڪندڙ حافظو سندس عالمي شهرت جو سبب بڻيو.[4] ڪيترن ئي اسلامي مذهبن جا بزرگ سندس محضر مان فيض پرائيندا هئا ليڪن زهد ۽ پارسائي کين اهڙو موثق ۽ ڀروسي جوڳو بڻائي ڇڏيو هو جو سڀني مذهبن وارا حديثون نقل ڪرڻ ۾ انهن تي اعتماد ڪندا هئا. ڪلينيؒ  به ان عظيم مرد کان فيض پرايو ۽ کائنس روايتون حاصل ڪيون.

ثقة الاسلام

مرحوم ڪلينيؒ  مختلف شهرن ۽ ڳوٺن جي گھڻن استادن ۽ محدثن کان علم ۽ حديث حاصل ڪرڻ کان پوءِ آخرڪار بغداد پهتا. پاڻ پنهنجي سفرن ۾ علم ۽ فضل جو اهڙو مظاهرو ڪيو هو جو هڪ حقيقي شيعي جي عنوان سان انهن ماڻهن جي ذهنن تي ڇانئجي چڪا هئا. بغداد ۾ داخل ٿيڻ وقت هو ڪو ڌاريو نه پئي لڳو بلڪه اهل تشيع کي هن تي فخر هو ۽ اهلسنت وارن کيس خراج تحسين پيش پئي ڪيو.

سندس تقوا، علم ۽ فضيلت کين ٿوري ئي عرصي ۾ ان مقام تي پهچايو جو شيعه ۽ سني سڀ پنهنجي ديني مشڪلات ۾ ڏانهس رجوع ڪرڻ لڳا ايتري تائين جو ديني مسئلن ۾ فتوا پڇڻ لاءِ به شيعه سني وٽس اچڻ لڳا ۽ ان سبب ئي پاڻ اهي پهريان شيعه عالم هئا جنهن ثقة الاسلام جو لقب حاصل ڪيو.[5] ڪلينيؒ  پنهنجي زماني جي نامور شخصيت هئا اهڙو زمانو جنهن ۾ بزرگ عالمن ۽ محدثن جي جاکوڙ عروج تي هئي ايستائين جو امام زمانه عليه السلام جا چار نائب به ان ئي زماني ۾ پنهنجيون ذميواريون انجام ڏئي رهيا هيا. ان دور ۾ ٻين بزرگن تي اجتماعي پابندين جي ڪري اهل تشيع جي علمي ۽ ثقافتي خدمت ڪلينيؒ  جي ذمي هئي.

ڪافي جي تاليف

ڪلينيؒ  کي بغداد ۾ اهو موقعو مليو ته پنهنجي سالن جي سفر جي محنت کي ڪتابي شڪل ڏئي، کين خبر هئي ته امام زمانه عليه السلام جي غيبت ۽ هر شيعه جي امام عه جي خاص نائبن تائين رسائي نه هجڻ سبب اهڙي ڪتاب جو هجڻ ضروري آهي جنهن ۾ شيعه ۽ اسلامي تعليمات سمايل هجي، هڪ اهڙو ڪتاب جنهن ۾ قرآن جي ڪلي طور بيان ٿيل تعليمات ۽ احڪام جي تفسير ۽ توضيح شامل هجي. ڪتاب ”الڪافي“ اٺن جلدن تي مشتمل آهي جنهن مان ٻه جلد اصول ڪافي، پنج جلد فروع ڪافي ۽ هڪ جلد روضه ڪافي سان مشهور آهن. جنهن ۾ پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم ۽ ائمه معصومين عليهم السلام جون 16199 سورنهن هزار هڪ سئو نوانوي حديثون آهن. هڪ اهڙو ڪتاب جنهن کي منظر عام تي آڻڻ لاءِ ڪلينيؒ  ويھ سال اڻٿڪ ڪوشش ڪئي. ان املھ تاليف سان ڪلينيؒ  نه فقط پنهنجي دور بلڪه پوري تاريخ اسلام ۾ اهل تشيع جي عالمن جي فضيلت کي مڃرايو. پاڻ شيعت لاءِ جيڪو ڪم ويهن سالن ۾ انجام ڏنائون ساڳيو ئي ڪم اهل سنت جي 6 ڇهن وڏن عالمن پنهنجي مذهب لاءِ هڪ صدي (100 سالن) ۾ انجام ڏنو.

اهل تشيع جي چئن حديثي ڪتابن منجھان ڪافي هڪ مهم ۽ نفيس ڪتاب آهي .

ڪافي اهڙي دور ۾ اسلامي ۽ اخلاقي اقدار کي بيان ڪيو جنهن دور ۾ يورپي وحشين واري زندگي گذاري رهيا هيا ۽ قتل ۽ لٽ مار انهن جو پيشو بڻجي چڪو هو، اهڙو دور جنهن  ۾ يورپي جهالت جي اٿاھ گهراين ۾ گھيريل هئا ۽ علم جي عين کان  به واقف نه هيا تشيع جي پهرئين ڪتاب جو پهريون باب عقل، علم، توحيد ۽ حجت جي عنوان سان خدائي ۽ انساني اقدار جي تعليم ڏئي رهيو هو. ڪتاب ”الڪافي“ تي هر مفڪر پنهنجي نظرئي مطابق تحقيق ڪئي آهي ”ڪافي“ تي جتي هڪ فلسفي شرح لکي آهي اتي هڪ عارف به شرح لکي آهي ۽ فقيھ به شرح لکي آهي ۽ اهو خود ڪتاب ”ڪافي“ جي جامع ۽ عظيم هجڻ جو ثبوت آهي ڪافي تي لکيل مهم شرحون هي آهن:

1ــ مرآت العقول، مولف علامه مجلسي، فقهي پهلوءَ تي مشتمل شرح

2ــ شرح صدر المالهين ملاصدرا، فلسفي ۽ عرفاني پهلوءَ تي مشتمل شرح

3ــ ڪتاب وافي، ملا محسن فيض ڪاشاني جي لکيل.

4ــ ملا صالح مازندراني جي شرح.

ڪليني جو طريقي ڪار

هر باب جي حديثن جي ترتيب ۾ مرحوم ڪليني جي روش اها رهي آهي ته سڀ کان وڌيڪ واضح ۽ صحيح حديث کي باب جي شروعات ۾ آندو اٿس ۽ پوءِ انهي ترتيب سان مبهم ۽ مجمل حديثن کي ذڪر ڪيو اٿس.[6]

ان کان علاوھ مرحوم ڪليني هڪ ٻيو ڪارنامو انجام ڏنو جيڪو ان کان اڳ عالمن ۽ دانشورن ۾ رائج نه هئو ۽ اهو ڪارنامو راوي حديث تي ختم ٿيندڙ سنَدي سلسلي جي جڳھ تي (عدة) جو لفظ استعمال ڪرڻ آهي. ڪليني حديث نقل ڪرڻ خاطر اهو طريقو ان لاءِ اپنايو ڇو جو سلسلي سَنَد جا راوي مشهور هئا ۽  کيس ڪتاب جا صفحا گهٽائڻ جو موقعو پئي مليو.

عدة کي استعمال ڪندي ڪليني ڪڏهن احمد بن محمد بن عيسى، ڪڏهن سهل بن زياد ۽ ڪڏهن احمد بن محمد خالد برقي کان روايت نقل ٿو ڪري ۽ انهن ٽنهي ماڻهن سان گڏ استعمال ٿيندڙ عدة ۾ مختلف ماڻهو شامل آهن. مثلا جڏهن احمد بن محمد بن عيسى کان روايت نقل ڪري ٿو ته ان وقت ان جي عدة[7] مان مراد هي پنج شخص آهن: محمد بن يحيى عطار، علي بن موسى ڪميداني، دائود بن ڪوره، احمد بن ادريس ۽ علي بن ابراهيم بن هاشم آهي.

ان روش ٻين عالمن ۽ محدثن جا به رستا کوليا اهڙي طرح جو شيخ طوسي پنهنجي ڪتاب فهرست ۽ نجاشي پنهنجي ڪتاب رجال ۾ ان روش کي اختيار ڪيو ۽ ان ئي طريقي سان روايت نقل ڪئي. ان کان علاوھ ڪڏهن محدث ۽ راوي جي نالي کان بغير ۽ (قد قال العالم) يا (في حديث آخر) جي عنوان سان به ڪليني کان حديثون نقل ٿيون آهن. عالمن جي هڪ ٽولي انهن حديثن کي مرحوم ڪليني جي امام زمانه عج سان رابطي جي دليل طور بيان ڪندي فرمايو آهي: ممڪن آهي هي ڪتاب (ڪافي) مولا جي ذريعي اصلاح ٿيو هجي.

بزرگن جي ڪلام ۾ نقل ٿيو آهي ته امام زمانه عج فرمايو آهي: (الکافي کاف لشيعتنا) ڪافي اسان جي شيعن لاءِ ڪافي آهي.

ڪلينيؒ  پنهنجي پوري نوراني زندگيءَ ۾ ”ڪافي“ کان علاوھ الرد علي القرامطه، تفسير رويا، اهل بيت جي قصيدن ۽ فضائل تي مشتمل مجموعه شعر، رسايل ائمه ۽ رجال نالي ڪتابن کي پڻ تاليف ڪيو آهي.

ڪليني (رح)  مسند تدريس تي:

پاڻ آل محمد عليهم السلام جي علوم کي پياسن جي سينن ۾ منتقل ڪرڻ ۾ ڪوتاهي نه ڪيائون. ڪيترن ئي بزرگن کانئن روايت نقل ڪئي آهي جن منجھان احمد بن ابراهيم معروف ابن ابي رافع حميري، احمد بن محمد رازي، عبد الڪريم بن عبد الله بن نصر بزار تنيسي. علي بن احمد بن موسيٰ دقاق، محمد بن احمد سناني زاهري، ابو الفضل محمد بن عبد الله بن مطلب شيباني، محمد بن علي ماجيلويه، محمد بن عصام ڪليني، ڪامل الزيارات ڪتاب جي مولف جعفر بن محمد بن قولويه قمي، هارون بن موسيٰ تلعڪبري، محمد بن احمد صفواني ۽ ڪتاب غيبت جي مولف محمد بن ابراهيم نعماني جا نالا قابل ذڪر آهن.[8]

سندن وفات

مرحوم ڪلينيؒ ستر سالن جي ڄمار ۾ شعبان سال 329 ھ، ق ۾ نه رڳو شيعن بلڪه ٻين اسلامي مذهب جي پيروڪارن کي به سوڳوار ڪري رحمت ابدي ڏانهن روانا ٿي ويا.[9] بغداد جي هڪ بزرگ ابو قيراط محمد بن جعفر حسني سندس جنازي نماز پڙهائي[10] ۽ کيس بغداد جي باب ڪوفه واري بازار ۾ پل جي نزديڪ دفن ڪيو ويو. ڪليني مٿان سلام هجي، سندس ڄمڻ واري ڏينهن تي، جنهن ڏينهن اسلامي دنيا جي آسمان تي چمڪيو ۽ جنهن ڏينهن الله جي بارگاھ ۾ پيش ڪيو ويندو

 

[1]  مفاخر اسلام، علي دواني، ج 3، ص 26

[2]  فرهنگ فرق اسلامي، محمد جواد مشڪور، ص 395

[3]  معجم رجال الحديث، آيت الله خويي، ج 11، ص 194.

[4]  مفاخر اسلام، ج 3، ص 55

[5]  ريحانة الادب، ميرزا محمد علي مدرس تبريزي، ج 5، ص 79

[6]  اصول ڪافي(مقدمه)، ڪليني، ترجمه سيد جواد مصطفوي، ج 1، ص 9

[7]  ريحانة الادب، ج 4، ص 113

[8] مفاخر اسلام، ج 3، ص 27 ۽ 90

[9] ريحانة الادب، ج 5، ص80

[10] ساڳيو

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found