اڱارو, 25 جون 2019 - Tue 06 25 2019

منو

خواجه نصير الدين طوسي ڏاهپ ۽ سياڻپ جو انمول هيرو

تحرير: مولانا نظير احمد بهشتي

ولادت ۽ جنم ڀومي

طوس جي سرزمين خراسان جو هڪ حصو آهي. جتي عظيم ۽ تاريخ ساز دانشور پيدا ٿيا آهن. ايران جي پراڻي نقشي ۾ طوس مختلف شهرن جيئن نوقان، طابران ۽ رادڪان تي مشتمل هو. ۽ حضرت امام علي رضا عليه السلام جو روضو نوقان شهر جي پاسي ۾ واقع ڳوٺ سناباد ۾ هو. جيڪو وسيع ٿيڻ کان پوءِ اڄڪلهه مشهد مقدس جو هڪ محلو شمار ٿيندو آهي. چوندا آهن ته شيخ وجيهه الدين محمد بن حسن جيڪو قم جو بزرگ ۽ وڏو دانشور هو ۽ قم جي ڳوٺ جهرود جي پاسي ۾ رهندو هو.[1] اٺين امام جي زيارت جي شوق سان پنهنجي گهر وارن سان گڏجي مشهد روانو ٿيو ۽ زيارت کان پوءِ پنهنجي گهرواري جي بيماري سبب  طوس شهر جي هڪ محلي ۾ رهائش اختيار ڪيائين. ڪجهه وقت کان پوءِ محلي وارن جي درخواست تي مسجد ۾ جماعت سان نماز پڙهائڻ شروع ڪيائين ۽ اتان جي مدرسي ۾ درس به پڙهائڻ شروع ڪيائين.

11 جمادي الاول 597 هجري قمري جي هڪ صبح سج اڀرئي مهل رياضي ۽ حڪمت جي چمڪندڙ ستاري جي ولادت ٿي. پيءُ قران سان متوسل ٿيندي پنهنجي ان ٽئين پٽ جو نالو محمد رکيو. جيڪو بعد ۾ ابو جعفر جي ڪنيت سان مشهور ٿيو ۽ نصيرالدين، محقق طوسي، استاد البشر ۽ خواجه جي لقبن سان مشهوري ماڻيائين.

تعليم

محمد جا ننڍپڻ ۽ نوجواني جا ڏينهن طوس شهر ۾ گذريا. انهن ڏينهن ۾ پڙهڻ ۽ لکڻ کان پوءِ پنهنجي بابا وٽ قرآن جي قرائت، عربي ۽ فارسي زبان جا قاعدا ۽ قانون، معاني بيان ۽ حديث جو علم حاصل ڪيائين. سندس ماءُ به قرآن ۽ فارسي پڙهڻ ۾ مدد ڪئي. ان کان پوءِ پنهنجي پيءُ جي مشوري سان پنهنجي مامي نورالدين علي پٽ محمد شيعي وٽ جيڪو رياضي، حڪمت ۽ منطق جو مشهور استاد هو، اهي علم پڙهڻ شروع ڪيا.

محمد جي علمي پياس جي ڪري پنهنجي پيءَ جي رهنمائي سان رياضي جي مشهور استاد ڪمال الدين محمد حاسب جي خدمت ۾ حاضر ٿيو. ليڪن ڪجهه مهينا ئي نه گذريا هئا جو سندس استاد سفر جو ارادو ڪيو ۽ لکيو اٿن ته خواجا جي والد کي چيائين مون وٽ جيڪو علم هو اهو خواجا کي سيکاري ڇڏيو اٿم ۽ هاڻي اهڙا سوال ٿو ڪري جو ڪڏهن انهن جا جواب به نه ٿو ڄاڻان.

ڪجهه عرصو بعد اهو سعادتمند نوجوان استاد کان محروم ٿي ويو. سندس پيءُ جو مامو نصيرالدين عبد الله بن حمزه جيڪو علم رجال، حديث ۽ درايه ۾ خصوصي مهارت رکندو هو طوس آيو ۽  محمد جنهن جي علمي تڙپ پل پل ۾ وڌي رهي هئي وٽس علم پرائڻ شروع ڪيو. جيتوڻيڪ استاد کان نيون ڳالهيون پرائڻ ۾ ڪامياب نه ٿيو ليڪن سندس بي انتها ذهانت استاد کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو. جنهن کين تاڪيد ڪئي ته اعلي تعليم لاءِ نيشاپور  ڏانهن هجرت ڪري. طوس شهر ۾ ئي پنهنجي استاد نصير الدين عبد الله بن حمزه جي هٿان عالمن وارو پاڪ لباس پاتائين ۽ ان کان پوءِ استاد کان ئي نصير الدين جو لقب ماڻيائين. آخري ڏينهن ۾ جڏهن نصيرالدين نيشاپور ڏانهن سفر لاءِ آماده ٿي رهيو هو ته پيءُ جي وڇوڙي جو غم سندس پوري وجود کي وڪوڙي ويو. ليڪن تقدير ائين هئي ته ايڏو عظيم غم برداشت ڪري به پنهنجي تعليم جاري رکيائين. پيءُ جي وفات کان هڪ سال پوءِ نيشاپور ويو ۽ پنهنجي پيءُ جي مامي جي وصيت مطابق سراجيه مدرسي ۾ داخلا ورتائين ۽ فقه و اصول جي درس خارج جي تعليم سندس عظيم استاد سراج الدين قمري وٽ هڪ سال تائين حاصل ڪيائين، پو۽ امام فخر رازي جي شاگرد استاد فريد الدين داماد نيشاپوري وٽ ابن سينا جو ڪتاب اشارات پڙهيائين.

فريدالدين سان علمي مباحثن کان پوءِ علم حاصل ڪرڻ لاءِ خواجا جي حيرت انگيز لياقت پڌري ٿي ۽ فريد الدين کيس فخر رازي جي هڪ ٻئي شاگرد ڏانهن موڪليو. اهڙي ريت نصير الدين، قطب الدين مصري شافعي وٽ سهڻي نموني سان قانون ابن سينا ڪتاب پڙهيو. ذڪر ٿيل ڪتابن کان علاوهه اتان جي مشهور عارف عطار نيشاپوري (وفات جو سال 627 ) جي خدمت مان به فيضياب ٿيو.

هميشه علم ۽ فن حاصل ڪرڻ جي جاکوڙ ۾ رهڻ وارو خواجه ان وقت نيشاپور ۾ ڪافي علمن ۾ چڱي مهارت حاصل ڪرڻ کان پوءِ اعلي تعليم لاءِ ري شهر تهران ڏانهن ويو ۽ اتي عظيم دانشور محمد بن محمد علي الحمداني قزويني سان سندس واقفيت ٿي. اتان کان پوءِ اصفهان وڃڻ جو ارادو ڪيائين ليڪن وچ رستي ۾ ميثم بن علي ميثم بحراني سان ڄاڻ سڃاڻ کان پوءِ سندس دعوت تي خواجه ابوالسعادات اسعد بن عبدالقادر بن اسعد اصفهاني جي درس مان فيضياب ٿيڻ  لاءِ قم ڏانهن راهي ٿيو.

محقق طوسي قم کان پوءِ اصفهان ۽ اتان کان عراق ويو. فقه جو علم ابن ادريس حلي ۽ ابن زهره حلي جي شاگرد معين الدين سالم بن بدران مصري مازني کان حاصل ڪيائين ۽ سال 619 هجري قمري ۾ پنهنجي استاد کان نقل روايت جو اجازو حاصل ڪيائين.

ڪجهه تاريخدانن لکيو آهي ته خواجه ڪجهه عرصو علامه حلي وٽ فقه پڙهيو ۽ علامه حلي حڪمت جو درس خواجه وٽ پڙهيو.

ڪمال الدين موصلي عراق جي شهر موصل جو رهاڪو به انهن عالمن منجهان آهي جن خواجه کي علم نجوم ۽ رياضي جي تعليم ڏني. اهڙي ريت محقق خواجه ڪيترا ئي سال وطن کان دور رهي علم حاصل ڪيو ۽ پوءِ وطن واپس ورڻ جو پروگرام ٺاهيو.[2]

ڇڪتاڻ جو زمانو

جن ڏينهن ۾ خواجه عراق ۾ تعليم پرائڻ ۾ مصروف هو، ايران ۾ مغلن جي قبضي ۽ ظلم جون اڻ وڻندڙ خبرون ٻڌائين. مغل بيابانن ۾ گهمندڙ قوم هئا، جيڪي شروع ۾ بيابانن ۾ شڪار ۽ مال پالڻ ۾ مصروف هئا ۽ اتر چين کي ٽئڪس ڏيندا هئا. جڏهن مغلن جي هڪ رئيس، چنگيز خان جي پي يسوگا بغاوت ڪئي ۽ ان قوم جي گهڻي عدد کي پنهنجي اطاعت تي مجبور ڪيو. ان کان پوءِ سندس پٽ تموچين جيڪو بعد ۾چنگيز خان جي نالي سان مشهور ٿيو پيءُ جي منصب تي ويٺو ۽ ڪيترا ئي لشڪر گڏ ڪرڻ کان پوءِ گهڻن ئي ملڪن تي حملو ڪيائين.

ان زماني ۾ ايران تي سلطان محمد خوارزم شاهه نالي بادشاھ حڪومت ڪندو هو. مغلن ايران تي حملو ڪيو ۽ ڪيترن ئي شهرن کي پنهنجي قبضي هيٺ آڻي ڇڏيائون.

جيتوڻيڪ تجاوز، قبضو ۽ وسيع حڪومت هن ظالم قوم جي خاصيت شمار ٿيندو هو. پر  حملي کان پهريان ايران جي بادشاهه جي غير عاقلاڻي رويي ۽ مغلن جي موڪليل ماڻهن کي قتل ڪرڻ جي اثر کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي. اهو حملو سال 616 هجري قمري کان شروع ٿيو ۽ لڳاتار هڪ ٻئي پويان ملڪ جي ڏاکڻئي علائقي کان علاوهه ملڪ جا اڪثر شهر مغلن جي قبضي ۾ اچي ويا ۽ لڱ ڪانڊاريندڙ ظلم ۽ اڻ ڳڻيون ويرانيون وجود ۾ آيون.[3] ان وچ ۾ نيشاپور شهر تي اهڙو حملو ٿيو جو نه فقط ماڻهو بلڪه شهر جا ڍور ڍڳا به ان خوني حملي جو شڪار ٿي ويا. ست ڏينهن شهر جو پاڻي بند ڪيائون  ۽ سڀني ماڻهن کي قتل ڪرڻ کان پوءِ اتي هر هلايائون.[4] ڪجهه تاريخدانن نيشاپور ۾ قتل ٿيندڙ ماڻهن جو تعداد 1748000 (سترنهن لک اٺيتاليهه هزار) لکيو آهي.

انهن دردناڪ خبرن جتي هر مسلمان جو جيءُ جهوري وڌو اتي خواجه کي ان ڳالهه تي آماده ڪيو ته ملڪ موٽي اچي انهن جي ڪا مدد ڪري سگهي. محقق طوسي نيشاپور پهچڻ کان پوءِ هنياءُ ڏاريندڙ خوني منظرن ۽ تباهي جي ور چڙهيل علائقي جو مشاهدو ڪيو ۽ پريشان حالي ۾ پنهنجي جنم ڀومي جو رخ ڪيو. ليڪن ان گهر ۾ ڪو به موجود نه هو.

پنهنجي هڪ پاڙيسري وٽان معلوم ٿيس ته سندس ڀيڻ ۽ ماءُ پنهنجي جان بچائڻ لاءِ قائن شهر لڏي ويون آهن. اتان کان پنهنجي گهر وارن ڏانهن ويو ۽ ڪجهه ڏينهن رهڻ کان پوءِ شهر جي حاڪم جي چوڻ تي هڪ مسجد جو پيش نماز ٿيو ۽ وڏي عزت ماڻيائين. سال 628 هجري قمري ۾ جڏهن سندس عمر جون ٽيهه 30 کان وڌيڪ بهارون گذري ويون ته قائن شهر ۾ شادي ڪيائين.

بيمثال خدمتون

وڏي عرصي کان پوءِ سال 483 هجري قمري ۾ اسماعيلي فرقي حسن صباح جي ذريعي ايران ۾ ٻيهر رونق ماڻي ۽ ڪجهه ئي عرصي کان پوءِ سياسي سرگرمين ۾ حصو وٺي پنهنجي ڪمن کي وسعت ڏني. قزوين جي پاسي ۾  قلعه الموت انهن جو مرڪز هو ۽ ان کان علاوهه ٻين به ڪيترن ئي مضبوط قلعن جا مالڪ هئا. جيڪي انهن جي سياسي مجاهدن جا مضبوط ۽ پر امن مرڪز ليکيا ويندا هئا ۽ انهن تي ڪنٽرول ڪرڻ ڪنهن جي وس جي ڳالهه نه هئي.[5]

خواجه نصير الدين ڪجهه مهينا قائن شهر ۾ رهڻ کان پوءِ حڪمت ۽ فلسفي سان محبت ڪندڙ، فاضل انسان ۽  قلعه ڪهستان جي حاڪم ناصر الدين عبدالرحيم بن ابي منصور جي دعوت تي پنهنجي گهر واري سان گڏ اسماعيلين جو مهمان بڻيو ۽ ڪجهه عرصو خاص احترام ۽ آزادي سان اتي رهيو. اتي رهڻ واري عرصي دوران پنهنجي ميزبان جي درخواست تي ابن مسڪويه جي ڪتاب طهارة العراق جو عربي ۾ ترجمو ڪيائين، جنهن جو نالو اخلاق ناصري رکيائين. انهن ئي ڏينهن ۾ علم هيئت جي موضوع تي فارسي زبان ۾ رساله معينيه جي نالي سان ڪتاب به تحرير ڪيائين.

خواجه جي اسماعيلين سان اعتقادي اڻبڻت ۽ انهن جي ماڻهن تي ظلم سبب بڻيا ته ماڻهن جي ڇوٽڪاري لاءِ بغداد جي عباسي خليفي ڏانهن خط لکي کانئس مدد طلب ڪري. قلعي جي حاڪم کي خط جي خبر پئجي وئي ۽ ان جي حڪم سان خواجه نصير کي گرفتار ڪري قيد ۾ رکيو ويو.

ڪجهه عرصي کان پوءِ خواجه کي قلعه الموت ڏانهن منتقل ڪيو ويو. ليڪن قلعي جي حاڪم محقق طوسي جي علم کان آگاهه ٿي چڪو هو تنهن ڪري ساڻس مناسب رويو رکيائين.

نصير الدين طوسي لڳ ڀڳ 26 سال اسماعيلين جي قلعي ۾ رهيو ليڪن ان پوري عرصي ۾ هڪ لحظو به علمي ڪوششن کان هٿ نه روڪيائين ۽ ڪيترائي ڪتاب لکيائين جيئن شرح اشارات ابن سينا، تحرير اقليدس، تولي و تبري، اخلاق ناصري ۽ ڪجهه ٻيا ڪتاب ۽ رسالا تحرير ڪيائين.

خواجه پنهنجي ڪتاب اشارات جي آخر ۾ لکي ٿو: هن ڪتاب جو گهڻو حصو اهڙين سخت حالتن ۾ لکيو اٿم جن کان وڌيڪ سخت حالتن جو تصور ئي نه ٿو ڪري سگهجي ۽ ان جو گهڻو حصو فڪري پريشاني ۾ لکيو اٿم جنهن جي ذري ذري ۾ وڏي اذيت ۽ آزار مان گذريو آهيان ۽ مون تي اهڙو وقت نه گذريو جو اکين مان ڳوڙها نه ڪريا هجن ۽ دل پريشان نه هجي ۽ اهڙي گهڙي نه پئي گذري جو منهجا آزار نه وڌيا هجن ۽ ڏک ٻيڻا نه ٿيا هجن...[6]

ان ڪري جو اسماعيلين جو وجود مغلن جي سياسي حاڪميت ۽ طاقت لاءِ خطري کان خالي نه هو، هلاڪو خان سال 651 هجري قمري ۾  قلعه قهستان ڏانهن جٿو موڪلي ان کي فتح ڪيو.

قلعي جي حاڪم ، خواجه نصير سان مشورو ڪرڻ کان پوءِ مڪمل قلعو مغلن جي حوالي ڪرڻ سان گڏو گڏ انهن جي اطاعت جو به اعلان ڪيو. ۽ ان کان ڪجهه وقت پوءِ سال 656 هجري قمري ۾ ايران مان اسماعيلين جي مڪمل تڏا ويڙهه ٿي وئي ۽ اهڙي ريت خواجه نصير جنگبندي ۽ قتل عام جي روڪٿام لاءِ عظيم اقدام ڪيو. ان ڪري ئي خان مغل وٽ خاص مقام ماڻيو.[7]

اهڙي طرح بغداد جي فتح ۽ عباسين جي آخري خليفي جي قتل لاءِ به هلاڪو خان خواجه سان مشورو ڪيو.[8]

آخري عباسي خليفي معتصم پنهنجي حڪومت ۾ لهو ۽ لعب کان علاوهه مسلمانن جو قتلام به ڪيو. ڪيترا ئي شيعه خليفي جي پٽ ابوبڪر جي هٿان قتل ٿيا ۽ انهن جي ملڪيت هڙپ ڪئي وئي.[9]

نجات جو فرشتو

خواجه نصير الدين جو علمي مقام ۽ سندس فڪري بلندي سبب بڻي، جو هلاڪو خان کيس پنهنجن بزرگن ۾ شمار ڪري ۽ سندس جان جي حفاظت لاءِ ڪوشان هجي ۽ کيس سڀني سفرن ۾ گڏ وٺي هلي.

خواجه ان زماني ۾ وڏي حيثيت ۽ منزلت جو مالڪ بڻجي چڪو هئو ۽ ان حيثيت مان فائدو حاصل ڪندي اسلامي ثقافت ۽ مسلمان ملڪن جي وڏي خدمت ڪئي انهن خدمتن مان ڪجهه کي ذڪر ڪريون ٿا.

1_ علمي ۽ ثقافتي ڪم انجام ڏيندي اهم ڪتاب تحرير ڪرڻ

2_ قلعه الموت ۾ حسن صباح جي وڏي لائبريري کي مغلن هٿان سڙڻ کان بچائڻ.

3_ (نهج البلاغه جي شارح) ابن ابي الحديد ۽ سندس ڀاءُ موفق الدوله ۽ عطا ملڪ جويني جهڙن عالمن ۽ دانشورن جي جان بچائڻ، جيڪي مغلن جي بي رحم ڪاوڙ ۽ غضب جو شڪار ٿي ويا هئا.

4_ خواجه جي هٿان مغل قوم جو اسلامي تهذيب ۽ ثقافت ۾ جذب ٿي وڃڻ، اهڙي ريت جو مغل اسلام ڏانهن لاڙو پيدا ڪرڻ لڳا ۽ 694 هجري قمري کان اسلام ايران جو رسمي دين قرار ڏنو ويو.

5_ مغلن کي اسلامي ملڪن تي حملي کان روڪڻ

6_ سال 656 هجري قمري ۾ دانشورن جي مدد سان مراغه ۾ رصد خانو تعمير ڪرائڻ.

7_ مراغه جي رصد خاني ۾ هڪ وڏي لائبريري قائم ڪرڻ.[10]

خواجه نصير جو اخلاق

خواجه نه صرف عالم، دانشور، مولف ۽ محقق هو. بلڪه هڪ ديندار ۽ اخلاقي صفتن سان مالا مال عالم پڻ هو ۽ ڪڏهن به ان جو اخلاق سندس علم کان نه گهٽيو. ٻين جي ڳالهه ۽ نظرئي کي غور سان ٻڌڻ ۽ انهن سان تواضع، نياز ۽ نوڙت سان ملڻ سندس خاصيتون هيون. سندس اخلاقي ۽ عرفاني صلاحيتون سندس ڪجهه ڪتابن جي صورت ۾ جيئن اخلاق ناصري ۽ شرح اشارات مان واضح طور ڏسڻ ۾ اچن ٿيون.

تباهي مچائيندڙ ۽ جنگلي مغلن کي تابع بڻائڻ خود سندس حڪيماڻي ڪردار ۽ سهڻي اخلاق جي وڏي نشاني آهي. پاڻ ايتري اخلاق جو مالڪ هو جو شيعه ۽ سني ڪيترن ئي عالمن سندس تعريف ۽ واکاڻ ڪئي آهي.

خواجه نصير جي معروف شاگردن مان هڪ علامه حلي چئي ٿو: خواجه بزرگوار، عقلي ۽ نقلي علمن ۾ ڪيترن ئي ڪتابن جي تصنيف ڪئي ۽ ديني علمن ۾ شيعه مذهب جي طريقي تي ڪتاب تحرير ڪيا، هو سڀني کان وڌيڪ شرافت وارو عالم هئو جنهن مان کيس مانُ مليس.[11]

خواجه نصير جو هڪ حنبلي مذهب جو پيروڪار شاگرد فَوَطي لکي ٿو: خواجه هڪ فاضل، نيڪ اخلاق وارو، سهڻي سيرت وارو ۽ نوڙت ڪندڙ مرد هو، ڪڏهن به ڪنهن جي درخواست کان تنگ نه ٿيندو هو ۽ ڪنهن به حاجتمند کي خالي نه موٽائيندو هو. هو سڀني سان مسڪرائيندڙ چهري سان ملندو هو.[12]

هڪ سني تاريخدان ابن شاڪر، خواجه نصير جي اخلاق جي تعريف هن ريت ٿو ڪري: خواجه تمام گهڻو نيڪ سيرت، سهڻي اخلاق وارو، ڪريم، سخي، بردبار، سهڻي ميل ميلاپ وارو، هوشيار ۽ ڏاهو هو ۽ زماني جو هڪ سياستدان ليکيو ويندو هو.[13]

سندس شاگرد

خواجه نصير الدين طوسي مختلف ملڪن ۽ شهرن ۾ اچ وڃ ڪري ۽ چمڪندڙ سج وانگر نور ڦهلائيندي ڪيترن ئي شاگردن جي پرورش ڪئي. انهن منجهان ڪجهه کي ذڪر ڪري رهيا آهيون

1.. جمال الدين حسن بن يوسف مطهر حلي (علامه حلي وفات جو سال 726 هه.ق) جيڪو شيعن جي عظيم دانشورن مان هڪ آهي جنهن گهڻا علمي ڪتاب لکيا ۽ خواجه جي ڪتابن تي شرحون لکيون.

  1. ڪمال الدين ميثم بن علي بن ميثم بحراني جيڪو حڪيم، رياضي جو عالم، متڪلم ۽ فقيه هو ۽ عظيم عالم کانئس فيضياب ٿيا. جيتوڻيڪ علم ۽ حڪمت ۾ خواجه جي شاگردي اختيار ڪيائين، ليڪن فقه ۾ خواجه کانئس فيضياب ٿيو. هن بحريني محقق نهج البلاغه تي تفصيلي شرح لکي آهي جيڪا شرح نهج البلاغه ابن ميثم جي نالي سان مشهور آهي.
  2. محمود بن مسعود بن مصلح شيرازي عرف قطب الدين شيرازي (وفات جو سال 710 هجري قمري) خواجه جي ممتاز شاگردن منجهان هڪ آهي. جيڪو چوڏهن سالن جي عمر ۾ حڪمت خاني ۾ پنهنجي پيءَ جي جڳهه تي ويهي طبابت ڪرڻ لڳو. پوءِ مختلف شهرن جو سفر ڪيائين. ابو علي جو ڪتاب اشارات ۽ علم هيئت خواجه وٽ پڙهيائين. قطب الدين قرآن ۽ ابن سينا جي ڪتاب قانون جي شرح ۾ ڪتاب لکيا آهن.
  3. ڪمال الدين عبد الرزاق شيباني بغدادي (642 کان 723 هه.ق) حنبلي مذهب جو پيروڪار ۽ ابن الفَوَطي جي نالي سان مشهور هو. ان دانشور ڳچ عرصو خواجه جي محضر مان علم پرايو آهي. ۽ ستين هجري جي مشهور تاريخدانن مان هڪ آهي ۽ معجم الآداب، الحوادث الجامعه ۽ تلخيص معجم الآثار ڪتاب تحرير ڪيائين.
  4. سيد رڪن الدين استرابادي (وفات جو سال 715 هه.ق) خواجه نصير جي خاص شاگردن ۽ ساٿين مان هو ۽ پنهنجي استاد جي ڪتابن تي شرحون لکيون اٿس. نياز، نوڙت ۽ بردباري کان علاوهه وڏي احترام جو مالڪ هو. سندس مزار تبريز ۾ آهي.

خواجه نصير الدين جي ٻين شاگردن مان ابراهيم حموي جويني، اثيرالدين اوماني، مجدالدين طوسي ۽ مجدالدين مراغي قابل ذڪر آهن.

خواجه جون علمي صلاحيتون

خواجه نصير الدين مختلف علمن، خاص طور تي فلسفي، رياضي، ڪلام، منطق، ادبيات ۽ نجوم ۾ تمام وڏي مهارتن جي ڪري بزرگن سندس تمام گهڻي تعريف ڪئي آهي ۽ کيس استادالبشر، افضل العلماء، سلطان الفقهاء، عقل حادي عشر ۽ معلم ثالث ۽ ٻين لقبن سان ياد ڪيو آهي.

خواجه نصيرالدين جي علمي مقام جي اهڙي تعريف سان غير مسلم دانشورن جا ڪتاب به ڀريا پيا آهن. جهڙي ريت لکيو اٿن ته خواجه هيٺين شعبن ۾ ماهر هو.

الف) رياضي

خواجه رياضي ۾ بيمثال نظرين جو مالڪ آهي. ايتري قدر جو اڄوڪي دور تائين، جبر، حساب ، هندسه، مثلثات ۽ رياضي جي ٻين علمن ۾ دانشور ليکيو ويندو آهي.

مغربي محققن خواجه کي صرف ان سبجيڪٽ ۾ سڃاتو آهي ۽ سندس ٻيا علم ۽ فن انهن جي نظر کان اوجهل آهن. خواجه الشڪل القطاع ڪتاب لکي ڪري رياضي ۾ نوان نظريا وجود ۾ آندا ۽ (مثلثات) ٽڪنڊن جي بحث کي علم فلڪ کان الڳ ڪيو ۽ هر هڪ کي الڳ موضوع قرار ڏنو.

محقق طوسي پهريون دانشور هو جنهن قائم الزاويه ۾ مثلث ڪروي جو ڇهه 6 حالتون استعمال ڪيون. رياضي ۾ 35 ڪتاب تحرير ڪرڻ مان معلوم ٿئي ٿو ته خواجه ان علم جي بيمثال دانشورن مان هڪ آهي.

ب) فلسفو

خواجه ان زماني ۾ زندگي پئي گذاري جنهن ۾ امام فخر رازي، ابن سينا سان مذهبي تعصب جي ڪري سندس فلسفي فڪر ۽ نظرين تي تنقيد پئي ڪئي ۽ فلسفه مشاء جي عقيدن کي شدت سان عيبدار پئي بنايو ۽ ڪنهن کي به همت نه هئي جو ان شبهن جي مقابلي ۾ بيهي سگهي، ايتري تائين جو ابن سينا جي افڪار تان فلسفين جي توجهه هٽي وئي.

اهڙي موقعي تي خواجه نصير ميدان ۾ لٿو ۽ ابن سينا جي ڪتاب اشارات جي شرح لکي جنهن ۾ اهل سنت جي بزرگ عالم فخر رازي جي سڀني اشڪالن ۽ شبهن جو جواب ڏنو ۽ هڪ دفعو ٻيهر بو علي جا عالي ۽ اهميت ڀريا افڪار زندهه ٿيا.

ج) ڪلام

علم ڪلام ۾ اسلامي عقيدن جي بحث ۽ ڇنڊ ڇاڻ ڪئي ويندي آهي. اهو علم معصومين عليهم السلام جي زماني، خاص طور تي امام صادق عليه السلام جي زماني ۾ ۽ ان کان پوءِ مسلمانن جي توجهه جو مرڪز رهيو آهي. خواجه نصير الدين ستين هجري ۾ تمام اهم ۽ استدلالي ڪتاب تجريد العقائد تحرير ڪري تمام مضبوط ڪلامي متن کي وجود ۾ آندو ۽ ان علم جي عاشقن لاءِ نئين افق جو افتتاح ڪيو. ان ڪتاب ست صدين تائين پنهنجي وجود کي محفوظ رکيو آهي ۽ اڄ به اسلامي درسگاهن ۽ يونيورسٽين ۾ نصاب طور پڙهايو ويندو آهي.

د) اخلاق

خواجه جي علم هيئت، رياضي، نجوم ۽ ان زماني جي ٻين رائج علمن ۾ مصروف ٿي وڃڻ کيس علم اخلاق ۽ پنهنجي نفس جي تربيت کان غافل نه بڻايو. محقق طوسي آداب المتعلمين ڪتاب لکي ڪري نفيس اخلاقي نڪتن کي سهڻي ۽ دلچسپ انداز ۾ سڀني علم جي پياسن آڏو پيش ڪيو آهي.

ه) ادبيات

خواجه جي بيحد شوق ۽ ظريف طبيعت کيس آماده ڪيو ته ادبيات ۽ شعر و شاعري ۽ نثر ۾ پنهنجو مضبوط قلم کڻي ۽ ان سلسلي اخلاق ناصري ڪتاب جيڪو خواجه جي توانا قلم سان لکيل آهي فارسي زبان جي نثري شاهڪارن مان هڪ آهي.

خواجه شعرن مان تمام گهڻو ڪم ورتو آهي ۽ ڪتاب معيار الاشعار علم عروض ۾ تحرير ڪيو اٿس. هن عظيم دانشور جا فارسي ۽ عربي جا ڪيترائي شعر ملن ٿا.

موجود بحق، واحد اول باشد

باقي همه موهوم و متخيل باشد

هر چيز جز او که آيد اندر نظرت

نقش دومين چشم  احول باشد

لذات دنيوي همه هيچ است نزد من

در خاطر از تغير آن هيچ ترس نيست

روز تنعم و شب عيش و طرب مرا

غير از شب مطالعه و روز درس نيست

محقق طوسي عربي زبان ۾ به شعر چيا آهن.

سندس آثار

خواجه نصيرالدين پنهنجي با برڪت زندگي ۾ خطرناڪ حادثن، ان دور جي سياسي، اجتماعي، انتظامي دٻاءُ ۽ فتنن جي باوجود به مختلف موضوعن تي لڳ ڀڳ هڪ سئو نوي 190 ڪتاب ۽ علمي رسالا لکڻ ۾ ڪامياب ٿيو. سندس ڪجهه ڪتابن کي هيٺ ذڪر ڪجي ٿو.

  1. تجريد العقائد: هي ڪلام جي موضوع تي لکيل ڪتاب آهي ۽ اسلامي دانشورن جي توجهه جو مرڪز رهيو آهي ۽ ان تي ڪيتريون ئي شرحون لکيون ويون آهن.

شرح اشارات: هي ڪتاب بو علي سينا جي ڪتاب اشارات جي شرح آهي.

قواعد العقايد: اصول عقائد جي موضوع تي لکيل ڪتاب ۽ ٻين ڪيترن ئي موضوعن تي هن نالن جهڙوڪ اخلاق ناصري، اوصاف الاشراف، تحرير اقليدس، تحرير مجسطي، اساس الاقتباس، زيج ايلخاني، اثبات الجواهر، اثبات اللوح المحفوظ، اشکال الکرويه، شرح اصول کافي، رساله اي در کليات طب،، تجريد الهندسه ۽ ٻين عنوانن سان ڪتاب لکيائين.

سندس رحلت

سال 673 هجري قمري جي 18 ارڙهين ذي القعده تي سج لٿي جو وقت هو، وحي جي تبليغ ۾ اڻٿڪ محنت سان ڀرپور ۽ برڪت ڀري زندگي گذارڻ کان پوءِ هيءُ عظيم دانشور بيماري جي بستري تي آرامي هو ۽ سندس مائٽ، عزيز ۽ دوست چوڌاري موجود هئا. انهي حال ۾ سندس هڪ مائٽ سندس ويجهو اچي کيس چيو: وصيت ڪر ته مرڻ کان پوءِ تو کي حضرت علي عليه السلام جي قبر ويجهو دفن ڪيو وڃي. خواجه ادب سان جواب ڏنو ته مون کي شرم ٿو اچي جو هن امام (موسي ڪاظم عليه السلام) جي پاسي ۾ مران ۽ سندس آستاني کان ڪنهن ٻئي جڳهه منتقل ڪيو وڃان. ان گفتگو کان پوءِ خواجه پنهنجي خدا سان وڃي مليو. جڏهن خواجه لاءِ قبر کوٽڻ پئي گهريائون ته پهريان کان کوٽيل هڪ قبر ڏٺائون پتو پيو ته ان کي خواجه جي ڄمڻ واري ڏينهن آمادهه ڪيو ويو هئو. آخرڪار طوس جي ان دانشور کي امام موسى ڪاظم عليه السلام جي جوار ۾سندس قبر ۾ دفنايو ويو.

سندس اولاد

خواجه نصير ٽي پٽ يادگار طور ڇڏيا

سندس وڏو پٽ صدر الدين علي جيڪو هميشه ۽ هر قدم تي ساڻن گڏ هوندو هئو ۽ فلسفي، نجوم ۽ رياضي مان گهڻو ڪجهه پرايائين. سندس ٻيو پٽ اصيل الدين حسن پڻ عالم ۽ فاضل انسان هو، جيڪو گهڻو ڪري سياسي ڪمن ۾ مصروف هوندو هو. خواجه جو ننڍو پٽ فخر الدين محمد هو جيڪو اسلامي ملڪن ۾ اوقاف کاتي جو اڳواڻ هو.

حوالا

[1] . فوائد رضويه، شيخ عباس قمي، ص 603

[2] . روضات الجنات، ج 6، ص 582، قصص العلماء، ص 381، مجالس المومنين، ج 2، ص 203، فلاسفه شيعه، ص 282

[3] . تاريخ مغول، ص 23

[4] . تاريخ مغول، ص 56

[5] . تاريخ مغول، ص 170_174

[6] . شرح اشارات، ج 2، ص 146

[7] . جامع التواريخ، ج 2، ص 695،

[8] . سرگذشت و عقيد فلسفي خواجه نصيرالدين طوسي، ص 52

[9] . قصص العلماء، ص 38

[10] . فوات الوفيات، ج 3، ص 247، فلاسفه شيعه، ص 287،

[11] . مفاخر اسلام، ص 112

[12] . احوال و آثار خواجه نصيرالدين، ص 78

[13] . فوات الاعيان، ج 2، ص 149

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found