اربع, 24 اپريل 2019 - Wed 04 24 2019

منو

سيد مرتضى علم ۽  سياست جو علمبردار

تحرير: مولانا نظير احمد بهشتي

سيد مرتضى (عليه الرحمة) اسلام ۽ تشيع جي اميد ڏياريندڙ، مقصد جي معرفت عطا ڪندڙ ۽ افتخار آميز شخصيتن منجهان هڪ آهي، جنهن جي اجتماعي ۽ معنوي شخصيت ۽ سندس علمي لکڻين ۾ سڀني نسلن لاءِ سٺو سبق سمايل آهي.

جيتوڻيڪ کيس هزار کان مٿي سال گذري چڪا آهن پر سندس قابليت زماني جون حدون اورانگهي اڄ تائين ماڻهن جي زبانن تي آهي ۽ انسانيت واري رستي تي هلڻ لاءِ سٺو نمونو آهي.

ولادت

سيد مرتضى سن 355 هجري جي رجب مهيني ۾ بغداد شهر ۾ اک کولي، سندس نالو علي ۽ پيءُ جو نالو ابو احمد حسين پٽ موسى پٽ محمد پٽ موسى پٽ ابراهيم پٽ امام موسى ڪاظم عليه السلام آهي، يعني سندن نسب پنجن واسطن سان ستين امام (ع) تائين پهچي ٿو، سندن ڪنيت ابوالقاسم آهي ۽ سندس پيءُ ماءُ ان زماني جا ڀلا ۽ نيڪ انسان هئا، سندس پيءُ حسين موسوي طاهر اوحد، ذوالمناقب جي نالي سان مشهور هو ۽ ان زماني ۾ سيدن جو سرواڻ هو ۽ ڪعبة الله شريف ڏانهن ايندڙ زوارن جو سرپرست هو، ۽ اهو عهدو ان دور جي اهم عهدن مان هڪ هو، سندس ماءُ فاطمه وڏي مانواري خاتون هئي، جنهن لاءِ شيعن جي اڳواڻ شيخ مفيد mاحڪام النساءn نالي هڪ ڪتاب لکيو هئو.

پڙهائي جي شروعات

شيعن جي اڳواڻ شيخ مفيد هڪ رات خواب ۾ رسول اڪرم 1 جي نياڻي سائڻ فاطمه زهرا سلام الله عليها کي ڏٺو جيڪا پنهنجي ٻنهي هٿن ۾ امام حسن (ع) ۽ امام حسين (ع) کي وٺيون پئي آئي، شيخ مفيد وٽ پهچي مٿس سلام ورائڻ کان پوءِ فرمايائين: مانوارا استاد! هي ٻئي منهنجا پٽ آهن کين فقهه ۽ ديني علم سيکار!

جاڳڻ کان پوءِ استاد کي ڳڻتي وڪوڙي وئي ته ڇا ماجرا آهي، ايستائين جو بغداد جي شيعن واري محلي ۾ واقع مسجد براثا ۾ درس پڙهائڻ لاءِ آيو، درس جي دوران به خواب واري ڳالهه واضح نه ٿي، پر درس ختم ٿيڻ کان فورن پوءِ نهاريائين ته هڪ خاتون وڏي وقار سان مسجد ۾ داخل ٿي، جيڪا پنهنجي ٻنهي ٻارن کي هٿن ۾ وٺيون عورتن جي پهري ۾ پئي آئي، استاد جي ويجهو پهچي سلام ورائڻ کان پوءِ ويهي رهي استاد کي جڏهن معلوم ٿيو اها ناصر ڪبير جي نياڻي فاطمه آهي ته سندس احترام ۾ اٿي بيٺو، ان خاتون پنهنجي ٻارن علي ۽ محمد ڏانهن اشارو ڪندي استاد کي مخاطب ٿي چيو: اي شيخ هي ٻئي منهنجا پٽ آهن، کين توهان جي خدمت ۾ آندو آهي ته جيئن فقهه جو علم سکن.

شيعن جي عظيم فقيهه شيخ مفيد جي ذهن ۾ راتوڪو خواب وارو منظر ڦرڻ لڳو ۽ سندس اکين جا بند ٽٽي پيا، اتي موجود سڀ ماڻهو حيران ٿي ويا ۽ کانئس روئڻ جو سبب پڇيائون، استاد انهن سان راتوڪو خواب بيان ڪيو جنهن جي هاڻي تعبير ٿي رهي هئي، پوءِ وڏي چاهت سان ٻنهي ڀائرن جي تعليم ۽ تربيت جو ذمو کنيو ۽ انهن جا علمي ۽ عملي درجا وڌائڻ لاءِ جاکوڙ ڪئي، انهن لاءِ اسلامي علوم ۽ معارف جا دروازا اهڙا ته کوليا جو هر هڪ پنهنجي زماني جي بيحد مقبول شخصيت بڻيو.

استاد

سيد مرتضى (علي) پنهنجي دور جي جن پاڪ هستين کان فيض پرايو، هيٺ خدا جي خضوع ۽ خشوع سان سرشار انهن هستين کي ذڪر ڪريون ٿا:

1_ شيخ مفيد متوفي 413 هجري قمري

2_ ابومحمد هارون پٽ موسى تلڪبري متوفي 380 هجري قمري

3_ شيخ محمد صدوق متوفي 381 هجري قمري

4_ حسين بن علي بن بابويه شيخ صدوق جو ڀاءُ

5_ احمد بن علي بن سعيد ڪوفي، محمد بن عمران ڪاتب مرزباني، ابويحيى ابن نباته، ابوالحسن علي بن محمد ڪاتب، ابوالقاسم عبدالله بن عثمان بن يحى، احمد بن سهل ديباجي.

شاگرد

سندس علم جي اڻ کٽ سمنڊ منجهان جن هستين فيض پرايو انهن ۾ شيخ طوسي، ابو يعلى سلار ديلمي، ابوالصلاح حلبي، قاضي ابن براج طرابلسي، شريف ابويعلى محمد پٽ حسن پٽ حمزه جعفري، ابوصمصام مروزي، سيد نجيب الدين موسوي، سيد تقي رازي، ابوالفتح ڪراجڪي، شيخ ابوالحسن سليمان صهرشي، جعفر بن محمد دوريستي، ثابت بن عبدالله نباتي، شيخ احمد خزاعي، شيخ مفيد ثاني، شيخ ابوالمعالي احمد بن قدامه، شيخ ابو عبدالله محمد پٽ علي صلواتي ۽ ابو زيد پٽ ڪيابڪي حسيني جا نالا قابل ذڪر آهن.

سيد مرتضى جو درسي مدرسو

سندس درسي مدرسي ۾ اهڙيون کوڙ خاصيتون هيون جيڪي ان وقت ٻين عالمن جي درس ۾ موجود نه هيون، سندس درس جي محفل ۾ هر عقيدي جا ماڻهو شريڪ ٿي ڪري مختلف علم پرائيندا هئا.

نقل ٿيو آهي ته ان زماني ۾ ڏڪار جو ستايل هڪ يهودي سندن خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ کين عرض ڪيائين ته مون کي ستارن جو علم سيکاريو، سيد مرتضى (عليه الرحمة) کليل دل سان سندس استقبال ڪرڻ سان گڏوگڏ پنهنجي خزانچي کي اها تاڪيد ڪئي ته روزانو کيس معين مقدار ۾ پئسا ڏنا وڃن، اهو يهودي ڪجهه عرصو استاد وٽ فيض پرائيندو رهيو ۽ مليل پئسن مان پنهنجو گذر سفر پئي ڪيائين ۽ ٿورڙي ئي عرصي ۾ سيد جي ڪردار کان متاثر ٿي مسلمان ٿيو.

مرحوم mمحدث نوريn لکي ٿو: سيد مرتضى (عليه الرحمة) گهڻا علم پڙهائيندو هئو، سندس مدرسي جي خاصيت اها هئي ته هر طالب علم کي ان جي حال مطابق شهريو ادا ڪندو هو، سندن درس جي ٻئي خاصيت اها هئي ته منجهس عظيم عالم گهڻي تعداد ۾ شريڪ ٿيندا هئا، ايستائين جو ڪڏهن ڪڏهن ته سندس استاد شيخ مفيد به اچي سندس درس ۾ شريڪ ٿيندو هو.

هڪ ڀيري mخواجه نصيرالدين طوسيn جي درس ۾ سندس نالو کنيو ويو، خواجه وڏي ادب سان چيو: مٿس خدا جي صلوات هجي، جڏهن سيد مرتضى، شيخ مفيد جي درس ۾ ويندا هئا ته شيخ مفيد سندن احترام ۾ اٿي بيهندا هئا ۽ ڪڏهن ته مسند سيد جي حوالي ڪندا هئا ۽ سندن بيانات کان لطف اندوز ٿيندي مسڪرائيندا رهندا هئا ۽ جڏهن به سائڻ زهرا سلام الله عليها وارو خواب ياد ڪندا هئا ته عشق جا ڳوڙها سندس ڳلن تي بوسو ڏيڻ لڳندا هئا.

سيد مرتضى جي لائبريري

سيد مرتضى (عليه الرحمة) جي دور ۾ بغداد ٿوري ئي عرصي ۾ علم ۽ ادب جو مرڪز بڻجي ويو هو، دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان علم جا پياسا بغداد ڏانهن پئي آيا ۽ سيد مرتضى (عليه الرحمة) جهڙن عظيم عالمن کان فيض ياب ٿي پنهنجي ملڪن ڏانهن ٿي موٽيا ۽ پنهنجي قوم کي وڃي بشارت ٿي ڏنائون.

ان وقت اسلامي علوم ۽ معارف حاصل ڪرڻ لاءِ ظاهري طور تي بک ۽ غربت کان علاوهه ٻئي ڪا رڪاوٽ ۽ تڪليف ڪا نه هئي، خاص ڪري جڏهن سخت ڏڪار پيو ته ٻين طبقن جي ڀيٽ ۾ شاگردن وڌيڪ مصيبت برداشت ڪئي جڏهن ته شهر ۾ ڪا لائبريري به موجود نه هئي، سيد مرتضى (عليه الرحمة) پڪو پهه ڪيو ته پنهنجي گهر جو هڪ حصو لائبريري طور شاگردن لاءِ مخصوص ڪجي ته جيئن شاگرد ان منجهان فائدو حاصل ڪندي تحقيق، مطالعي ۽ علمي محفلن جو ڪم جاري رکي سگهن، اهو مرڪز بعد ۾ دارالعلم جي نالي سان مشهور ٿيو.

مرحوم علامه اميني (عليه الرحمة) لکي ٿو: ابن طئي چيو آهي: سيد مرتضى پهريون عالم هو جنهن پنهنجي گهر کي لائبريري قرار ڏنو ۽ مباحثي ۽ مطالعي لاءِ مخصوص ڪيو.

مدائن جو قاضي ۽ سيد مرتضى جو شاگرد ابوالقاسم تنوخي چئي ٿو: سيد مرتضى جي لائبريري ۾ اسي 80000 هزار جلد ڪتاب هئا، جيڪي سيد پڙهيا هئا يا تاليف ڪيا هئا يا انهن جا مطالب ذهن نشين ڪيا هئا.

سيد مرتضى ٻيو اهم ڪم اهو انجام ڏنو هو ته پنهنجي هڪ ڳوٺ کي طالب علمن، دانشورن ۽ فقيهن جي ڪاغذ ۽ قلم جي خرچ لاءِ وقف ڪيو هيائين، پنهنجي آمدني مان شاگردن جا خرچ به برداشت ڪندو هو، البته اهو معلوم نه آهي ته جيڪي ملڪيتون سيد جي هٿن ۾ هيون سندس ذاتي هيون يا بيت المال سان وابسته، جيتوڻيڪ گهڻو احتمال اهو آهي ته اهي ملڪيتون بيت المال سان وابسطه هيون جيڪي سيد مرتضى اسلامي مقصدن جي ترقي، شاگردن جي تربيت ۽ معاشري ۾ موجود محتاجن جون ضرورتون پوري ڪرڻ ۾ خرچ ڪيون.

سيد مرتضى جي قلمي ڪاوش

الله سائين کيس عظيم صلاحيتون عطا ڪيون هيون ۽ پاڻ به خدا جي ان نعمت کان ڀرپور فائدو ورتو ۽ پنهنجي اڻٿڪ محنت ذريعي ٿوري ئي عرصي ۾ ماهر ليکڪ، سگهارو مجتهد ۽ اسلام ۽ مسلمانن جو دلسوز خدمتگار بڻجي ويو، وڏن اجتماعي عهدن تي رهڻ ۽ شاگردن جي تربيت کان علاوهه، اصول، فقهه، تفسير، علم قرآن، علم ڪلام، حديث ۽ ادبيات ۾ اهم ڪتاب لکيائين، جن مان ڪيترائي ايران ۽ ٻين عربي ملڪن ۾ ڇپائي جي زيور سان آراسته ٿي چڪا آهن.

مرحوم علامه اميني (عليه الرحمة) پنهنجي ڪتاب mالغديرn ۾ سيد مرتضى جي 86 ڪتابن جا نالا کنيا آهن ۽ مرحوم سيد محسن امين به سندس 89 ڪتابن جا نالا ذڪر ڪيا آهن.

سندس ڪتابن مان هڪ امالي آهي جيڪو فقه، تفسير، حديث، شعر ۽ ادبي نقطن تي مشتمل آهي، سندس لکڻين ۾ قابل توجهه ڳالهه اها آهي ته جنهن به موضوع تي تحقيق ڪرڻ شروع ڪيائين ان جا سڀ بحث جوڳا پهلو بيان ڪيائين.

جمهوري اسلامي ايران جو باني حضرت امام خميني (رضوان الله عليه) سندس امامت بابت لکيل ڪتاب mالشافيn جي باري ۾ فرمائي ٿو: سيد مرتضى علم الهدى (متوفي 436 هجري) جو ڪتاب mالشافيn جيڪو ان باب (امامت) جي مشهور ۽ بهترين ڪتابن منجهان آهي سڀني جي پهچ ۾ آهي، متاخرين، امامت جي باري ۾ جيڪو ڪجهه لکيو آهي سيد مرتضى جي ڪتاب mالشافيn ۾ ڪيل تحقيق کان گهٽ آهي.

ٻيو نڪتو اهو ته سندس گهڻا ڪتاب ان وقت جي معاشرتي مسائل متعلق هئا ۽ سيد انهن منجهان ڪجهه ڪتاب، مختلف شهرن ۾ موجود ماڻهن جي سوالن جي جواب طور لکيا هئا جيئن mمسائل الناصريهn ، mمسائل الطرابلسيهn ، mمسائل الموصليهn وغيره جيڪي ان ڳالهه جا چٽا شاهد آهن ته ايڏي مصروفيت هوندي به پاڻ پنهنجي معاشري جي ماڻهن سان گهري رابطي ۾ هئا ۽ ماڻهن جي فڪري، سياسي ۽ عقيدتي مسئلن کي اهميت ڏيندا هئا ۽ انهن جي حل لاءِ جاکوڙيندا هئا.

چوٿين صدي هجري ۾ دين کي رونق بخشيندڙ (مجدد)

مسلمانن جي درميان مشهور آهي ته الله سائين هر صديءَ ۾ ڪنهن کي موڪليندو آهي ته جيئن دين کي رونق ۽ تازگي عطا ڪري ۽ خدا جي حڪمن جي حفاظت ۽ انهن کي ڦهلائڻ جي ڪوشش ڪري.

استاد محمد رضا حڪيمي چئي ٿو: شايد ان ڳالهه لاءِ دليل اها حديث هجي جيڪا ابو دائود نقل ڪئي آهي ته پاڻ سڳورن صلى الله عليه وآله وسلم فرمايو: الله تعالى هن امت لاءِ هر سئو سالن ۾ ڪنهن هڪ کي موڪليندو آهي ته جيئن سندن دين کي تازگي بخشي ۽ کيس ڦهلائي.

اها حديث مختلف ڪتابن ۾ مختلف عبارتن سان نقل ٿي آهي ۽ بعض لکڻ وارن ته هر صدي جي مجدد جو نالو به ذڪر ڪيو آهي.

mڪليني کان خميني تائين شيعن جا عظيم عالمn ڪتاب جو ليکڪ لکي ٿو:شيعه چون ٿا ته پهرئين صدي هجري ۾ مذهب جو مجدد ۽ کيس رونق بخشيندڙ امام باقر العلوم(ع) ۽ سندس پٽ امام جعفر صادق(ع) هئا، ٻئين صدي هجري ۾ امام علي رضا عليه السلام، ٽئين صدي هجري ۾ محمد بن يعقوب ڪليني ۽ چوٿين صدي هجري ۾ سيد مرتضى اهو ڪم سرانجام ڏنو.

هن دور ۾ به چوڻ گهرجي ته پندرهين صدي هجري جي آغاز ۾ اسلام کي رونق بخشيندڙ جمهوري اسلامي ايران جو باني حضرت آيت الله العظمى امام خميني (رضوان الله تعالى عليه) آهي جنهن اسلام کي رونق بخشي مسلمانن کي مانوارو بڻايو.

سيد مرتضى دانشورن جي نگاهه ۾

علامه حلي چئي ٿو: سيد مرتضى علم الهدى ڪيترن ئي علمن ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو، اسان جا عالم سندس بي انداز علم ۽ فضيلت تي متفق آهن، علم ڪلام، فقهه، ادب، شعر، لغت ۽ ٻين علمن ۾ سڀني کان اڳڀرو هو، شيعن سندس زماني کان وٺي هن وقت (693 هجري) تائين سندس ڪتابن مان استفادو ڪيو آهي شيعن جو بنيادي رڪن ۽ بهترين معلم آهي.

علامه بحرالعلوم جيڪو پاڻ سگهارو مجتهد هو لکي ٿو: علي بن حسين...ابوالقاسم مرتضى، علم الهدى، ذوالمجدين و صاحب الفخرين والرياستين، پنهنجي جدّ جي دين کي ڦهلائڻ وارو، چوٿين صدي هجري ۾ ثقلين جو سردار، علماءِ اسلام جو اڳواڻ ۽ ائمه (ع) کان پوءِ سڀني کان وڌيڪ فضيلت وارو آهي، اهڙو علم حاصل ڪيائين جيڪو ڪنهن کي نصيب نه ٿيو ۽ اهڙين فضيلتن جو مالڪ بڻيو جن کيس سڀني مٿان برتري ڏني، مخالف توڙي موافق، سڀئي سندس وڏي عظمت جا معترف آهن ۽ اڳين ۽ پوين عالمن تي سندس برتري جو اعتراف ڪن ٿا.

وصيت ۽ نماز سان عشق

سيد مرتضى پنهنجي وصيت ۾ فرمايو آهي ته: پوري زندگي جيڪي واجب نمازون پڙهيون اٿم منهنجي نيابت ۾ ٻيهر ادا ڪيون وڃن.

جڏهن سندس مائٽن ۽ عزيزن، کانئس اهو جملو ٻڌو ته اچرج ۾ پئجي ويا ۽ کيس چيائون: سائين ڇا لاءِ؟ اوهان ته ڏاڍا نيڪ ٻانها هيو ۽ نماز سان بي انتها عشق رکندا هيو ۽ هميشھ نماز جو وقت ٿيڻ کان پهريان وضو ڪري تيار رهندا هيو ته جيئن وقت ٿئي ته نماز ادا ڪريو، هاڻي ڇا ٿيو آهي جو ائين وصيت ٿا ڪريو؟ پاڻ کين جواب ڏنو ته: بيشڪ منهنجو عشق نماز ۽ خالق ڪائنات جي عبادت ۽ ساڻس راز و نياز سان هو ۽ آهي ۽ مان عبادت ۾ لذت محسوس ڪندو هئس تنهن ڪري ئي وقت کان پهريان وضو ڪندو هئس ۽ اهو عشق ئي سبب ٿيو آهي ته آءُ اها وصيت ڪريان ته منهنجي مرڻ کان پوءِ منهجون سڀ نمازون ٻيهر پڙهائجو. ان ڪري جو شايد منهجون سڀ نمازون سئو سيڪڙو خدا لاءِ خالص نه هجن بلڪه انهن مان ڪجهه نمازون لذت حاصل ڪرڻ خاطر پڙهيون هجن تنهن ڪري سڀني جي قضا ڪريو ته جيئن خدا جي بارگاهه ۾ وڃڻ لاءِ اطمينان پيدا ٿئي.

سيد جي موڪلاڻي

سيد مرتضى برڪتن ڀري زندگي گذارڻ ۽ عظيم ڪم انجام ڏيڻ کان پوءِ 80 سالن جي ڄمار ۾ آچر ڏينهن 25 ربيع الاول سن 436 هجري قمري تي بغداد ۾ وفات ڪئي، کيس ابوالحسين نجاشي، محمد بن حسن جعفري، سلار بن عبدالعزيز ۽ ٻين شاگردن جي مدد سان غسل ڏنو ويو، پوءِ سندس پٽ سيد محمد مٿس نماز پڙهائي ۽ ڪرخ محلي ۾ واقع سندس گهر ۾ کيس دفن ڪيو ويو. سندس وفات سان چوٿين صدي هجري جو هڪ چمڪندڙ ستارو غروب ٿي ويو، ڪجهه مدت کان پوءِ سندس پاڪيزه جسم کي ڪربلا منتقل ڪيو ويو ۽ امام حسين عليه السلام جي قبر مطهر جي ڀر سان ابراهيم مجاب جي مقبري ۾ دفن ڪيو ويو.

رجال بحرالعلوم نالي هڪ ڪتاب ۾ آيو آهي ته: مون وٽ خبر پهتي ته گهڻو ڪري 942 هجري قمري ۾ روم جي ڪجهه حاڪمن سيد مرتضى جي قبر کوٽي ته ڏٺائون 500 سال گذرڻ جي باوجود به اڄ ان جو بدن تازو آهي، زمين کيس تبديل نه ڪيو آهي ۽ نقل ٿيو آهي ته سندس هٿن ۽ ڏاڙهي مٿان ميندي جو رنگ اڃا باقي آهي.

 

حوالو: گلشن ابرار ڪتاب مان ورتل.

 

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found