اڱارو, 25 جون 2019 - Tue 06 25 2019

منو

نهج البلاغه جو تاجدار سيد رضي رحمت الله عليه

تحرير: مولانا نظير احمد بهشتي

سن 359 هجري قمري ۾ بغداد جي شيعه نشين محلي ڪرخ ۾ موجود ايمان ۽ اخلاص جي دولت سان سرشار ۽ علم و عمل جي دولت سان ٽمٽار گهراڻو، هڪ روشن ستاري جي ظهور جو شاهد بڻيو جنهن تي مٺڙو نالو محمد رکيو ويو، جيڪو بعد ۾ سيد رضي ۽ شريف رضي جي نالي سان مشهور ٿيو، سيد رضي جي گهراڻي جا سڀئي فرد پنهنجي زماني جا چوٽي جا عالم، عابد، زاهد ۽ پرهيزگار انسان هئا، سندس پيءُ ۽ ماءُ ٻئي علوي سيد هئا سندس نسب پيءُ جي طرفان پنجن واسطن سان امام موسى ڪاظم عليه السلام سان ۽ ماءُ جي طرفان ڇهن واسطن سان امام زين العابدين عليه السلام سان ٿو ملي. سيد رضي جي امڙ جي اعلى مرتبي جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته شيخ مفيد عليه الرحمه ان لاءِ احڪام النساء ڪتاب لکيو جنهن جي مقدمي ۾ ان بيبي جي عظمت بيان ڪئي آهي.

علم ۽ معرفت جو شيدائي

سيد رضي ننڍپڻ کان ڏاڍي شوق سان پڙهڻ شروع ڪيو ۽ محنت سان گڏ اعلى ذهن سبب جلد ئي علم ۽ ادب ۾ وڏي منزل ماڻي ورتي. حقيقت اها آهي ته چوٿين ۽ پنجين صديءَ هجري ۾ فرقه واريت ۽ مذهبي ڇڪتاڻ ڪنهن حد تائين گهٽجي وئي هئي، شيعه ۽ اهل سنت محبت ۽ امن واري زندگيءَ گذاري رهيا هئا، نتيجي ۾ ٻنهي مذهب جي عالمن کي آزادي سان پنهنجي مذهب جي ترويج ۽ پنهنجي فڪر کي عام ڪرڻ جو موقعو مليو، ان سنهري موقعي مان فائدو وٺندي، سيد رضي مختلف علمن جهڙوڪ: قرائت قرآن، صرف، نحو، حديث، ڪلام، فقهه، اصول، تفسير، بلاغت ۽ شعر و شاعري ۾ مهارت حاصل ڪئي، ايستائين جو ويهن سالن جي ڄمار ۾ پڙهائي مڪمل ڪري ورتائين ۽ نامور محققن ۽ استادن ۾ شمار ٿيڻ لڳو.

سيد رضي جا ڪجهه مشهور استاد

1_ ابو اسحاق ابراهيم بن احمد طبري (وفات جو سال 393 هجري قمري) 2_ ابو علي فارسي (وفات جو سال 377 هجري قمري) 3_ ابو سعيد سيرافي (وفات جو سال 368 هجري قمري) 4_ قاضي عبد الجبار بغدادي 5_ عبد الرحيم بن نباته (وفات جو سال 374 هجري قمري) 6_ ابو عبد الله محمد بن محمد بن نعمان المعروف شيخ مفيد (وفات جو سال 417 هجري قمري) 7_ ابو محمد عبد الله بن محمد اسدي اڪفاني (وفات جو سال 405 هجري قمري) 8_ ابو الفتح عثمان بن جني (وفات جو سال 392 هجري قمري) 9_ ابو الحسن علي بن عيسى (وفات جو سال 420 هجري قمري) 10_ ابو حفص عمر بن ابراهيم بن احمد الڪناني 11_ ابو عبد الله مرزباني (وفات جو سال 384 هجري قمري) 12_ ابو القاسم عيسى بن علي بن عيسى بن دائود بن جراح (وفات جو سال 350 هجري قمري) 13_ ابو بڪر محمد بن موسى خوارزمي 14_ ابو محمد هارون تلعڪبري.

بيمثال شاعر

سيد رضي فصاحت ۽ بلاغت ۾ وڏو مقام رکندو هو، اڃا نون سالن جو مس ٿيو هو جو پنهنجي ابن ڏاڏن اهلبيت عليهم السلام جي شان ۾ هڪ قصيدو چيائين؛ جنهن ۾ ايڏي مهارت کان ڪم ورتائين جو سڀئي حيران ٿي ويا، شعر ۽ شاعري ۾ ايتري مقبوليت ماڻيائين جو کيس اشعر قريش ۽ اشعر عرب جا لقب مليا.

خدمت جي جذبي سان سرشار

سيد رضي هڪ ذميدار ۽ خدمت جي جذبي سان سرشار عالم هو، تعليم سان ان ڪري چاهه رکندو هو جيئن معاشري ۾ فڪري بلندي آڻي سگهي ۽ پنهنجي معاشرتي ۽ سياسي حيثيت کي ماڻهن کي منظم ڪرڻ ۽ کين فائدو رسائڻ ۾ استعمال ڪندو هو. پاڻ کي مدرسي ۽ مسجد تائين محدود نه ڪيائين بلڪه بحث، تحقيق ۽ عبادت کان علاوه پنهنجي ڏاڏا اميرالمومنين علي عليه السلام جي سيرت تي هلندي محرومن ۽ مظلومن جي مدد ۽ خدا جي دين جي نصرت کي پنهنجو اصلي فريضو ڄاتائين، ان ڪري جو خدمت جو جذبو رکندو هو، منصب ۽ مقام سان دلچسپي نه هئس، تنهن ڪري حڪومت ۾ اهڙيون ذميواريون کنيائين جن ۾ ماڻهن جي خدمت واري خاصيت موجود هئي جيئن علوين ۽ سيدن جي سرداري، حاجين جي امير ۽ محتسبِ اعليٰ جو عهدو سنڀاليائين.

انقلابي فڪر جو مالڪ

بني عباس جي سڀني خليفن کي غاصب سمجهندو هو ۽ انهن سان بيحد نفرت ڪندو هو خاص طور تي القادر بالله سان، جيڪو خود پسند، پاڻ پڏائيندڙ ۽ تعصب سان ڀريل حڪمران هو ۽ ان تاڙ ۾ هوندو هو ته ڪو بهانو ملي جو مرد ميدان ۽ علمي رتبو رکندڙ عالم سيد رضي جي حيثيت ختم ڪري، ٻئي طرف سيد رضي ان ئي زماني ۾ حڪومت ۽ حاڪم کان پنهنجي نفرت جو اظهار ڪجهه شعرن جي صورت ۾ ڪيو، جيڪي نوراني لاٽ بڻجي هر جڳهه تي پکڙجي هلچل مچائي ڇڏيائون پاڻ هڪ شعر ۾ سندس جذبن جو اظهار هن لفظن ۾ڪيو آهي:

 مان دشمنن جي ديس ۾ ذلت جو لباس پايان جڏهن ته مصر ۾ علوي (شيعه) خليفن جي حڪومت آهي.

جنهن وقت سيد رضي جا اهي جوشيلا شعر خليفي جي ڪنن تائين پهتا ڏاڍو ڪاوڙيو ۽ اجلاس ڪوٺايائين جنهن ۾ اهو طئي ٿيو ته سيد رضي اچي ڪري بني عباس جي حڪومت کان نفرت جا سبب بيان ڪري ۽ اهو ٻڌائي ته ڪهڙي ڳالهه جي ڪري بني عباس جي حڪومت ۾ ايترو تنگ ٿيو آهي ۽ اها تمنا ٿو رکي ته مصر ۾ علوين جي حڪومت ۾ وڃي زندگي گذاري، سيد رضي وڏي بهادري سان خليفي جي دعوت کي ٺڪرايو ۽ ان جي ميٽنگ ۾ نه ويو تنهن ڪري خليفو ڏاڍو ڪاوڙيو ۽ سيد رضي کي سڀني معاشرتي ۽ اجتماعي ذميوارين کان آجو ڪري ڇڏيائين.

سيد رضي بهادر ۽ زبردست خطيب هو ڪنهن به ڏاڍي مڙس ۽ وڏي مقام واري کان نه ڊڄندڙ، سڀني عباسي خليفن کي ولايت، خلافت ۽ اسلامي حڪومت تي ڌاڙو هڻندڙ سمجهندو هو ۽ هر وقت ان ڪوشش ۾ هو ته ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان انهن طاغوتن ۽ ظالم حاڪمن جي حڪومت ختم ٿئي ۽ وري مولا علي عليه السلام جي عادلانه حڪومت جو جلوو نظر اچي، تنهن ڪري پنهنجي انقلابي فڪر کي خصوصي مجلسن ۽ پنهنجي جوشيلي شعرن ۾ بيان ڪندو هو ۽ ان سياسي ۽ فڪري بلندي سبب ئي خليفي کي ڪِريَل حيثيت وارو شخص سمجهندو هو.

سيد رضي جا تربيت يافته شاگرد

سيد رضي پنهنجي تعيلم جي دوران ۽ ان کان پوءِ دلچسپ انداز سان معرفت جي متلاشين ۽ طالب علمن جي تربيت شروع ڪئي ۽ پنهنجي معرفت سان ڀريل باغيچي ۾ اهڙا شاگرد تيار ڪيا جو انهن مان هر هڪ، علم ۽ ثقافت جي آسمان تي چنڊ وانگر چمڪي رهيو آهي ان ڪري انهن تي فخر ڪندو هو. انهن منجهان ڪجهه جا نالا هيٺ ذڪر ڪريون ٿا.

1_سيد عبدالله جرجاني المعروف ابو زيد ڪيابڪي 2_ شيخ محمد حلواني 3_ شيخ جعفر دوريستي (وفات جو سال 473 هجري قمري) 4_ شيخ طوسي (وفات جو سال 460 هجري قمري) 5_احمد بن علي بن قدامه المعروف ابن قدامه (وفات جو سال 486 هجري قمري) 6_ ابو الحسن هاشمي 7_ مفيد نيشاپوري (وفات جو سال 445 هجي قمري) 8_ ابوبڪر نيشاپوري خزاعي (وفات جو سال 480 هجري قمري) 9_ قاضي ابوبڪر عڪبري (وفات جو سال 472 هجري قمري) 10_ مهيار ديلمي.

علمي يونيورسٽي

سيد رضي معاشري جي مرض جو ڄاڻو ۽ ان جي علاج کان به آگاهه هو تنهن ڪري ئي سيدن جي سرداري ۽ محتسبِ اعليٰ جهڙي سنگين عهدن جي هوندي به ٻيون وڏيون ۽ سخت ذميداريون کڻندو هو، هر وقت شاگردن جي علمي سطح وڌائڻ جي فڪر ۾ هوندو هو ۽ ان مقصد لاءِ هڪ نئون پروگرام رٿيائين ته اهڙي يونيورسٽي قائم ڪري جتي شاگرد ڏينهن رات تعليم ۾ مصروف هجن تنهن ڪري هڪ گهر جو انتظام ڪري ان تي دارالعلم جو نالو رکيائين ۽ ان ۾ شاگردن جي ضرورت جو هر سامان مهيا ڪيائين.

اهو ڄاڻڻ گهرجي ته سيد رضي ان دار العلم کي بغداد جي مدرسه نظاميه (جيڪو نظام الملڪ طوسي سال 457 هجري قمري ۾ حڪومت جي وڏي بجيٽ جي ٽيڪ تي کوليو هو) کان ڪيترا ئي سال پهريان وجود ۾ آندو يعني نظام الملڪ طوسي، سيد رضي جي دار العلم وجود ۾ اچڻ کان اسي سال پوءِ مدرسه نظاميه جو بنياد وڌو.

نفس مطمئنه جو مالڪ

سيد رضي هڪ تربيت يافته ۽ نيڪ انسان هو جيڪو ماڻهن جي عظمت کي انهن جي اعلى انساني اقدار ۽ معنوي ڪمن تي توجهه ڪرڻ ۾ ڏسندو هو، تنهن ڪري سڄي زندگي اعتدال، ميانه روي ۽ پسنديده طريقي سان گذاريائين، ڇو جو قناعت ڪندڙ نفس جو مالڪ هو ۽ محتاجي واري زندگي کان آجو رهي حقيقي زندگي گذاريائين، ڪڏهن به ٻين ۾ لالچ نه رکيائين، ان ڪري هر هنڌ سندس بلند همت ۽ روحي اطمينان جي هاڪ هئي، سيد رضي جي اخلاقي خصوصيتن بابت ڪيترائي قصا نقل ڪيا ويا آهن جن مان هڪ کي هتي ذڪر ڪريون ٿا.

بهاءُ الدين جي وزير، ابو محمد مهلبي کان نقل ڪيو اٿن ته هن چيو: هڪ ڏينهن مون کي خبر پئي ته سيد رضي تي خدا جو ڪرم ٿيو آهي ۽ سندس گهر ۾ پٽ جي ولادت ٿي آهي، مون ان موقعي کي غنيمت سمجهندي چاهيو ته ان بهاني سان کيس صلو ۽ هديو ڏيان، غلامن کي حڪم ڪيم، هڪ ٿالهه آندائون جنهن ۾ ٻه هزار دينار رکي ان خوشي جي موقعي تي سيد رضي ڏانهن تحفي طور موڪليا، سيد رضي اهو تحفو قبول نه ڪيو ۽ پيغام موڪليائين ته وزيرن کي خبر هجڻ گهرجي ته آءُ ڪنهن جو به صلو ۽ تحفو قبول نه ڪندو آهيان.

ان اميد سان ته متان منهنجي اصرار جو اثر ٿئي، ٻيهر دينارن سان ڀريل ٿالهه ڏانهس موڪليم ۽ چيم ته هيءُ معمولي تحفو قبول ڪريو ۽ داين جي حوالي ڪريو، سيد ٻيهر ٿالهه واپس ڪيو ۽ جواب ڏنائين ته دايون اوپريون نه آهن، اهي اسان جون مائٽاڻيون آهن ۽ ڪا شي قبول نه ٿيون ڪن ۽ اسان جي اها رسم نه آهي ته اسان وٽ اوپرا ماڻهو ايندا ويندا هجن. ٽيون ڀيرو ڏانهنس ٿالهه موڪليم ۽ چيم: هاڻي جيڪڏهن اوهان قبول نه ٿا ڪريو ته پاڻ وٽ پڙهندڙ شاگردن ۾ تقسيم ڪريو، جيئن ئي ٿالهه آندائون پاڻ شاگردن جي سامهون رکي چيائون: شاگردو هي دينار حاضر آهن جنهن کي به پئسن جي ضرورت هجي اهو ان ٿالهه مان کڻي وٺي، ان مهل انهن منجهان هڪ شاگرد اٿيو جنهن هڪ دينار کان به گهٽ رقم کنئي جڏهن ته ٻئي ڪنهن به، ڪجهه به نه کنيو. سيد رضي کانئس پڇيو ته ڇو ايتري گهٽ مقدار ۾ پئسا کنيا اٿئي؟ ان جواب ڏنو ته گذريل رات خادم نه هو مون چراغ لاءِ اوڌر تي تيل ورتو هو، اوڌر لاهڻ لاءِ اها رقم کنئي آهي، سيد رضي جيئن ئي ان طالبعلم جي ڳالهه ٻڌي، سڀني طالبعلمن لاءِ اسٽور روم جي الڳ چاٻي ٺهرائڻ جو حڪم ڏنو ته جيئن اڳتي طالبعلم، ضرورت مهل خادم جو انتظار ڪرڻ بغير اسٽور روم مان شيون کڻي سگهن.

سيد رضي جواني ۾ ئي خدا جي آيتن جي تفسير شروع ڪئي، قرآن سان عشق ۽ محبت جي ابتدا سندس ننڍپڻ کان ئي ٿي چڪي هئي، قرآن حفظ ڪرڻ کان پوءِ الله جي نوراني آيتن بابت لکڻ لاءِ قلم هٿ ۾ کنيائون، ان خلوص ڀري ڪوشش جو نتيجو ٽن ڪتابن جي صورت ۾ ايندڙ نسلن لاءِ تحفي طور ڇڏيائون، جيڪي هي آهن 1_ تلخيص البيان عن مجازات القرآن 2_ حقائق التاويل في متشابه التنزيل 3_ معاني القرآن. سندس ٻين تاليفن ۾ خصائص الائمه، نهج البلاغه، الزيادات في شعر ابي تمام، تعليق خلاف الفقهاء، ڪتاب مجازات آثار النبويه، تعليقه بر ايضاح ابي علي، الجيد من شعر ابي الحجاج، زيادات في شعر ابي الحجاج، مختار شعر ابي اسحاق الصابي، کتاب ما دار بينه و بين ابي اسحاق من الرسائل ۽ ديوان اشعار شامل آهن.

عظيم ڪارنامو

جيڪو ڏينهن پئي گذريو، سيد رضي پنهنجي توانا هٿن سان اسلام جي تابناڪ تاريخ ۾ هڪ سُنهري ورق جو اضافو پئي ڪيو، پنهنجي وسيع فڪر ۽ روان قلم جي ذريعي وڏيون خدمتون انجام پئي ڏنيون، قرآن جي تفسير ڪرڻ سان گڏ فقهي احڪام کي تحرير ڪيائين، پنهنجي وڏن قصيدن ۽ بهترين شاعري ذريعي اسلامي معارف جي رحمت پئي وسايائين ۽ ديني، سياسي ۽ اجتماعي ڏکيون ذميواريون پئي سنڀاليائين، انهن سڀني ڪمن جي باوجود پاڻ کي نامڪمل پئي محسوس ڪيائين ۽ هڪ گهٽتائي جو احساس پئي ڪيائين، ڄڻ ته ڪنهن ٻي ذميوري لاءِ کيس پيدا ڪيو ويو هو جيڪا انهن سڀني کان وڌيڪ اهميت واري هئي.

سيد رضي ان وقت وجود ۾ ايندڙ آزاد فضا کان ڀرپور فائدو حاصل ڪيو، تنهن ڪري شيعيت جي حقيقي تعارف سان گڏ واقعي اسلام جو ماڻهن کي تعارف پئي ڪرايائين، کيس چڱي ريت ڄاڻ هئي ته امامت کان سواءِ رسالت اڌوري آهي. علم جو شهر، رسول اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم، مولا علي عليه السلام کان بغير هڪ بي دروازا شهر ٿو رهجي وڃي ۽ قرآن مجيد معصوم کان بغير بي تفسير رهجي ٿو وڃي تنهن ڪري ميدان ۾ اچي اهڙو ڪم انجام ڏجي جيڪو پهريان ڪنهن انجام نه ڏنو هجي ۽ ان خدائي فڪر سان سيد رضي هڪ عظيم ڪم جي شروعات ڪئي ۽ امير المومنين جي عظمت ڀرئي نوراني ڪلام کي گڏ ڪري نهج البلاغه جو روپ ڏئي حق جي ڳولها ڪندڙن کي هديو ڪيائين، جنهن اڄ تائين سيد رضي کي زندهه رکيو آهي، حقيقت اها آهي ته سيد رضي پهريون عالم آهي جنهن امير المومنين جا بلاغت ۽ حڪمت ڀريا خطبا گڏ ڪري نهج البلاغه کي وجود ۾ آندو.

سيد رضي وڏي علمي رتبي ۽ عظيم اخلاقي فضيلتن سبب پاڻ کي ان منزل تي پهچايو جو ڄڻ ٻين کان گوءِ کٽي ويو ايسيتائين جو عام ۽ خاص، دوست ۽ دشمن، عالم توڙي عام ماڻهو سڀ کيس احترام جي نگاهه سان ڏسندا هئا ۽ سندس تعريف ڪندا هئا.

اهل سنت جي دانشورن جي نظر ۾

اهل سنت جا برک عالم سيد رضي جي بيحد عظمت جو اعتراف ڪندڙ آهن انهن جون ڳالهيون قابل توجهه آهن.

عبدالملڪ ثعالبي، سيد رضي جي زماني جو شاعر پنهنجي ادبي ۽ تحقيقي ڪتاب ”يتيمة الدهر“ ۾سيد رضي جي تعريف ڪندي لکي ٿو : اڃا ڏهن سالن جو مس ٿيو هو جو شاعري شروع ڪيائين ۽ اڄ اسان جي دور جي شاعرن جو سرتاج، عراق جي سرزمين جو پاڪيزهه سردار، نسبي شرافت، حسبي افتخار، روشن ادب ، بي پناهه فضيلت ۽ سڀني خوبين جو مالڪ آهي.

خطيب بغدادي پنهنجي ڪتاب ”تاريخ بغداد“ ۾ لکي ٿو : سيد رضي معاني قرآن جي متعلق اهڙا ڪتاب لکيا آهن جن جهڙا ڪتاب تمام گهٽ پاتا وڃن ٿا.

جمال الدين ابي المحاسن يوسف بن تغري يزدي اتابڪي پنهنجي ڪتاب ”النجوم الظاهره في ملوڪ مصر والقاهره“ ۾ لکي ٿو: سيد رضي موسوي احڪام، فقهه، لغت، نحو ۽ فصيح شاعري جو ڄاڻو، اعليٰ همت جو مالڪ ۽ ديندار هو، سيد رضي ، سندس پيءُ ۽ ڀاءُ شيعن جا اڳواڻ هئا.

ويلَ نه وڃڻ جي

ان ڏينهن بغداد شهر غم جو روپ ڌاري ورتو هو، ڪنهن کي يقين ئي نه پئي آيو اهڙو ڏک وارو ماحول جڙي ويندو ۽ 47 سالن جي عمر ۾ سيد رضي انهن کان موڪلائي مالڪ حقيقي جو مهمان ٿيندو. اهو سن 406 هجري جو محرم جو مهينو هو جنهن ۾ سيد رضي عالم تشيع کي سوڳوار بڻايو، لکيو اٿن ته علم، تقوا ۽ سياست جو مجسمو سيد مرتضيٰ پنهنجي ڀاءُ جي اوچتي وڇوڙي کان ايترو متاثر ٿيو جو ان جي جنازي کي ڏسڻ جي سگهه ساري نه سگهيو ۽ انتهائي ڏک جي حالت ۾ امام محمد تقي ۽ امام موسى ڪاظم عليهما السلام جي حرم ۾ وڃي پناهه ورتائين، ماڻهن جو وڏو انگ سندس تشييع جنازي ۾ شريڪ هو ۽ فخرالملڪ وزير مٿس نماز جنازھ پڙهائي ۽ پاڪ پيڪر کي سندس گهر ۾ دفن ڪيو ويو.

 

حوالو: ڪتاب گلشن ابرار مان ورتل

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found