اربع, 24 اپريل 2019 - Wed 04 24 2019

منو

شهيد آيت الله مرتضى مطهري قدس سره

تحرير: افتخار علي سولنگي

شهيد آيت الله مرتضى مطهري قدس سره هجري شمسي (ايراني) سال مطابق 13 بهمن 1298 تي مشهد جي فريمان نالي محلي ۾ پيدا ٿيا. پاڻ ابتدائي تعليم کانپوءِ 12 سالن جي ڄمار ۾ حوزه علميه مشهد مقدس ۾ حوزوي تعليم شروع ڪيائون ۽ اتي ئي مقدماتي (ابتدائي) تعليم حاصل ڪيائون.

1316 هه. ش تي پنهنجي تعليم کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ حوزه علميه قم ڏانهن راهي ٿيا ۽ آيت الله بروجردي، امام خميني، علامه طباطبائي ۽ محقق داماد جهڙين شخصيتن وٽ حقيقي نور علم کي حاصل ڪرڻ شروع ڪيائون. 1331 هه. ش تي تهران شهر ڏانهن هجرت ڪيائون ۽ تدريس، مجلسون ۽ پنهنجي تحقيق شروع ڪيائون. آيت الله مطهري جي سڀ کان وڏي خدمت، اصلي نظرياتي اسلام کي پنهنجي درسن، مجلسن ۽ ڪتابن جي شڪل ۾ پيش ڪرڻ هيو. پاڻ ڪيترن ئي موضوعن ڪتاب لکيائون جن ۾ فلسفو، تفسير، اخلاق، عقائد ۽ ٻيا موضوع شامل آهن جيڪي هن وقت مجموعه آثار شهيد مطهري (فارسي) جي نالي سان 28 جلدن تائين ڇپجي چڪا آهن. انهن پنهنجو سڄو وقت امام خميني جي انقلاب اسلامي تحريڪ لاِ وقف ڪري ڇڏيو هيو. امام خميني انقلاب جي اهم مسئلن ۾ انهن سان مشورو ڪندا هئا ۽ امام خمينيءَ جا مورد اطمينان شخص هئا. امام خمينيءَ جي پئرس کان واپسي مهل امام خميني جي استقبال ڪاميٽيءَ جي ذميواري سندن هٿن ۾ هئي. آخري وقت تائين اسلام ۽ انقلاب اسلامي جي لاءِ پنهنجي جدجهد جاري رکيائون ايسيتائين جو فرقان نالي انقلاب مخالف ٽولي جي هٿان 11 ارديبهشت 1358 هه. ش تي شهادت جو جام پيتائون، سندن قبر قم شهر ۾ حضرت معصومه سلام الله عليها جي حرم ۾ بالاي سَر نالي مقام تي آهي.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found