اڱارو, 25 جون 2019 - Tue 06 25 2019

منو

آيت الله عبد الله جوادي آمُلي دامت برڪاته

تحرير: افتخار علي سولنگي

آيت الله عبد الله جوادي آمُلي دام ظله سال 1312 هه.ش ۾ آمُل شهر ۾ پيدا ٿيا. 1326 هه.ش تي پنهنجي والد ۽ ٻين جي مشوري سان حوزه علميه ۾ قدم رکيائون ۽ 1329 هه.ش تائين اتي تعليم حاصل ڪيائون جنهن کانپوءِ تهران جي مروي مدرسي ۾ رسائل، مڪاسب ۽ ڪفايه پڙهيائون ۽ 5 سالن جي تعليم کانپوءِ آيت الله حاج محمد تقي آمُلي جي اجازت سان 1334هه.ش ۾ حوزه علميه قم ۾ آيا ۽ آيت الله بروجردي، امام خميني، علامه طباطبائي، محقق داماد ۽ مرزا هاشم آملي جهڙن بزرگن وٽان ڪسب فيض ڪيائون. هن وقت قم المقدسه جي مجتهدن ۽ عرفاء الاهي ۾ هڪ نالو آيت لله جوادي آمُلي جو به آهي. انقلاب اسلامي ۾ پاڻ تمام گھڻي ڪوشش ڪيائون. پاڻ ڪيترن ئي موضوعن جيئن عرفان، فقه، اصول، اخلاق، تفسير موضوعي ۽ فلسفي تي ڪتاب لکي چڪا آهن هن وقت تسنيم جي نالي سان قرآن پاڪ جي هڪ تفسير لکي رهيا آهن جنهن جا 27 جلد ڇپجي چڪا آهن ۽ اڃان هلندڙ آهي.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found