اڱارو, 16 جولاءِ 2019 - Tue 07 16 2019

منو

سورت عبس

ٽوٽل آيتون: 42

الله وڏي مهربان نهايت رحم واري جي نالي سان شروع

  1. ان (رڳو) ايتري ڳالھ تي منهن ۾ گهنڊ وڌو ۽ منهن موڙيائين.

  2. ان ڪري جو وٽس انڌو آيو.

  3. ۽ تو کي ڪهڙي خبر جو هو سيکارڻ سان پاڪيزگي حاصل ڪري ها.

  4. يا اهو نصيحت ٻڌي ها ته کيس اها نصيحت فائدو ڪري ها.

  5. پر جو بي پرواهي ڪري ٿو.

  6. ته تون ان جو خيال ڪرين ٿو.

  7. (۽ پر) جيڪڏهن اهو نه سڌري ته تون ذميوار نه آهين.

  8. ۽ جو تو وٽ ڊوڙندو اچي ٿو،

  9. ۽ هو خدا کان ڊڄي ٿو،

  10. ته تون ان کان بي رخي ڪرين ٿو.

  11. خبردار! هي (قرآن جون آيتون ته سراسر نصيحت آهن.

  12. پوءِ جيڪو گهري سو ان کي ياد رکي.

  13. (لوح محفوظ جي) تمام احترام وارن ورقن ۾ (لکيل) آهي.

  14. جي بلند شان وارو (غلطين کان) پاڪ آهن.

  15. اهڙن لکڻ وارن جي هٿن ۾ آهن،

  16. جي بزرگ خوبين وارا آهن.

  17. آدمي تي مار پوي اهو ڪهڙو نه ناشڪرو آهي.

  18. (خدا) کيس ڪهڙي شي مان پيدا ڪيو؟

  19. نطفي مان کيس پيدا ڪيو اٿس پوءِ سندس اندزو مقرر ڪيائين.

  20. وري سندس راھ آسان ڪيائين،

  21. وري ان کي موت ڏنو اٿس پوءِ قبر ۾ دفن ٿيڻ وارو ڪيو اٿس.

  22. وري جڏهن (خدا) گهرندو ان کي ٻيهر جياريندو.

  23. در اصل خدا جو کيس حڪم ڏنو تنهن کي هن پورو نه ڪيو.

  24. پوءِ آدمي کي پنهنجي کاڌي ڏي نظر ڪرڻ گهرجي.

  25. ته اسان ئي (ڪڪرن مان) پاڻي وسايو.

  26. وري اسان زمين کي چيريو ۽ ان مان ڦوٽهڙو ڪيو.

  27. وري اسان ان ۾ اناج پيدا ڪيو.

  28. ۽ ڊاک ۽ ڀاڄيون،

  29. ۽ زيتون ۽ کجور

  30. ۽ گهاٽا گهاٽا باغ ۽ ميوا،

  31. ۽ ميوو ۽ چارو،

  32. اوهان ۽ اوهان جي وهٽن جي فائدي لاءِ،

  33. پوءِ جڏهن ڪنن جا پردا ڦاڙڻ واري دانهن ٿيندي.

  34. ان ڏينهن سڀ ڪو ماڻهو ڀڄندو پنهنجي ڀاءُ کان،

  35. ۽ پنهنجي ماءُ ۽ پنهنجي پيءُ،

  36. ۽ پنهنجي زال ۽ پنهنجي اولاد کان.

  37. ان ڏينهن، ان مان سڀ ڪنهن ماڻهو جو اهڙو حال هوندو جو ان جي (رڌل هجڻ) لاءِ بس هوندو،

  38. ڪيترا منهن ته ان ڏينهن چمڪندڙ،

  39. (۽) کلندڙ خوش هوندا.

  40. ۽ ڪي منهن اهڙا هوندا جن تي ان ڏينهن ڌوڙ (پئي وسندي) هوندي.

  41. جن تي ڪارنهن ڇانيل هوندي.

  42. اهي ئي ڪافر بدڪار آهن.

Leave your comments

0
terms and condition.
  • No comments found